سُر حسيني - داستان ٽيون
سُر
حسيني
داستان
ٽيون
1
ڪو
گُھمندي گھورُ،
آيُمِ ٻاروچَنِ
جو؛
ڇَڏِيندِيَسِ
ڀَنڀورُ، هِنئون
هِتِ نه
وِندُري.
2
ڀَنڀورَجَنِ
سُکَنِ، مُون
کي ساٿان
کارِيو؛
هاڻي
ساڻُ ڏُکَنِ،
تان ڪِي
ڏُونگَـرَ ڏورِيان.
3
ڀينَرُ!
ڀَنڀوران، ڀَڄو
تان اُبَهو؛
اَڳي
اِنَ ماڳان،
سَرَتِيُنِ سُورَ
پِرائِيا.
4
ڀينَرُ!
هِنَ ڀَنڀورَ
۾، دوزَخَ
جو دُونهون؛
سَوارو
سُونهون، پُڇِي
پُورِجِ، سَسُئِي!
5
ڀَنڀوران
اُجاڙُ، سَرَتِيُون!
سَکَـرُ ڀانـئِيان؛
مُون
سين تنهن
پَهاڙُ، ڏُکان
هَڏِ نه
ڏوريو.
6
اُجاڙان
ڀَنڀورُ، سَرَتِيُون!
سَکَـرُ ڀانـئِيان؛
آرِياڻِي
اَتورُ، ڏِٺُمِ
جِتِ اکينِ
سان.
7
ڀُـلِيو
سَڀُ ڀَنڀورُ،
جو پُٺِيءَ
هوتَ نه
هَليو؛
شَهرَ
سُڃاتو ڪِينَ
ڪِي، آرِياڻِي
اَتورُ؛
ماڻِيو
تنِين مورُ،
ديکِيو جنِين
دِلِ سين.
8
بُرو
هو ڀَنڀورُ،
جو آرِياڻِيءَ
اُجارِيو؛
لاٿو
سَڀَ لوڪَ
تان، هاڙهي
ڌَڻِيءَ هورُ؛
ڇورِيُون
ڇُرَڻُ سِکـيُون،
پُنهون ڪَيائُون
پورُ؛
آيو
سو اَتورُ،
جنهن ڏُکيُون
ڏِکَ وِهارِيُون.
Shah Abdul Latif Bhittai
Back to INDEX
سُر يمن ڪلياڻ
سُر سريراڳ
سُر سامونڊي
سُر سهڻي
سُر سسئي آبري
سُر ڪوهياري
سُر حسيني
سُر سورٺ
سُر ڪيڏارو
سُر سارنگ
سُر آسا
سُر رپ
سُر کاهوڙي
سُر بروو سنڌي
سُر رامڪلي
Comments
Post a Comment