سُر بلاول - داستان ٻيو
سُر
بلاول
داستان
ٻيو
1
جَکِرو
جوڙي، پاڻَ
ڌَڻِيءَ پيدا
ڪَيو؛
ڪيهَرَ
جِئَن ڪَرُ
کڻي، مُڇُون
مَلُھ موڙي؛
سَمُونڊَ
جِئن سِيرَ
ڪَيو، ٿو
ٻارِ جِئَن
ٻوڙي؛
گھوٽُ
چَڙهِيو گهوڙي،
پيچِيُنِ لائي
پيچِرا.
2
جَکِرو
جَسَ کَرو،
ٻِيا سَڀِ
اَنِيرا؛
جِيائِين
جُڙيو جَکِرو،
تِيائِين نه
ٻِيا؛
مِٽِي
تَنهِن ماڳا،
اَصُلُ هُئِي
ايتِرِي.
3
ڏِٺي
جادَمَ جَکِري،
چِتِ نه
ٻِيا چَڙهَنِ؛
ته
ڪي کُوھَ
کَڄَنِ، جهُ
سَرُ لَڀي
سَڀَرو؟
4
هَٿان
جادَمَ جَکِري،
وِٿِي وِچِ
مَ پوءِ؛
پِي
پِي سو
پُرِ ٿِيو،
جو حاتِمَ
پاسي هوءِ؛
ڪَيف
ڌاران ڪوءِ،
جِئي ڪو
مَ جَهانَ
۾.
5
هَٿان
جادَمَ جَکِري،
وِٿِي پوءِ
مَ وِچُ؛
”اچو!
آيا نِچُ!“
سَمي وائِي
واتَ ۾.
6
جَکِري
جِهو جُوانُ،
ڏِسان ڪونَ
ڏيھَ ۾؛
مُهَڙُ
مِڙَني مُرۡسَلِين،
سَرسُ سَندسِ
شانُ؛
”فَڪَانَ
قَابَ قَوۡسَيۡنِ
اَوۡ اَدۡنَىٰ“،
اِيُ مُيسَرُ
ٿِـيُسِ مَڪانُ؛
اِيُ
آگي جو
اِحۡسانُ، جَنهِن
هادِي ميڙِيُمِ
هَهِڙو.
Shah Abdul Latif Bhittai
Back to INDEX
سُر يمن ڪلياڻ
سُر سريراڳ
سُر سامونڊي
سُر سهڻي
سُر سسئي آبري
سُر ڪوهياري
سُر حسيني
سُر سورٺ
سُر ڪيڏارو
سُر سارنگ
سُر آسا
سُر رپ
سُر کاهوڙي
سُر بروو سنڌي
سُر رامڪلي
Comments
Post a Comment