اڄ اسڪول جي سڀني استادن ۽ شاگردن ڪلفٽن
جي سير ڪرڻ جو پروگروم بنايو. پروگرام موجب سڀ شاگرد ۽ استاد مقرر وقت تي اسڪول پهچي
ويا. هڪ عاليشان بس اسڪول جي انتظاميه طرفان ملي. کاڌي پيتي جو سڀ سامان، پاڻي ۽
برف وغيره ڪولرن ۾ ڀري بس ۾ رکيا ويا. صبح جو اڃا مس اٺ ٿيا هئا. اسان جو قافلو
روانو ٿيو. صبح جو وقت، بهار جي موسم جي ٿڌڙي هير پئي لڳي، سڀ شاگرد ۽ استاد خوشيءَ
۾ نه پئي ماپيا. شاگرد ته بس ۾ کل ڀوڳ ۽ چرچن ۽ مسخري ۾ مشغول ٿي ويا ڪن وري گانا
پئي ڳايا.
اسان جي بس ڪراچيءَ جي ڪشادن روڊن تان ۽
فلڪ بوس عمارتن جي وچان هلي رهي هئي. اوچتو رڙ ٿي ته چيائون ته (حادثو ٿيو آهي) هڪ
هيروئني وچ روڊ تي ڪنهن گاڏيءَ هيٺان اچي چيڀاٽجي مري ويو هو. ماڻهن جا حشام اچي
مِڙيا. اسان به سرسري نظر ڊوڙائي اڳ تي هلياسين. تان جو اچي ڪلفٽن پهتاسين، بس مان
لهي سڀ گهمڻ لڳاسين. شاگرد سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ پاڻ وندرائڻ لڳا. استاد سندن رهبري
ڪري رهيا هئا، جيئن اندر وڏي اونهي پاڻي ۾ نه وڃن. ڪي شاگرد وري اٺن ۽ گهوڙن تي
سواري ڪرڻ لڳا ۽ ڪي وري پينگهن تي چڙهي لڏڻ لڳا.
اسين استاد به قدرت جي هن عجيب منظر مان
لطف حاصل ڪري رهيا هئاسين. سمنڊ ۾ پري کان ڪي آگبوٽ ۽ ٻيڙيون هلندا پئي نظر آيا.
سمنڊ جي وچ ۾ جبلن جو نظارو به واه جو عجيب پئي ڏسڻ ۾ آيو. ڪن ماڻهن دوربينيءَ سان
انهن جو منظر پئي ڏٺو. سمنڊ جي وسيع ڪناري تي ماڻهن جي ميڙ جو اڻ کُٽ سلسلو پئي
نظر آيو. ڪي ٽولين جي شڪل ۾ گهمي رهيا هئا ته ڪي وري فراسيون وڇائي لائوڊ اسپيڪر
وڄائي گانا ٻڌي رهيا هئا. ڪي وري سمنڊ جي اندر وڏي پاڻي ۾ وهنجني رهيا هئا.
سمنڊ جي ڪناري تي گهورڙيا کاڌي پيتي جو
سامان وڪرو ڪري رهيا هئا. سمنڊ جي سپين ۽ ڪوڏن مان ٺهيل عجيب رانديڪا پئي وڪيائون.
اسان جي شاگردن به ڪافي اهي رانديڪا خريد ڪيا. پوءِ وري مڇي گهر ڏسڻ وياسين، جتي
شيشن جي وڏن ڪيسن ۾ جيئريون، رنگارنگي، خوشنما مڇيون رکيل هيون. مڇي گهر ڏسي
شاگردن ڪافي خوشي ۽ معلومات حاصل ڪئي. ايتري ۾ کاڌي جو وقت به ٿي ويو. سڀني آندل
کاڌي جو سامان فراسين تي ويهي کاڌو. پوءِ سڀ وري پنهنجن گهرن ڏانهن موٽياسين.
Comments
Post a Comment