سُر بروو سنڌي - داستان پھريون
سُر
بروو سنڌي
داستان
پھريون
1
ڇا
کي وَڃيو
ڇو، ٻيلِي
ٿِئين ٻِـيَنِ
جو؟
وَٺُ
ڪَنجَڪَ ڪَرِيمَ
جِي، جَڳَ
جو والِي
جو؛
سَؤکو
ھُوندو سو،
جنھن جو
عِشۡقُ اَللهَ
سين.
2
جِئَن
ڪا ڪانِي
ڪانھَن، لُسَندي
لاتِيون ڪَري؛
اَچِي
پَئي اوچتِي،
دَرِدَ پِريان
جِي دانھَن؛
ويڄَ!
ڏَنڀِئين ڪُہُ
ٻانهَن؟ سُورَهِنئين
کي سامُهان.
3
ڌَرَتِي
دُونہَ جِئَن،
سِرَ ڀَرِ
سُپيرِيُنِ ڏي؛
لَڳو
آهِ، لَطِيفُ
چئي، تَنُ
پِريان ڏي
تِئَن؛
حاصُلُ
ٿِئي هِئَن،
قَرِينو قَرِيبَ
جو.
4
لَڳِيءَ
جو، لَطِيفُ
چَئي، نڪو
قال نه
قِيلُ؛
لِکـئي
لامُون کوڙِيُون،
نيڻين وَھي
نِيرُ؛
ھِنئَڙا!
ٿِيُ سُڌِيرُ،
ڪالهه قَرِيبَنِ
لَڏِيو.
5
ڪي
اوڏائِي ڏُورِ،
ڪي ڏُورِ
به اوڏا
سُپِرِين؛
ڪي
سَنڀِرجَن نه
ڪَڏھِين، ڪي
نه وِسرَنِ
مُورِ؛
جِئَن
مينهِن ڪُنڍِيءَ
پُورِ، تِئَن
دوسِتَ وَراڪو
دِلِ سين.
6
ڪوٺي
ڪُٺائُون، اَڄُ
پڻ اَکَڙِيُن
سين؛
ماسُ
وِراھي ھَلِيا،
ڪَرنگَلُ ڇَڏِيائُون؛
”وَتَوَاصَوۡ
ابِالۡحَقِّ وَتَوَاصَوۡابِالصَّبۡرِ“
اِئين اُتائُون؛
مُئِي
مارِيائُون، کِـلِي
گھائِيو سَڄَڻين.
7
ماڙھُو
گُھرِنِ مالُ،
آئُون سَڀ
ڏِينهَن گُھران
سُپِرِين؛
دُنيا
تَنهن دوسِتَ
تان، فِدا
ڪَرِيان فِي
الحالُ؛
ڪَيَسِ
نامَ نهالُ،
پَسَڻُ تان
پَري ٿِيو.
8
ڪَڏَهِن
طاقِيُون ڏِينِ،
ڪَڏَهِن کُلَنِ
دَرَ دوسِتَنِ
جا؛
ڪَڏَهِن
اَچان، اَچَڻُ
نه لَهان،
ڪَڏَهِن ڪوٺِيو
نِينِ؛
ڪَڏَهِن
سِڪان سَڏَ
کي، ڪَڏَهِن
ڳُجھاندَرَ ڳَـرَهِين؛
اَهڙائِي
آهينِ، صاحِبَ
مُنهنجا سُپِرِين.
9
صُورَتَ
گھڻو سُهِڻا،
ٽاڻا سَندَنِ
ٽُوهَ؛
ريلو
ڏِئي رُوحَ،
جو کائي،
سو کامِي
مَري.
Shah Abdul Latif Bhittai
Back to INDEX
سُر يمن ڪلياڻ
سُر سريراڳ
سُر سامونڊي
سُر سهڻي
سُر سسئي آبري
سُر ڪوهياري
سُر حسيني
سُر سورٺ
سُر ڪيڏارو
سُر سارنگ
سُر آسا
سُر رپ
سُر کاهوڙي
سُر بروو سنڌي
سُر رامڪلي
Comments
Post a Comment