مولانا عبيدالله سنڌي 10 مارچ 1872ع ۾
پنجاب جي ضلعي سيالڪوٽ ۾ هڪ سک گهراڻي ۾ پيدا ٿيو، سندس ڄمڻ کان ترت پوءِ سندس
والد وفات ڪري ويو، جنهن ڪري سندس پرورش سندس والده ڪئي. هن جڏهن هوش سنڀاليو ته
سندس مامي کيس ڄام پور (ضلعي ڊيره غازي خان) ۾ هڪ اسڪول ۾ داخل ڪرايو. اها صوفين ۽
اوليائن جي سرزمين آهي. ۽ هر هنڌ انهن جو ذڪر عام آهي. اهي ماحول ۾ هن ڏهه ٻارهن
سال گذاريا.
هيءُ سک ڇوڪرو، مسلمانن سان به اٿڻ ويهڻ
لگو. هن محسوس ڪيو، ته جن شين کي هو صحيح سمجهي ٿو. سي اسلام ۾ آهن. اهو سندس پنهنجو
مشاهدو هو، هن کي ڪنهن مولويءَ کيس دليلن سان قائل نه ڪيو هو. هن ڏٺو، ته مسلمانن
جو هڪ خدا جو تصور، سکن کان مٿاهون آهي. هن معصوم ڇوڪري جي دل ۾ خيال اڀرندا رهيا،
۽ هو سوچيندو رهيو ۽ غور ڪندو رهيو. انهيءَ حالت ۾ سڄي سڄي رات سوچيندو هو. هڪ ڏينهن
هو ماٺ ڪري گهران نڪتو ۽ اچي سنڌ ۾ داخل ٿيو، ۽ هتي هڪ بزرگ جي هٿ تي اسلام قبول
ڪيائين، ۽ پاڻ کي سنڌي سڏائڻ لڳو.
ان کان پوءِ هن پنهنجي مرشد وٽان تصوف ۽
طريقت جون شروعاتي منزلون طئي ڪيون. هو 25 سالن جي عمر ۾ سنڌ مان ديني تعليم لاءِ
ديوبند ويو، جتي هن مولانا محمد حسين کان تعليم حاصل ڪئي. مولانا عبيدالله سنڌيءَ،
هتي سڀني اسلامي علمن تي عبور حاصل ڪيو. عربي زبان پڙهيائين، ته جيئن قرآن کي سمجهي
سگهي. هن تفسير ۽ حديث جو اڀياس ڪيو. فقه، منطق ۽ فلسفي ۾ مهارت حاصل ڪيائين.
ديوبند مان فارغ التحصيل ٿي، هو واپس
سنڌ آيو، ۽ ڇهن ستن سالن تائين هو شاگردن کي پڙهائيندو رهيو. هن هڪ مدرسو به قائم
ڪيو. هڪ عرصي کان پوءِ سندس استاد کيس واپس ديوبند گهرايو، جتي پراڻن شاگردن جي
تنظيم جو ڪم سندس حوالي ٿيو. هتي سندس ٽڪراءُ مسلم سماج سان ٿيو، ۽ ديوبند جي
مشائخن جي هڪ شاخ کيس (ڪافر) چيو.
خوشقسمتيءَ سان ان وقت مولانا اسلام جي حقيقت
کان آگاهه ٿي چڪو هو، ته اسلام اهو ناهي، جنهن جا ٺيڪيدار اهي ماڻهو بنجن ٿا. ان
ڪري سندس خلاف ڪفر جي فتويٰ کان پوءِ مولانا کي پنهنجي مسلمان هئڻ جو اڃا وڌيڪ
يقين ٿي ويو.
مولانا عبيدالله سنڌي پوءِ ديوبند مان دهلي
آيو، قرآن جي ٻڌايل اصولن تي اسلامي سماج قائم ڪرڻ جو بنياد وڌائين. مولانا کي خبر
هئي، ته خدا شناسيءَ جو سڀ کان سٺو طريقو اسلام ئي آهي. مولانا کي خبر هئي، ته خدا
شناسيءَ جو سڀ کان سٺو طريقو اسلام ئي آهي. مولانا پنهنجو ڪم شروع ڪيو، پر 1914ع ۾
مهاڀاري ويڙهه جي ڪري ۽ ٻين اهم ضرورتن جي ڪري کيس اوڏانهن ڌيان ڏيڻو پيو.
انهيءَ زماني ۾ هندستان جي مسلمانن، جون
سموريون اميدون ترڪيءَ جي خلافت سان لاڳاپيل هيون، جڏهن ته انگريزن ترڪيءَ خلاف
جنگ شروع ڪري ڏني هئي. مولانا کي پنهنجي استاد جو حڪم مليو، ته ڪابل وڃي. هو وڏين
تڪليفن کان پوءِ 1915ع ۾ ڪابل پهتو. انهيءَ زماني ۾ ڪابل تي امير حبيب خان جي
حڪومت هئي، جيڪو ڪنهن حد تائين برطانيه سرڪار جي اثر هيٺ هو، ۽ خاص طور تي سلطنت
جي ٻاهرين معاملن ۾ هو معاهدي ذريعي پابند هو، ته ڪوبه قدم برطانيه سرڪار سان صلاح
مشوري کان سواءِ نه کڻندو.
هوڏانهن مولانا عبيدالله هڪ واضع مقصد
سان ڪابل ويو هو. انهيءَ زماني ۾ هندستان مان نڪتل ڪي ٻيا ماڻهو به ڪابل پهتا هئا.
ان کان سواءِ عثماني سلطنت ۽ جرمنيءَ جا ڪجهه نمائندا، امير حبيب خان وٽ آيل هئا،
جن سڀني جي اها ڪوشش هئي، ته افغان، انگريزن سان مقابلو ڪن.
مولانا ڪابل ۾ ئي هو، ته پهرين مهاڀاري
ويڙهه جو فيصلو ٿي ويو، جرمنيءَ هار مڃي، ۽ ترڪي اتحادين جو اسير بنجي ويو. ان کان
پوءِ هو واپس هندستان آيو، ۽ ڪانگريس ۾ شريڪ ٿيو. انهيءَ زماني ۾ ڪابل ۾ به
ڪانگريس ڪميٽيءَ جي شاخ کولي ويئي ۽ هو ان جو صدر ٿيو.
مولانا چوي ٿو، ته ڪابل ۾ ترسڻ دوران
امير حبيب خان جي صلاح تي آئون انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ شامل ٿيس. انهيءَ زماني ۾
افغانستان ۾ انقلاب آيو، ۽ امير حبيب خان قتل ٿي ويو. ان کان پوءِ سندس ڀاءُ نصرالله
خان تخت ڌڻي بنجڻ لاءِ اٿيو، پر سندس پٽ امير امان الله تخت ڌڻي ٿيو. هن اقتدار ۾
ايندي ئي هندستان تي حملو ڪيو، ٿوري ويڙهه کان پوءِ ٻنهي حڪومتن ۾ صلح ٿيو.
مولانا عبيدالله سنڌي 1922ع ۾ ڪابل ڇڏڻ
جو فيصلو ڪيو، ۽ روس هليو ويو، ۽ هڪ سال اتي گذاريائين، اتي اشتراڪي ليڊرن سان
ملاقاتون به ڪيائين ۽ اشتراڪيت جي اصولن جو اڀياس به ڪيائين.
روس مان هو ترڪيءَ آيو، جتي مصطفيٰ ڪمال
جديد ترڪيءَ جو بنياد وجهي چڪو هو. مولانا روس ۽ ترڪيءَ جي انقلابن کي ڏٺو، ۽ انهن
ٻنهي انقلابن جا تجربا دل ۾ سانڍي. هو اسلام جي اصل مرڪز تي پهتو، ۽ حجاز جو رخ
ڪيائين. حجاز ايندي هن اٽلي ۽ سئزرلينڊ جي سياحت ڪئي. حجاز ۾ ابن سعود جي حڪومت
قائم ٿي چڪي هئي. مولانا اتي 12 سال رهيو، ۽ ابن سعود جي اسلامي حڪومت جو ويجهڙائيءَ
مان اڀياس ڪندو رهيو.
مولانا چوي ٿو، ته حجاز پهچي، مون اتان
جي حڪومت سان انڊين ڪانگريس جي ميمبر جي حيثيت ۾ تعارف ڪرايو، اهڙيءَ طرح مون کي
اتي ترسڻ جي اجازت ملي ويئي. مولانا جو اهو سڄو عرصو درس ۽ تدريس ۾ گذريو. هن اتي
شاهه ولي الله جي تصنيفن کي پڙهيو، ۽ هندستان جي اسلامي تاريخ تي تنقيدي نظر وڌي.
حجاز ۾ ترسڻ دوران هو سياسي سرگرمين کان پري رهيو. انهيءَ زماني ۾ هن پنهنجا فڪر به
مرتب ڪيا. مولانا گهريو ٿي، ته پنهنجي بصيرت کي عام ڪري، ۽ ڊگهي تجربي کان پوءِ هن
جيڪي ڪجهه سکيو آهي، سو ٻين کي سيکاري، ان کان پوءِ هو واپس هندستان هليو آيو.
7
مارچ 1939ع ۾ ڪراچي ۾ آيو، ۽ ايندي شرط پنهنجي خيالن جي اشاعت شروع ڪري ڏنائين.
مولانا عبيدالله سنڌي چوي ٿو ته:
· مسلمان بنجو ٿا ته،
اسلام کي سمجهو.
· هيءُ اسلام جنهن
کي توهين اسلام چئو ٿا سو ته ڪفر کان به بدتر آهي.
· توهان جا حڪمران
عيش پرست آهن.
· غريب طبقو وهمن جو
شڪار آهي.
· بدلجو، نه ته
زمانو اوهان جو نالو نشان مٽائي ڇڏيندو.
مولانا جيڪي چوي ٿو، سي رڳو ان جا نظريا
ناهن. هن ”مقدس سماجن“، ”خدائي نظامن“ ۽ ”الاهي حڪومتن“ کي ٽٽندي ڏٺو، ۽ سندس چوڻ آهي،
ته اهو سماج، نظام ۽ حڪومتون، مقدس ۽ الاهي نه هيون، انهن نالن تي حڪمران ماڻهن
کان ڦرلٽ ڪئي، ۽ پنهنجي شخصي اقتدار لاءِ مذهب جو سهارو ورتو.
مطلب ته، مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو سڄي
حياتي هڪ جستجو، هڪ ولولي ۽ هڪ عزم، هڪ اڻٿڪ ۽ لاڳيتي جدوجهد ۾ گذري. هو ستر سالن
جي عمر ۾ بيت الحڪمت جامع نگر ۾ پهرن جا پهر ويهي درس ڏيندو هو. هن ڳوٺ پير جهنڊو
۾ به درس تدريس جو ڪم ڪيو.
مولانا عبيدالله سنڌي 1944ع ۾ وفات ڪئي.
Comments
Post a Comment