سُر ڪوهياري - داستان چوٿون
سُر
ڪوهياري
داستان
چوٿون
1
ڳائِي
نه وائِي؛
اَدِيُون! آرِيچَن
جِي؛
ڪنهن
پَرِ ڪَهِي
لَنگِھيان، جَبَلَ
جھاجھائِي؛
جيڪسِ
واجھائِي، هاڻي
مَرَندِيَسِ هوتَ
لَءِ؟
2
هَلَڻُ
سَهان نه
هوتَ جو،
وَڃَڻُ مُون
نه وَسِ؛
اَللهَ!
آرِيچَن جِي،
گولِي ميڙِئين
گَسِ؛
پِرِين،
پَنهوار! تو
پُڇان، ڏُونگرِيا!
مُون ڏَسِ؛
اَکِينِ
جِي آرَسِ،
مُنڌَ جيهائِي
جوڙَ ڪِي.
3
مُون
کي جنِين
مارِيو، آن
ڪي گَڏِيا
سي؟
تَنَ
۾ طاقَتَ
ناهِ ڪا،
اَدا! اُنِين
ري؛
سُورُ
سَلِتُمِ تي،
جيلان ڳالھِه
ڳَرِي ٿِـئِي.
4
مُون
کي جنِين
مارِيو، سُڃاتِمَ
سيئِي؛
پُنهون
پَيڪانَ پَڇَنڊِيا،
ٻِلَنِ تان
ٻيئِي؛
ويڄَنِئون
ويئِي، ٿِي
وَهِيڻِي سَڄڻَين.
5
پَرۡتَوو
پُنهونءَ جو،
سَهائِي، سِياهُ؛
مُنهُن
ڏيئِي مُون
آئِيو، رَنگارَنگِي
راهُ؛
پَهرِين
ڏِيندا پاهُ،
پوءِ رَڱِيندا
رَڱَ ۾.
6
پَرۡتَوو
پُنهونءَ جو،
رُڳيائِي راحَتَ؛
ڀانـئِيان
ڏِينهُن ڀَوارئون،
ساڄَنَ لاءِ
صِحَتَ؛
مِٺِي
مُصِيبَتَ، آرِي
ڄامَ جِي.
Shah Abdul Latif Bhittai
Back to INDEX
سُر يمن ڪلياڻ
سُر سريراڳ
سُر سامونڊي
سُر سهڻي
سُر سسئي آبري
سُر ڪوهياري
سُر حسيني
سُر سورٺ
سُر ڪيڏارو
سُر سارنگ
سُر آسا
سُر رپ
سُر کاهوڙي
سُر بروو سنڌي
سُر رامڪلي
Comments
Post a Comment