ميٺ، محبت، سڪون اهڙيون شيون آهن جن سان
انسان ذات جي فلاح ٿئي ٿي. فرد ترقي ڪري ٿو، قوم ترقي ڪري ٿي، خوشحالي ۽ قومي
تعمير ٿئي ٿي، امن ۽ سڪون سان انفرادي توڙي اجتمائي طور ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ تعمير
ٿئي ٿي، دنيا جي ترقي ۽ خوشحالي تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهندي، جڏهن قومن جي وچ ۾ امن ۽
سڪون وارو ماحول هجي، امن هڪ سٺي ۽ خوشحالي زندگي جي اهم ضرورت آهي، امن در اصل
پيار، محبت، ايڪي ۽ ڀائيچاري سان زندگي گذارڻ جو نالو آهي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو
خوف خطري جو عمل دخل نه هجي، ويڙهه، جهڳڙو، خونريزي حيواني عادتون آهن. انسان اهو
ڪاهل انسان آهي، جيڪو انهن جبلتن مان جان آجي ڪرائي ٿو.
دنيا جي تقريباً سڀني مذهبن پنهنجي
پيروڪارن کي امن ۽ سڪون سان رهڻ جو درس ڏنو آهي، ويڙهاند ۽ خون خرابي کان بچڻ جون هدايتون
ڏنيون آهن، اسلام هڪ عالمگير مذهب آهي ۽ پنهنجي اندر زندگي گذارڻ جو مڪمل ضابطه
حيات رکي ٿو. اسلام امن امان قائم رکڻ جي تلقين ڪري ٿو ۽ فتني فساد کان روڪي ٿو.
قرآن پاڪ ۾ واضح لفظن ۾ مفسد ماڻهن کان
لاتعلقيءَ جو اظهار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ فرمايو ويو آهي ته (جيڪي ماڻهو زمين تي
فساد پيدا ڪن ٿا اهي هرگز مومن نٿا ٿي سگهن)،
رسول پاڪ ﷺ جن کي ته دنيا ۾ موڪليو ئي
امن جي پيغام لاءِ هو. پاڻ سڳورا رحم العالمين ڪري موڪليا ويا آهن، پاڻ سڳورن سڄي
عمر امن جي تبليغ ڪئي ۽ جنگ کان پاسو ڪرڻ جي تلقين ڪئي. ڀائپي، اخوت ۽ محبت تي زور
ڀريو.
حضور ﷺ جن جو ارشاد آهي ته:
بدلو وٺڻ کان
معاف ڪرڻ بهتر آهي.
نبي ڪريم ﷺ جن جي اها حديث دنيا ۾ امن
جي قيام لاءِ هڪ بهترين نسخو آهي. جيڪڏهن دنيا جا سڀ ئي انسان ان ڳالهه تي سختي
سان عمل ڪن ته هوند ڪا به خونريزي نه ٿئي.
دنيا جي تقريباً سڀني ڏاهن، اڪابرن،
شاعرن امن کي ساراهيو ۽ جنگ کي ننديو آهي، حقيقت ۾ امن ۾ ئي انسانيت جو حقيقي
اولڙو پسي سگهجي ٿو.
لطيف سائين جو سڄو رسالو امن ۽ محبت جي
پرچار سان ڀريو پيو آهي. امن واري پرسڪون ۽ شفاف ماحول ۾ ئي انسان ٿانيڪو ٿي
ترقي ۽ خوشحاليءَ جا نوان گس ۽ نيون راهون
ڳوليندو آهي. ان سان سوچن کي وسعت ملندي آهي، ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون نصيب ٿينديون آهن،
ليڪن اسان ٿوري ٿوري ڳالهه تي جهيڙا ڪري پنهنجو ۽ ٻين جو امن سڪون برباد ڪري ڇڏيو آهي.
اڄ جي دنيا جي اها بدنصيبي آهي جو امن
جي کوٽ مسلسل رهي آهي. هر هڪ تباهي وارن هٿيارن جي پويان آهي. تعمير بجاءِ تخريب
تي زور آهي. مقامي طور تي توڙِ عالمي ليول تي امن ناپيد ٿي ويو آهي. چو طرف بدامنيءَ
جي لهر آهي، خوشيون موڪلائي ويون آهن، ڦرلٽ جي بازار گرم آهي. افراتفري آهي، قتل،
خونريزي ۽ غارت گري آهي.
ڪنهن جو به جان مال محفوظ نه آهي، چو
طرف رتو ڇاڻ آهي، ذاتي دشمنيون، خوني جهيڙا، فرقيواريت، دهشت گردي لساني فسادن جي
وٺ وٺان آهي. امن جي ٽاري ڪٽي باهه ۾ اڇلائي وئي آهي. امن جو پکي ڀڙڪو کائي اڏامي
ويو آهي. ڳيرا گهوگهو ڪندا ڀڄندا ٿا وڃن، ڳجهون ۽ سرڻيون ماڻهن جو ماس کائڻ لاءِ
لامارا ڏئي رهيون آهن.
اڄ مذهبي انتها پسندي، توسيع پسندانه
سوچ، طاقت جو نماء، عالمي دهشتگردي عالمي امن جي ڪک ۾ ڇرو هڻي رهيون آهن. ڏينهون
ڏينهن بدامني ۾ واڌارو ايندو ٿي وڃي، امن جي کوٽ معاشي بدحالي ۽ ناآسودگيءَ جو وڏي
۾ وڏو ڪارڻ آهي، بدامنيءَ جي ڦهليل باهه، عدم استڪام ۽ جنگي جنون ڪري دنيا باهه جو
کاڄ بڻجي چڪي آهي. قومون ۽ ملڪ پنهنجي بجيٽ جو وڏو حصو فوج، بارود ۽ هٿيارن تي خرچ
ڪن ٿيون. جنهن سان غربت ۽ بي روزگاريءَ ۾ رڪارڊ اضافو ٿئي ٿو.
عالمي ليول تي امن جي کوٽ کي محسوس ڪندي
عالمي طور تي امن جي بحالي لاءِ مختلف ڪوششون پڻ ٿينديون پئي رهيون آهن. اقوام
متحده ۽ ٻيا ڪيترا ادارا ٺاهيا ويا آهن ته جيئن افهام ۽ تفهيم ذريعي مسئلي کي حل
ڪجي، پر تازن خليج جي واقعن انهن ڪوششن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي، اڄ امن هڪ خواب
بڻجي ويو آهي. ڪٿي ڪابل سڙي رهيو آهي. ڪٿي ٽريڊ سينٽر ڀسم ٿي رهيو آهي ته ڪٿي
بغداد ۾ باهه ۽ رت جو راڄ آهي. چو طرف خوني راند هلي رهي آهي. وحشت جو عالم آهي
امن قائم ڪرڻ جون ڪوششون لڳاتار ناڪام ٿي رهيون آهن.
ان هوندي به ساڃهه وند ۽ ڏاها عالمي امن
لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. انهن وٽ عالمي امن جو قيام هڪ خوبصورت خواب وانگر آهي.
جنهن جي تعبير سڄي دنيا ۾ خوشحالي جو پيغام آڻيندي، شال انهن جو خواب جلد ساڀيان
ٿئي.
Comments
Post a Comment