سُر مارئي - داستان پهريون

سُر مارئي

داستان پهريون

1
اَلَستُ بِرَبِّڪُم، جَڏهِن ڪَنِ پِيومِ؛
قَالُوا بَليٰقَلبَ سِيـن، تَڏَهِن تِتِّ چَيومِ؛
تَنهِين ويرَ ڪَيومِ، وَچَنُ ويڙيچَن سِين.

2
جَڏهِنڪُن فَـيَڪُونُ، مَنُ تَڏهانڪُون مارُئين؛
تُون ڪِئَن وِجِهين تن کي، سُومِرا! شَڪُون؟
هَمِيـرَنِ هَڪُون، جاڙَ جُسي کي پاتِــيُون!

3
نَڪاڪُنۡ فَــيَڪُونهُئي، نَڪا مُورَتَ ماهَ؛
نَڪا سُڌِ ثَوابَ جِي، نَڪو غَرضُ گُناهَ؛
هيڪائي هيڪ هُئي، وَحۡدانِّيتَ واهَ؛
لَـکِيائِين لَطِيفُ چَئي، اُتِ ڳُجھاندَرَ ڳاهَ؛
اکِــيُـن ۽ اَرۡواحَ، اِها ساڃاءِ، سُپِرِين!

4
قَيدُالۡـماءِٿِيومِ، هِتِ اَڙانگي گھارِيان؛
هِناڪَ جِسۡمِيۡ وَالۡـفُؤَادُ لَدَيۡڪُمۡ، هِنئون هُتِّ سَندومِ؛
قادِرُ شالَ ڪَندومِ، ميڙاڪو سِين مارُئين!

5
جَهِڙوقَيدُالۡـماءِ، تَهِڙو بَندُ نه ڪو ٻِيو؛
جَفَّ الۡـقَلَمُ بِـمَا هُوَ ڪائِنٌ، لَـهي نه تِـرُ تِئاءِ؛
عُمَرَ! تو هَٿاءِ، اَجائي ٿِئي آجِڙين!

6
رِءَ اِعرابِيُـنِ هِتِّ، گَھنگَھرُ گھارَڻُ مون ٿِيو؛
بَڪَتِ الۡـعَيۡنَانِ فِـيۡ هَوَاڪَ دَماً، پُڄان ساڻُ پِرِتِّ،
مَنُ، اَکِــيُون، تَنُ تِتِّ، جِتي جَنَبُ جيڏِيـين.

7
هي هَنڌَ، ڀيڻِيـُون هاڻِ، ساڙِيان سڀِ ڏيهِيُـن ري؛
ڪُلُّ شَيءٍ يَرجِعُ اِلىٰ اَصلِہٖ، ٿي جِھڄان جھانگِــيُـنِ ڪاڻِ؛
ڀِرِي پَنهنجي ڀاڻِ، پَسان مُلِڪُ مَلِيـرَ جو!




Shah Abdul Latif Bhittai 


Back to INDEX







سُر  يمن  ڪلياڻ






سُر  سريراڳ




سُر  سامونڊي




سُر  سهڻي




سُر سسئي آبري




سُر ڪوهياري




سُر حسيني





Digital Sindh
Smart People




Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت