سُر سريراڳ - داستان ڇهون
سُر
سريراڳ
داستان
ڇهون
1
تانگھي
۾ تاڻي،
ٻَڌُ پَنهنجو
تُـرَهو؛
اُونهي
۾ آڻي،
ڪو نَه
ڏيندُءِ ڪو
ٻيو!
2
ڏوري
لَھُ ڏاتارُ،
جِمَ وِهِين
ويسِرو!
هَڪِيو
هوئجِ هوشيارُ،
کِنوڻِ کِنوندَيءِ
اوچتي.
3
کِنوڻِ
کِنوايو، آيَءِ
نِنڊَ اَڀاڳَ
کي!
جِنِين
نه ڀَؤ
ڀانيو، ڪَري
تَوائِي تِن
کي.
4
سامُونڊِي!
ٿو سَنبَهِين،
ساڄو جَھلِ
سُکاڻُ؛
لَڳي
واءُ وَڏاندَرو،
مُنجھائي مَهراڻُ؛
جِنِين
ڀانيو پاڻُ،
ڪَري تَوائِي
تِنِ کي.
5
نَڪو
سُک نَکَـٽين،
نه ويساندِ
نَـئين؛
جيڪا
اَچيئِي سامُهِين،
ڀانئَيِن سا
سَنئين!
مُوڙِي
ڪوه مَئين؟
جِئن سَڄيُون
راتِيُون سمهين!
6
اَهُکِي
راهَ اَللهَ
جِي، اَهُکِي،
اَهُکِيءَ ڀَتِ؛
هُوءِ
جي ڏيهائِي
ڏيہَ جا،
تن پڻ
مُوڙهي مَتِ؛
آڇاڙانِ
اُبَتِ، گِھڙِجِ
گھاٽي نِينهَن
سين.
7
تَنَ
۾ تَرازَ
توهَ جِي،
گَھڻو لَہُ
گھوري؛
اَدَبَ
۽ اِخِلاص
جا، سِڙهَ
ٻَڌجِ سوري؛
وَکـَرَ
وينَتِيُن جو،
تنهن ۾
پائج توري؛
ته
عادَنِئُون اوري،
تُنهنجو تَوائِي
نه ٿِـئي.
8
سمنڊُ
جي سيوِين،
تِنِين ماڻڪَ
ميڙيا؛
ڇِلرَ
جي چوئِين،
تِن سانکوٽا
۽ سُتيون.
Shah Abdul Latif Bhittai
Back to INDEX
سُر يمن ڪلياڻ
سُر سريراڳ
سُر سامونڊي
سُر سهڻي
سُر سسئي آبري
سُر ڪوهياري
سُر حسيني
سُر سورٺ
سُر ڪيڏارو
سُر سارنگ
سُر آسا
سُر رپ
سُر کاهوڙي
سُر بروو سنڌي
سُر رامڪلي
Comments
Post a Comment