تنوير عباسي



تنوير عباسيءَ جو اصل نالو نور نبي عباسي ھو. سندس والد جو نالو گل حسن آھي. سندس جنم 7 ڊسمبر 1934ع  تي سوڀي ديري ضلعي خيرپور ۾ ٿيو. پاڻ پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر ھو. تنوير عباسي بنيادي طور تي شاعر ھو ۽ سندس شاعريءَ جا چار مجموعا شايع ٿيل آھن. تنوير عباسي ساڳئي وقت ھڪ سٺو محقق پڻ ھو. خاص ڪري ”شاھ لطيف“ جي شاعريءَ تي ڪيل تحقيق ساراھ جوڳي آھي. تنوير عباسي ادبي دنيا ۾ ھڪ معروف شخصيت رھي آھي. سندس وفات اسلام آباد ۾ تاريخ 25 نومبر 1998ع تي ٿي.

تنوير عباسي چوي ٿو ته:

ھرڪا دل ھيرن جي کاڻ
ھرڪو ماڻھو موتيءَ داڻو
ھرڪا دل ھيرن جي کاڻ
ڄاڻي ڏس ته سھي اڻ ڄاڻ

ھر ھڪ انسان موتيءَ جو داڻو آھي ۽ ھر ماڻھوءَ جي دل ھيرن جي کاڻ آھي. اي بي سمجھ انسان اھو راز ڄاڻي ته ڏس!

تنوير عباسي چوي ٿو ته:

ھرڪا دل درياء ٿو جنهن ۾ ڇوليون ماري پيار،
ھرڪو سينو سمنڊ تري ۾ جنهن ۾ ڪئي اسرار،
ھرڪو من مکڻ جو چاڻو ھر چھرو آھي چانڊاڻ،
ھرڪو ماڻھو موتيءَ داڻو، ھرڪا دل ھيرن جي کاڻ

ھر ھڪ انسان جي دل درياء آھي، جنهن ۾ پيار ڇوليون ھڻي رھيو آھي. ھر ھڪ ماڻھو جو سينو سمنڊ جي تري وانگر آھي، جنهن ۾ ڪئي ڀيد ۽ راز آھن. ھر ھڪ ماڻھوءَ جو من مکڻ جو چاڻو آھي ۽ ھرھڪ ماڻھو جي منهن ۾ نور چانڊاڻ وانگر چمڪي رھيو آھي. ھرھڪ انسان موتيءَ جو داڻو آھي ۽ ھر ماڻھوءَ جي دل ھيرن جي کاڻ آھي.

تنوير عباسي چوي ٿو ته:

ويجھو ويجھو واجھائي ڏس ماڻھوءَ جو من ڇاھ،
سنگھي ته ڏس تون خوشبو ان جي سرھو آھر ساھ،
گھڙيءَ جي لئه جو گل ساماڻو آھي امر ان جي سرھاڻ،
ھرڪو ماڻھو موتيءَ داڻو ھرڪا دل ھيرن جي کاڻ.

اي انسان تون بلڪل ويجھڙو ٿي ماڻھوءَ کي ڏس ته ھن جي دل ۾ ڇا آھي ۽ سنگھي ته ڏس ان جي خوشبو ته ھرڪو ساھ ڪيترو سرھو (خوش) آھي، جيڪو گل گھڙي لاءِ ساماڻو آھي، پر يقيناً ھن ۾ سرھاڻ ۽ خوشبو ھوندي آھي ھر ھڪ انسان موتيءَ جو داڻو آھي ۽ ھر ماڻھوءَ جي دل ھيرن جي کاڻ آھي.

تنوير عباسي چوي ٿو ته:

ڪنهن جي جيءَ ۾ جھاتي پائي آھي ڏٺو تو ڪون،
ٻاھر جيڪو ڪارو ڪوجھو اندر سارو سون،
جو ڏک جي کوري ۾ کاڻو سوئي ساٿ ڌڻي سرواڻ،
ھرڪو ماڻھو موتيءَ داڻو ھرڪا دل ھيرن جي کاڻ.

اي انسان تو ڪنهن به ماڻھو جي دل اندر جھاتي پائي ڪونه ڏٺو آھي، توکي جيڪو ظاھر ۾ ڪارو ۽ بدشڪل ماڻھو نظر اچي ٿو حقيقت ۾ اھو سڄو سون آھي. جيڪو انسان ڏکن ۽ ڏوجھرن جي آڙاھ ۾ سڙي رھيو آھي، اھو حقيقت ۾ ساٿ ڌڻي سردار آھي. ھرھڪ انسان موتيءَ جو داڻو آھي ۽ ھر ماڻھوءَ جي دل ھيرن جي کاڻ آھي.

تنوير عباسي چوي ٿو ته:

پارس ٿي تون پھرين پوءِ ڇھي ڏس ڪنهن جي آس،
لوھ لوھ ۾ سون ٿيڻ جي آھي ڪيڏي پياس،
ھرڪو روح وتي ويڳاڻو ڪنهن اڻ ڄاتي امرت ڪاڻ،
ھرڪو ماڻھو موتيءَ داڻو ھر ڪا دل ھيرن جي کاڻ.
ڄاڻي ڏس ته سھي اڻ ڄاڻ!

تون پھرين پارس ٿي يعني صحيح انسان ٿي پوءِ ڪنهن جي  نبض تي ھٿ رکي ڏس ته لوھ کي سون ٿيڻ جي ڪيڏي نه اڃ آھي يعني بڇڙي ۾ بڇڙو ماڻھو به صحيح انسان ٿيڻ لاءِ ڪيڏو نه بيتاب ۽ بي چين آھي. ھر ھڪ روح پريشان ۽ اداس آھي ۽ اميد رکي ويٺو آھي ته ڪو الله وارو ھجي جو کيس فائدو ڏئي ۽ کيس ڪنهن صحيح رستي تي لڳائي! ھر ھڪ انسان موتيءَ جو داڻو آھي ۽ ھر ماڻھوءَ جي دل ھيرن جي کاڻ آھي. اي بي سمجھ انسان اھو راز ڄاڻي ته ڏس!

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت