Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

عورتن لاءِ علم ضروري آهي


سماج ۾ عورت ۽ مرد هڪ گاڏيءَ جا ٻه ڦيٿا آهن. اسان جو سڄو سماج انهن ٻن جي دم قدم سان هلي رهيو آهي. الله تعاليٰ ته فقط آدم کي خلقيو هو، پر پوءِ آدم جي ڪک مان بيبي حوا کي خلقيائين.

قديم دور ۾ عورت کي ڪابه اهميت نه ڏني ويندي هئي، بلڪ ڪو اهڙو به دور آيو جو عورت کي ڄمڻ شرط جيئرو دفنايو ويندو هو ۽ ان خوشيءَ ۾ ماڻهو گڏ ڪري خوشيون ملهايون وينديون هيون.

اسلام پهريون ڀيرو عورت کي سماج ۾ سندس جائز مقام ڏياريو آهي. رسول الله ﷺ عملي طور تي عورت جي عزت ۽ وقار جي تعليم ڏني آهي. عورت جي جتي ٻين ضرورتن جي پوئواري ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، اتي کيس تعليم جي زيور سان مالا مال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

عورتن جي باري ۾ راءِ آهي ته عورتن کي تعليم ڇا لاءِ پڙهايون. تعليم ته فقط روزگار جو ذريعو آهي. روزگار وري مرد جي ذمي آهي. حقيقت هيءَ آهي تعليم فقط روزگار جو ذريعو ناهي، بلڪ علم انسان کي اوندهه مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻي ٿو ۽ جنهن وٽ علم ناهي اهو هن دنيا ۾ نابينا مثل آهي ته پوءِ اسان پنهنجين نياڻين کي علم ڇو نه پڙهايون.

تعليم عورت کي سماجي آداب سيکاري ٿي. تعليم عورت کي سگهڙ زال بنائي ٿي، جنهن ڪري هوءَ پنهنجي گهر سٺي، سهڻي ۽ سلوڻي نموني هلائي سگهي ٿي، ان کان سواءِ اولاد جي صحيح پرورش ڪرڻ سيکاري ٿي ۽ پنهنجي مڙس جا صحيح حق ادا ڪرڻ سيکاري ٿي.

عورتن کي ماڊرن نه بنائڻ گهرجي پر وڪيل، ڊاڪٽر، استاد بنائڻ ۾ ڪوبه هرج ڪونهي، ڇو ته جيڪڏهن ڊاڪٽرياڻيون نه هونديون ته اسان عورتن جو علاج ڪنهن کان ڪرائينداسين. ان ڪري اسان کي گهرجي ته پٽن وانگر نياڻين کي تعليم ڏياريون.

جيڪڏهن اسان عورت کي عزت جي نظر سان ڏسون ۽ کيس علم پڙهايون ۽ سندس جائز حق ڏيون ته پهرين اسان جو گهر آباد ٿيندو. جڏهن گهر آباد هوندا ته ملڪ به آباد ٿي ويندو.

Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more