قومي هيرو (قائداعظم محمد علي جناح)


باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح 25 ڊسمبر 1876ع تي ڪراچي جي علائقي کارا در ۾ ڄائو . سندس وڏا اصل ڪاٺياواڙ جي شهر راجڪوٽ جا رهاڪو هئا. جتان واپار سانگي، ڪراچيءَ ۾ اچي آباد ٿيا. قائداعظم جو والد پونجا هڪ وچولي درجي جو واپاري هو.

محمد علي جناح ابتدائي تعليم سنڌ مدرسي ۾ حاصل ڪئي. سي . ايم . ايس اسڪول مان ميٽرڪ پاس ڪيائين. هو ننڍي هوندي ئي ڏاڍو ذهين هو ۽ کيس پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. انهيءَ ڪري کيس اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ولايت موڪليو ويو، جتان بار  ـ ايٽ  ـ لا جو امتحان پاس ڪري موٽي ڪراچيءَ ۾ اچي وڪالت ڪرڻ لڳو. ڪراچيءَ کان پوءِ ممبئي ويو ۽ اتي پڻ وڪالت ڪندو رهيو. هو پنهنجي ايمانداري، جا نفشاني ۽ مستقل مزاجي ڪري ماڻهن ۾ مقبول ٿيڻ لڳو ۽ پنهنجي محنت ۽ مشقت سان جلد وڃي چٽن وڪيلن ۾ شمار ٿيو.

انهيءَ دور ۾ هندستان تي انگريزن جي حڪومت هئي، جنهن ڪري مسلمانن سان ڏاڍايون حد کان زياده ٿيڻ لڳيون ۽ سندن حق غضب ٿيڻ لڳا، جيڪي هن همدرد انسان اکين سان پئي ڏٺا ۽ آخر جهٻو اچي ويس پوءِ ته سياسي ميدان ۾ ڪڏي پيو. اهڙيون حالتون ڏسي هن کي پڪ ٿي ته هندو مسلمانن سان ڪڏهن به سچا ٿي نه رهندا. انهيءَ ڪري مسلمانن لاءِ جدا رياست جو مطالبو ڪيائين.

سندس انهيءَ تحريڪ مسلم ليگ جو بنياد وڌو. رات ڏينهن جي لڳاتار جدوجهد ۽ جاکوڙ ڪندي 14 آگسٽ 1947ع تي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيو ۽ پاڪستان جو پايو وڌائين. پاڻ 11 سيپٽمبر 1948ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس مزار ڪراچي ۾ آهي.

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت