سُر ديسي - داستان ٻيو
سُر
ديسي
داستان
ٻيو
1
مِڙِي
مُنڌَ ڏي
آئِيُون، ساھيڙِيُون
سَھَجان؛
اَلسَّفَرُ
قِطۡعَةٌ مِنَّ
النَّارِ، ھارِي!
موٽُ ھِتان؛
سَڱَ
صِراطَ الۡمُسۡتَقِيۡمَ
جو، اَٿيئِي
تان اڳيان؛
سي
ڪيچِي نِيندَءِ
ڪِيان؟ تُنھنجو
نِينھُن نِفاقَ
سين.
2
جَڏان
ڪُنۡ فَيَڪُوۡنَ
چَئِي، نِيو
آرِياڻِيءَ اَرِواحُ؛
اَنگُ
اَڳَھِين لِکِيو،
مُنھنجو مِيثاقاءَ؛
مَنۡ
طَلَبَ شَيۡئاً
وَّ جَدَّ
وَ جَدَ،
اُتو عَلِيءَ
شاہَ؛
اَڃا
اِن حَدِيثَ
جو، مُون
آسِرو آہِ؛
پُنھونءَ
جي پيغامَ
تان، مُنھِنجو
موتُ مُباحُ؛
سَرَتِيُون!
دُعا ڪَجاہُ،
ته ميڙائو
مُون ٿِـئي.
3
سَبَہَ
سِياھِي، آھي
آرِيءَ ڄامَ
ري؛
ڪڏھن
پَسي ڪا
نه ڪا،
رِءَ لالَنَ
لالائِي؛
دُودُ
دِلِ تان
دُورڪَري، ڪَرِ،
ساجَنَ! صَفائِي؛
مَنۡ
لاَ شَيۡخُ
لَہٗ فَشَيۡخُہُ
الشَّيۡطَانُ، اِنَ
رِءَ اُونداھِي؛
ھُوءَ
جا ھَلِي
ھيڪِلِي، سا
گِيرَبَ گَمائِي؛
بِلَا
شَيۡخِ مَنۡ
يّـَمۡشِيۡ فِى
الَّطَرِيۡقِ، اِھڙِي
اَوائِي؛
تنھن
رِءَ تَوائِي،
ڪوڙين ٿِيَنِ
ڪيتَريُون.
4
ڀِـنِيءَ
ٿا ڀَرِينِ،
ساٿِيُنِ سَنڊَ
ھَٿَنِ ۾؛
ليڙَنِ
جو لَطِيفُ
چئي، مُون
کي مَنجُھ
نه ڏِينِ؛
ھوتُ
پُنھون ٿا
نِينِ، اَسُونھِينءَ
جو آجِڪو!
5
پڻ
ٿا پَلاڻِينِ،
اوٺِي اَڄُ
اُٻاکَرا؛
پَہَ
پاريسِيُون پاڻَ
۾، ڏيرَ
ڏِھاڻِي ڏِين؛
ھوتُ
پُنھون ٿا
نِينِ، ٻاروچِي
ٻولِي ڪَيو!
6
دوڪَ
دَھِليا جِتِ،
گـؤرا ھَلَنِ
نه گَسَ
۾؛
چَؤسالَ
ئِي نه
چَلِڻا، ٿِي
تَنگَ نِھاري
تِتِ؛
سُوڌِي
اُنِين، سَيَّدُ
چئي، پوءِ
پانچارِيَنِ پِرِتِ؛
اِنَ
اَڙانگي پَنڌَ
جِي، ڪا
نيشَنِ پوءِ
نِرِتِ؛
سَسُئِي
وَڏي سَتِ،
جا اَھڙِيءَ
پَرِ پَنڌُ
ڪَري.
7
”ھَيءِ
! ھَيءِ!“ ڪَيو
”ھاءِ!“،
ٿِي پاڻ
ھڻي سِرِ
پاھِڻين؛
لَڌائِين،
لَطِيفُ چَئي،
جُوءِ جَتَنِ
جِي جاءِ؛
شُڪۡرَ،
بارِ! سَنداءِ،
سُٿاڻي ساٿِ
مڙِي.
Shah Abdul Latif Bhittai
Back to INDEX
سُر يمن ڪلياڻ
سُر سريراڳ
سُر سامونڊي
سُر سهڻي
سُر سسئي آبري
سُر ڪوهياري
سُر حسيني
سُر سورٺ
سُر ڪيڏارو
سُر سارنگ
سُر آسا
سُر رپ
سُر کاهوڙي
سُر بروو سنڌي
سُر رامڪلي
Comments
Post a Comment