سُر معذوري - داستان ٻيو

سُر معذوري

داستان ٻيو

1
اَدِيُون! وَرُ اُگھاڙَ، وِھانءُ جنھن وِساريو؛
جيڏِيون! ڇڏي جاڙَ، سَڀِ نَنگـيُون ٿي نِڪرو.

2
سَڀِ نَنگـيُون ٿي نِڪرو، لا لَچِ ڇڏي لوڀُ؛
سُپيرِيان سين سوڀَ، نِنڊُون ڪندي نه ٿِئي.

3
سَڀِ نَنگـيُون ٿي نِڪرو، پَرَھَڻَ ڇَڏي پوءِ؛
مَھَندِ مِڙَنِئان ھوءِ، ڪَھي جا ڪِينَ کڻِي.

4
ڪَھي جا ڪِينَ کڻِي، پِرينءَ پَھُتِي سا؛
وِھي ويڙھجِي جا، وَصۡلُ تنھن وِڃائِيو.

5
وَصۡلُ تنھن وِڃائِيو، سِينڌِ سُرمي سِيئَن؛
سا لُوٽِي لِيلان جِيئن، مَڻِيو جنھن مِٽُ ڪَيو.

6
ھُوندِيان ھوتُ پَري، اوڏو آہ اَڻَ ھُوندِ کي؛
ساڄَنُ تن سَري،لاسين لَڏيِنِ جي.

7
لائي خَنجَرُلاجو، ھَيءِ! خَچَرَ کي ھَڻُ؛
سَڌُنِ جُون سَيَّدُ چئي، وَٿُون سَڀِ وِڪَڻُ؛
پيرُ پَرُوڙي کَڻُ، ته ھَلَڻَ ۾ ھورِي وَھِين.

8
ھورِنِ ھاڙھو لَنگِھيو، ٿِي جَرِيدِي، جوءِ!
ھُوندِ جنِين سين ھوءِ، ھوتُ نه ھُوندو تن سين.

9
ھورِنِ ھاڙھو لَنگِھيو، مُٺِي! مُوسَٽُ ڇَڏِ؛
لاسين اُٿِي لَڏِ،ڪِينَرَساڻي ڪيچَ کي.

10
نڪا ھِتِ، نه ھُتِ، ڪا ڳَوريءَ سندِي ڳالِ؛
ڪِينَ پَھُتِي مالِ، حالِ پَھُتِي ھوتَ کي.




Shah Abdul Latif Bhittai 


Back to INDEX







سُر  يمن  ڪلياڻ






سُر  سريراڳ




سُر  سامونڊي




سُر  سهڻي




سُر سسئي آبري




سُر ڪوهياري




سُر حسيني





Digital Sindh
Smart People



Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت