ڪتاب سٺو ساٿي / ڪتاب پڙهڻ مان فائدا



جارج برنارڊشا جو قول آهي ته:

ٻه ڀيرا دنيا جي سير ۽ سفر کان پوءِ اهو احساس ٿيم ته مون اهو سڄو وقت ضايع ڪيو. ان کان بهتر اهو هو ته لئبريري ۾ ويهي ڪتاب پڙهان ها ته ان سفر کان هزار دفعا زياده علم ۽ تجربو حاصل ڪريان ها!
  
انسان جيئن ته سماجي زندگي گذارڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهي. ڪنهن جي ڪنهن نه ڪنهن سان ياري دوستي، قرب ۽ پيار رهي ٿو. انسان، انسان جو سٺو دوست به رهي سگهي ٿو، پر اڄ ڪلهه هڪ انسان جي ٻئي انسان سان دوستي غرض واري آهي. اهي دوست ڪنهن به وقت ڇڏي سگهن ٿا. دوست ڪڏهن نه ڪڏهن دوکو ڏئي سگهي ٿو. دوست هميشه ساٿ ڏئي نٿو سگهي. پر هڪ ڪتاب انسان جو اهڙو ساٿي آهي جو اهو ڪڏهن به ساٿ نٿو ڇڏي.

ڪتاب علم جو وندرائيندڙ هٿيار آهي، جو صرف امن ۽ پيار جي علامت آهي. ڪتاب جنگ، دشمني، وير، ڪروڌ، هٺ ۽ وڏائي کان پرهيز ڪندڙ هٿيار آهي.

ڪتاب علم جي ڪهڙي به شاخ جهڙوڪ:

شاعري، ناول، مضمون، ڪهاڻي، افسانو، قصو، داستان، لوڪ ادب يا ڪتاب سماجي، سياسي، معاشرتي، معاشي، اخلاقي، تاريخي، روماني، معلوماتي، مطلب ته علم جي ڪنهن به شاخ جو گل هجي ته انسان کي پنهنجي سرهاڻ سان واسي ڇڏي ٿو.

ڪتاب جو ساٿ انسان لاءِ وڏو ڏڍ آهي. انسان ڪيڏو به ڏک ۽ پيڙا منجهه هجي، پر سٺي ڪتاب پڙهڻ سان سندس سڀ ڏک ۽ پيڙائون کيس وسريو وڃن.

عورت جيئن ته ڪائنات جي حسين ترين تخليق آهي، تيئن ڪتاب جي حسين ترين تخليق آهي. انسان جڏهن ڪتابي حقيقتن کان آگاهه ٿئي ٿو ته ڪائنات جي حسن جو رنگ سندس سيني کي سرور بخشي ٿو.

ڪتاب بي بها خزانو آهي. ڪتابن ۾ ٻارن لاءِ خوشي ۽ راحت آهي. ڪتاب ۾ جوان لاءِ ترقيءَ جو راز آهي. ڪتاب بالغ لاءِ رهبر آهي. ڪتابَ پوڙهي لاءِ وندر آهن. ڪتابَ قوم لاءِ فخر ۽ شان آهن.

Comments

You May Like

You May Like

WhatsApp

Archive

Show more