پسنديده شخصيت – پسنديده شاعر



سنڌ جو سدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه سن 1102 هجري مطابق 1689ع ۾ هالا حويلي ۾ ڄائو. سندس والد ماجد جو نالو شاهه حبيب رحه هو. شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو سندس تڙ ڏاڏو هو.

چون ٿا ته آخوند نور محمد ڀٽيءَ کيس الف پڙهايو جو پاڻ پڙهي ويو ۽ اڳيان پڙهڻ کان انڪار ڪيائين ۽ چوڻ لڳو ٻيا اکر ٻين کي پڙهاءِ! ان جي باوجود قرآن ڪريم، مثنوي مولانا رومي ۽ شاهه ڪريم جو رسالو ساڻ هوندو هوس ۽ شاعريءَ ۾ به قرآن شريف جا ڪيترائي الفاظ استعمال ڪيا اٿس.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه سير ۽ سياحت جو ڪوڏيو هو. پاڻ لاهوت لامڪان، هنگلاچ، هاڙهو، پٻ، وندر، ٺٽو، جيسلمير، خيرپور، ملتان ۽ سنڌ ۽ هند جا ٻيا ڪيترا علائقا گهميو ۽ اتي جي سنڌي ٻوليءَ کي سمجهي پنهنجي بيتن ۾ آندائين. اهو ئي سبب آهي ته سندس شاعري ۾ سڄي سنڌ ۽ هند جي سنڌي زبان موجود آهي.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه آخر ۾ ڀٽ تي رهڻ لڳو، جيڪو هالن نون جي بلڪل ويجهڙو آهي، ان ڪري کيس ڀٽائي ۽ ڀٽ جو بادشاهه به چيو وڃي ٿو. شاهه صاحب 63 ورهين جي عمر ۾ 14 صفر سن 1165 هه مطابق 1752ع تي هن فاني دنيا مان رحلت ڪري ويو.

سنڌ ۾ ڪيترائي شاعر پيدا ٿيا آهن. جن ۾ ڪي بيتن جا بادشاهه، ڪي غزل گو شاعر، ڪي مرثئي ۾ ماهر ، ڪي صوفي شاعر ۽ ڪي انقلاب پسند شاعر هئا. پر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جهڙو عظيم عالم ۽ شاعر اڃا تائين پيدا نه ٿيو آهي، جنهن جي شعر ۾ هر قسم جون خوبيون ۽ خاصيتون موجود آهن.

شاهه صاحب جو انسان ذات لاءِ پيغام آهي:

گهڙيا سي چڙهيا، ائين اٿئي

ڪوبه ڪم شروع ڪريو ته ڊڄو نه! سهڻي وانگي ڪچي گهڙي جو خيال لاهي اڇلائي ته پاڻ کي ڏسو!

وري ٻي هنڌ چوي ٿو:

ستا اٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري

اي انسان تون سجاڳ ٿي اکيون کول جي اکيون بند رکندي ته پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي ويهي رهندي ۽ پوءِ افسوس جون تريون مهٽڻيون پونديئي.

هڪ ٻي جاءِ تي فرمائي ٿو ته:

تتي ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي

اي انسان تون سردي گرمي نه ڏس. هي وقت آرام ڪرڻ جو نه اٿئي ان لاءِ اٿ اٿي پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي وطن جي مارن لاءِ محنت ۽ مشقت ۽ جدوجهد ۽ جاکوڙ ڪر.

Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت