سُر آسا - داستان پهريون

سُر آسا

داستان پهريون

1
لوچان ٿِي لاحَدَ ۾، هادِيءَ لَهان نَه حَدُّ؛
سُپيرِيان جي سُونهَن جو، نَڪو قَدُ نَه مَدُّ؛
هِتِ سِڪَڻُ بي عَدَدُّ، هُتِ پِرِينءَ پَرِوا ناهِ ڪو.

2
آئُونسين اُنَ پارِ، ڪَڏِهن تان ڪونَه پِيو؛
اِنَّ اللهَ وِتۡرٌ يُّحِبُّ الۡوِتۡر، نيئِي ٻِيائِي ٻارِ؛
هيڪِڙائِيءَ وَٽِ هارِ، هَنجُون جي هُئَڻَ جُون.

3
ٻَنِ! ٻِيائِي، سُپِرِين! پاڻان مُون کي پَلِ؛
آئُوناورِيان جَھلِ، توکي رَسيتوڌَڻِي.

4
هُو پِڻُ ڪونهي هِنَ ري، هِيُ نَه هُنَهان ڌارَ؛
اَلۡاِنۡسَانُ سِرِّيۡ وَ اَنَا سِرُّهٗ، پَرُوڙِج پَچارَ؛
ڪَندا وِيا تَنوارَ، عالِمَ عارِفَ اَهڙِي.

5
جان جان پَسِين پاڻَ کي، تان تان ناهِ نِمازَ؛
سَڀِ وِڃائي سازَ، تِهان پوءِ تَڪبِيرَ چَئو.

6
جان جان پَسِين پاڻَ کي، تان تان ناهِ سُجُودُ؛
وِڃائي وُجُودُ، تِهان پوءِ تَڪبِيرَ چَئو.

7
نابُودِيءَ نيئِي، عَبۡدَ کي اَعلىٰ ڪَيو؛
مُورَتَ ۾ مَخفِي ٿِيا، صُورَتَ پِڻُ سيئِي؛
ڪَبِي اِتِ ڪيهِي؟ ڳالِھه پِرِيان جي ڳُجَھ جِي.

8
جن وِڃايو وُجُود کي، سي فانِي ٿِيافِي اللهَ۾؛
نه تِنِ قِيامُ نَه قُـعُودُ ۾، نه ڪو ڪَنِ سُجُودُ؛
جيلان ٿِيا نابُودُ، تيلان گَڏِيا بُودُ کي.




Shah Abdul Latif Bhittai 


Back to INDEX







سُر  يمن  ڪلياڻ






سُر  سريراڳ




سُر  سامونڊي




سُر  سهڻي




سُر سسئي آبري




سُر ڪوهياري




سُر حسيني





Digital Sindh
Smart People




Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت