سُر ڪيڏارو - داستان پنجون
سُر
ڪيڏارو
داستان
پنجون
1
حَسَنُ
ناه حُسينَ
وَٽِ، ٻيلِي
نه ٻاھُون؛
ساڙيہ
شَهزادَنِ جو،
آھي اَڳاھُون؛
يَزِيدَ!
جُلاھُون، تيلان
ڪَرِئين تَڪِڙيُون؟
2
ڪِلي
ويرَ ڪَٽَڪَ
۾، ھَيءِ!
جي حَسَنُ
هو؛
ڀيڙو
ڀيڙو پَنهنجي
ڀاءُ سين،
پَتَنگَ جِئَن
پِيو؛
آھي
ڪيرُ ٻِيو،
جو ڪَري
ھَلان مِيرَ
حُسينَ تان؟
3
ڪِلي
ويرَ ڪَٽَڪَ
۾، سائُو
سَڀِ نه
ھُوَنِ؛
پِڙَ
تي سيئِي
پُوَنِ، موٽَڻُ
جنِين ميھِڻو.
4
ڪِلي
ويرَ ڪَٽَڪَ
۾، پاکَر
جو پائي؛
اَڃا
اُنَ کي
جِئڻَ جو،
آسانگو آھي؛
سُورِهُ
سو چائي،
جو رُڳوئِي
رِڻِ گِھڙي.
5
سُورِهَ!
مَرِين سوڀَ
کي، ته
دِلِ جا
وَھمَ وِسارِ؛
ھَـڻُ
ڀـالا، وِڙِهُ
ڀاڪُرين، آڏِي
ڍالَ مَ
ڍارِ؛
مَٿان
تيغَ تَرارِ،
مارِ ته
مَتارو ٿِـئين.
6
حُرُّ
ھَلِي آئِيو،
مانجِھي مَرِدانو؛
”آھِيان
عاشِقُ آڳِ
جو، پَتَنگُ،
پَرِوانو؛
مانَ
راضِي ٿِئي،
رَسُولُ رَبَّ
جو، نَبِي
تو نانو؛
ھِيُ
سِرُ سَمانو،
گھوٽَ! مَٿان
ئي گھورِيان.“
7
ھُئِي
ھِدايَتَ حُرَّ
کي، اَزَلَ
۾ اَصۡلا؛
چَڙھِي
آئِيو جَنگِ
تي، ھلِي
ھُنَ پارا؛
اِيندي
چَيائِين اِمامَ
کي: ”گھورِيُسِ
آن مَٿاءِ“؛
”لَا
يُڪَلِّفُ اَللهُ
نَفۡسًا اِلَّا
وُسۡعَهَا“،
جيڪا پُڄَندِيَمِ
سا؛
گھوٽَ
به لڳا
گھاءَ، سر
پڻ شيرُ
شَھِيدُ ٿِيو.
8
پاوَنگُ
اُڀو پِڙَ
۾، ھَڻِي
ھَزارِي ھولُ؛
جَوَھَرَ
۽ جَڙاءَ
سين، ڪامِلَ
سِرَ ڪَنگولُ؛
رَتو
رَتَ رَتولُ،
مولِهيو مِيرَ
حُسينَ جو.
9
ڏاڙھِي
رَتَ رَتِياسِ،
ڏَندَ ته
ڏاڙھُونءَ گُلَ
جِئَن؛
چوڏِھِينءَ
ماهَ چَنڊَ
جِئَن، پِڙَ
۾ پا
ڳَڙِياس؛
ميڙي
۾ مُحَمَّدَ
جي، مَرُ
مَرَڪي ماسِ؛
تَنھِن
سُورِهَ کي
شاباسِ، جو
مَٿي پِڙَ
پُرِزا ٿِئي.
10
ڪَڪِرا
ڪَربَلا جا،
مادرِ ٿي
ميڙِياسِ؛
ڦَٽَنِ
تان رَتَ
ڦُڙا، عَلِيءَ
ٿي اُگِھياسِ؛
مِڙَئِي
معافُ ڪَياسِ،
خالقَ بَدِلي
خُونَ جي.
Shah Abdul Latif Bhittai
Back to INDEX
سُر يمن ڪلياڻ
سُر سريراڳ
سُر سامونڊي
سُر سهڻي
سُر سسئي آبري
سُر ڪوهياري
سُر حسيني
سُر سورٺ
سُر ڪيڏارو
سُر سارنگ
سُر آسا
سُر رپ
سُر کاهوڙي
سُر بروو سنڌي
سُر رامڪلي
Comments
Post a Comment