هي سنڌيءَ جو هڪ مشهور پهاڪو آهي. (ٻه ته
ٻارهن) يعني ٻن طاقتن جو پاڻ ۾ ٻڌي يا اتحاد ٿئي ٿو، تڏهن هڪ اهڙي طاقت بنجي ٿي جو
اهي ٻه طاقتون ڄڻڪ ٻارهن آهن. مطلب ته هن پهاڪي جو نچوڙ ٻڌي يا اتحاد آهي.
اتحاد هڪ اهڙي طاقت آهي، جنهن سان هڪ
ناممڪن ڳالهه به ممڪن بنجي سگهي ٿي. اتحاد جي طاقت سان دنيا ۾ اهڙا انقلاب وجود ۾ آيا
آهن، جنهن کي ڏسي ڏندين آڱريون اچيو وڃن. دنيا ۾ اهڙو ڪو مشڪل ڪم ئي نه آهي، جو
اتحاد سان به نه ٿيو هجي. ڪنهن به مشڪل ڪم کي هڪ ماڻهو اهڙي طرح مڪمل ڪري نه سگهندو،
جهڙي طرح گهڻن ماڻهن جي اتحاد ڪري پورو ٿيندو. دنيا ۾ اتحاد کان سواءِ ڪوبه ڪم
مڪمل ٿي نه ٿو سگهي.
الله تعاليٰ پاڻ (وحده لا شريڪ) آهي، پر
سندس قدرت جو اصل اصول ٻه ته ٻارنهن آهي. سڄي ڪائنات ۾ نظر ڦيرائي ڏسبو ته، معلوم
ٿيندو، ته هر شيءِ ۾ ٻن جو حساب رکيل آهي. اکيون ٻه، ڪن ٻه، پير ٻه، هٿ ٻه، مطلب ته
ڪائنات جي هر شيءِ ۾ ٻن جو حساب رکيل آهي. گاڏي، جيڪا هيترو سارو وزن کڻي ٿي، سا به
ٻن ڦيٿن جي سهاري هلندي آهي. ٻن هٿن جي ملائڻ کان سواءِ تاڙي به نه وڄندي آهي.
هڪ ڪاٺي سان معمولي جهوپڙي به بنجي نه
ٿي سگهي، مگر هزارن لکن سرن ۽ ڪاٺين جي اتحاد سان، عاليشان محلات بنجي سگهي ٿي.
پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو ڪابه طاقت نه ٿو رکي، پر لکن ڪروڙن پاڻي جي ڦڙن جي ميلاپ ڪري هڪ
درياء بنجي پوي ٿو، جو ٻين وزن وارين شين کي به پاڻ سان گهليو وڃي.
دنيا ۾ هميشه اها قوم زندهه ۽ خوشحال رهي
سگهي ٿي، جنهن م اتحاد آهي. جنهن قوم ۾ اتحاد نه آهي اها قوم دنيا ۾ ناڪام رهي ٿي
۽ سندس نالو نشان مٽجي وڃي ٿو. اتحاد ۾ برڪت آهي. گهڻن جي اتحاد ڪري ڇپر به کڄيو
وڃي. اسان پنهنجو پيارو وطن پاڪستان به اتحاد ۽ ايڪي جي وسيلي حاصل ڪيو. هاڻي ان
جي بقاء ۽ ترقيءَ جو مدار به اتحاد تي ئي آهي.
الله تعاليٰ قرآن پاڪ ۾ ارشاد فرمايو آهي
ته:
اي مسلمانو، الله جي رسي کي يعني اسلام
کي گڏجي مضبوطي سان پڪڙيو ۽ ٽولا ٽولا نه ٿيو.
انهيءَ ڪري سياڻن به چيو آهي ته هڪ
اڪيلو آهي ۽ ٻه ٻارنهن جي برابر آهن. ڪوبه ڪم اڪيلي لاءِ ڏکيو ٿيو پوي، پر گهڻن جي
مدد سان ڏکئي ۾ ڏکيو ڪم به جلد آسان ٿي پوندو آهي.
سنڌ ڌرتيءَ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف
ڀٽائي به پنهنجي ڪلام ۾ ايڪي ۽ اتحاد لاءِ فرمائي ٿو:
ولر ڪيو وطن
وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
پسو پکيئڙن
ماڻهائان ميٺ گهڻو.
پکي ڪيئن نه پاڻ ۾ ولر ڪيو آسمان جي
مٿانهين کان وٺي زمين جي مٿاڇري تائين پنهنجي ايڪي ۽ محبت جو اظهار ڪندا رهن ٿا، اهو
اتحاد ماڻهن جي ميٺ محبت کان به مٿانهون آهي.
مسلمانن جي تاريخ تي نظر وجهبي ته هو هميشه
ڌارين جي هٿان سازشن جو شڪار ٿيندا رهيا آهن. اهو انهيءَ ڪري جو مسلمانن، ايڪي ۽
اتحاد کي اندر مان ڪڍي، ڪفلت ۽ ڪيني کي پنهنجو ڪيو آهي. جنهن سبب اڄ به اسرائيل
مسلمانن کي موت ڏئي ويٺو آهي.
هڪ ننڍڙو ملڪ اسرائيل، مسلمان عرب دنيا
جي وچ ۾ ويٺو آهي، صرف انهيءَ ڪري جو اسان مسلمانن ۾ اتحاد ڪونهي، مذهب جو ٻڌايل
رستو ڇڏي چڪا آهيون. سنڌ ڌرتي جو مثال وٺون جيڪڏهن دودي ۽ چنيسر ۾ اتفاق هجي ها
شايد علاءُ الدين ڪڏهن به سنڌ ڌرتي تي قدم نه ڄمائي سگهي ها ۽ ڪامياب ٿئي ها. اهڙي
طرح ميرن ۾ اتفاق هجي ها ته انگريز ڪڏهين به پنهنجو تسلط قائم ڪري نه سگهن ها.
ان مان ظاهر ٿئي ٿو. قوم ۽ ملڪ جي تباهي
تڏهين ايندي آهي جڏهن انسان پنهنجو پاڻ مان ٻڌيءَ جهڙو عمدو اکر ڪڍي ڇڏيندو آهي. ته
پوءِ ان کي نااتفاقيءَ تي ڪافي شرمساري ٿيندي آهي. ماڻهو ته ڇڏيو پر پکي پکڻ ۽ جيت
جڻيو به ٻڌيءَ جي اصول تي عمل پيرا آهن. ڏسو، ماکيءَ جون مکيون، پاڻ ۾ اتحاد ڪري،
ڪٿان ڪٿان وڃي، گلن جو رس چوسي اچن ٿيون ۽ گڏجي هڪ مانارو ٺاهين ٿيون پوءِ ڪيتري نه
مٺي ماکي ٺهي پوي ٿي.
جيڪڏهن ڪنهن انسان کي پنهنجي طاقت جو
ڏيک ڪرڻو آهي ته اها طاقت اتحاد جي استحڪام، تخريب بدران تعميري عمل، نفرت بجاءِ
محبت ۽ جوش بدران هوش جي مضبوطيءَ لاءِ ڪم آڻڻ گهرجي، ائين ڪرڻ سان ئي ڪنهن انتشار
پسند ۽ تخريب جي قائل فرد يا طبقي کي محبت ۽ سوچ سمجهه سان قائل ڪري سگهجي ٿو.
قومي اتحاد لاءِ ضروري آهي ته اسان سڀ هڪ
ٻئي کي هڪ تسبيح جا داڻا سمجهون، ڪنهن به هڪ داڻي جي ٽٽڻ کي تسبيح جو اڻ مڪمل سمجهون،
ان سان ئي ملڪ ۽ قوم ترقي جون منزلون طئي ڪري سگهندي.
اسان کي کپي ته هر تعصب کان آجا ٿيون،
پنهنجي ذهن ۽ ضمير مطابق هلون، سڀني کي پنهنجو سمجهون. هر هڪ سان پيار ڪيون، ڪنهن
لاءِ به غلط نه سوچون، جيڪڏهن ايئن ڪيوسين ته اسان جي قوم ۽ اسان جو ملڪ اهم
فولادي قلعو ثابت ٿيندو جنهن کي اورانگهڻ جي ڪنهن کي به طاقت نه هوندي.
اچو ته عهد ڪيون ته سڀ قومي اتحاد قائم
ڪري ملڪ ۾ ترقي ۽ خوشحالي جا نوان باب لکنداسين ۽ پنهنجي ماڻهن جون جهوليون خوشين
سان ڀرينداسين.
Absolutely Right
ReplyDelete