سُر ديسي - داستان چوٿون
سُر
ديسي
داستان
چوٿون
1
وارو!
وَرُ وَٺِي
وِيا، آرِيچا
اَظۡلامَ؛
آندائُون
آريءَ جا،
پُنھونءَ ڏي
پَيغامَ؛
پَہُ
ڪَيائُون پاڻَ
۾، مُنھان
مَخِفِي مامَ؛
سَنڀُورا
ساٿُ کَڻِي،
ويساھي وَرِيامَ؛
ڪاڪِيُون!
راتِ قِيامَ،
جيڏِيُون! جَتَ
ڪَري وِيا!
2
وارو!
وَرُ وَٺِي
وِيا، ڪَري
ڏيرَ ڏَمَرُ؛
ھاڻي
ٿِيو حَشَرُ،
پُنا قَول
قِيامَ جا!
3
وارو!
وَرُ وَٺِي
وِيا، ڏاڙِھِيءَ
ڀَنڀا ڏيرَ؛
ڏِيندِيَسِ
ڏاڍين ڏُونگَرين،
اُنِين لَءِ
اُليرَ؛
ڪيچِ
پھچي ڪيرَ؟
وڃڻَ سين
وَسُ ڪَرِيان.
4
جَڏِيءَ
وَٽِ جالي،
مانَ اَللهِ
ڪارَڻِ لِکَ
سِيئن؛
آھي
آريءَ ڄامَ
جي، ھِتِ
ھُتِ حوالي؛
عَيبَ
مُون اَڳَرا،
مانَ نِرۡمَلُ
نِڪالي!
پَرِٽياڻِي
پالي، ڪامِلُ
نِيندو ڪيچَ
ڏي!
5
پَرِٽَنِ
جي پاڙي،
جاڙَ گُذارِيَمِ،
جيڏِيُون!
جنِين
مُون کي
مارِيو، سُورَنِ
سين ساڙي؛
اِرادي
آڻي، سانگِيُنِ
سين سَڱُ
ڪَيو.
6
اَسِين
پاڻَ پَرِٽَ،
پورھِيَتَ پُنھونءَ
ڄامَ جا؛
ھوتُ
کَٿُورِيءَ ھيرَئون،
مُون ۾
صابُڻَ ڇَٽَ؛
آتَڻَ
مَنجِھ اُگَھٽَ،
ڪانڌُ ڪنھِين
جِي مَ
ڪَري!
7
آئُون
تان اَھڙياءِ،
جا ٻانھِيءَ
کي ٻائِي
چوان؛
مُون
ڪَمِيڻِيءَ لاءِ،
پُنھون ٿي
پَرِٽُ ٿِيو.
8
گَڏِيو
ڌوٻِيُنِ ڌوءِ،
پُنھُونءَ پارِچو
ھَٿَ ۾؛
اُتي
آرِيءَ ڄامَ
جو، قاصِدُ
آيُسِ ڪوءِ؛
اِيُ،
ڪامِلُ! ڪَمُ
نه سَندوءِ،
جِئَن پَھَسَ
پَڇاڙِئين پوتِئين.
9
نَڪو
ڪيچُ ڀَنڀورُ،
نَڪو مائِٽُ
مُنڌَ جو؛
ھورُ
مِڙوئِي ھِنَ
کي، ھوتَنِ
ڪونھي ھورُ؛
زارِيءَ
ڌاران زورُ،
ھَلي ڪونَ
حَبِيبَ سين.
Shah Abdul Latif Bhittai
Back to INDEX
سُر يمن ڪلياڻ
سُر سريراڳ
سُر سامونڊي
سُر سهڻي
سُر سسئي آبري
سُر ڪوهياري
سُر حسيني
سُر سورٺ
سُر ڪيڏارو
سُر سارنگ
سُر آسا
سُر رپ
سُر کاهوڙي
سُر بروو سنڌي
سُر رامڪلي
Comments
Post a Comment