دنيا جي هر شيءِ بدلجندي رهندي آهي. ۽
ڪڏهن سردي، ڪڏهن گرمي، ڪڏهن بهار، ڪڏهن خزان، ڪڏهن جواني، ڪڏهن ٻڍپڻ. ان کان سواءِ
حڪومتون به بدلجنديون رهنديون آهن. پر ڳوٺاڻي زندگي عجيب غريب آهي جو ان ۾ اڃا
تائين ڪو خاص ڦيرو ڪونه آيو آهي.
ڳوٺاڻي زندگي سادي سيڌي آهي. ڳوٺاڻن ۾
ڪنهن به قسم جي ڪابه مڪاري، فريب، دوکو ۽ دغا ۽ دولاب ناهي. هڪ ڳوٺاڻو صبح جو سوير
اٿندو آهي. نماز پڙهي الله کي ياد ڪري پنهنجي ٻني ٻاري تي وڃي ڪم ڪندو آهي. انهن
جو ڪم گهڻو محنت وارو آهي. هو رات ڏينهن ڪم ڪري ملڪ لاءِ اناج اپائيندو آهي. پر
کيس اهو اناج به نصيب نه ٿيندو آهي ۽ هو اڌ بکيو رهي وري ڪم ۾ لڳي ويندو آهي، اهو
ووئنڻ پوکي اسان لاءِ ڪپڙي جو سامان تيار ڪندو آهي، پر کيس جسم تي پورو پنو ڪپڙو به
نه هوندو آهي.
ڳوٺاڻن جا گهر گهڻو ڪري چيڪي مٽي ۽ سرن سان
ٺهيل هوندا آهن، ڪٿي ڪٿي جهوپڙا به نظر ايندا آهن. ڳوٺاڻن جي گهرن ۾ هارپي جو
سامان هوندو آهي. اناج رکڻ لاءِ محفوظ جايون هونديون آهن. انهن جي گهرن ۾ ڏاند،
مينهون ۽ ڳئون ڏسڻ ۾ اينديون آهن.
عورتون پنهنجي گهرن جي ضرورت لاءِ پاڻي
کوهن ۽ واهن تان آڻينديون آهن ۽ پنهنجي مردن سان گڏجي ٻني ٻاري جو ڪم ڪنديون آهن ۽
فارغ وقت ۾ ڀرت ڀرينديون آهن. مطلب ته ڳوٺاڻي عورت فضول ويهي ڪري وقت نه وڃائيندي آهي.
ڳوٺن ۾ کير، مکڻ ۽ ڏڌ جو استعمال گهڻو
ٿيندو آهي. ان کان سواءِ تازي هوا، تازيون ڀاڄيون ۽ تازا ميوا کائڻ ڪري انهن جي
صحت هميشه سالم رهندي آهي ۽ کين ڪابه بيماري گهڻو ڪري ويجهي ڪانه ويندي آهي.
ڳوٺاڻا دل وندرائڻ لاءِ شام جو ڪٻٽي ڪٻٽي
يا ونجهه وٽي راند ڪندا آهن. ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾ جيڪو سڪون ۽ سانت آهي، اهو ٻي جاءِ
تي ورلي ملندو. انساني محبت ۽ سادگي جو نظارو ڪرڻ لاءِ ڳوٺن ۾ وڃڻ گهرجي.
Comments
Post a Comment