Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

سُر ڪيڏارو - داستان چوٿون

سُر ڪيڏارو

داستان چوٿون

1
ڪا جا ڍُرِي ڍُنگرِي، ڪو جو وَرِيو واءُ؛
عَلِيءَ شير وِياءُ، رِڻَ ۾ پِيَن راتِڙِي.

2
جھيڙو لاهِ، يَزِيدَ! عَلِيءَ جي اولادَ سـيـن؛
سا نه پَسَـنـدين عِـيـدَ، جا ھُوندِي مِيرَ حُـسـيـنَ سـيـن.

3
ڪُوفِيُنِ قَھِرُڪَيو، ٿِيا جَماتِي يَزِيدَ سين؛
پَلِيتَن کي پِڙَ ۾، وَرِنَہُ وَرِ پِيو؛
سَڌَرِ ھونِ سِھو، شيرُ شَھادَتَ رَسِيو.

4
ڪُوفِيُنِ ڪاغَذُ لِکِيو، وِچِ وِجِھي اَللّهُ؛
اَسِين تابِعَ تُنھنجا، تُون اَسانجو شاهُ؛
ھيڪَرَ ھيڏي آءُ، ته تَختُ تابِيني تُنھنجي.“

5
ڪُوفِي ڪَربَلا ۾، پاڻِي نه پِيارِينِ؛
اُتي عَليءَ شاهَ کي، شَهزادا سارِينِ؛
نِڪِريو، نِهارِينِ؛ چَڙهُ، مِيرَ مُحمَّدَ عَرَبِي!

6
پِرِهَ پَکِي آئِيو، ڪَربَلا مان ڪَهِي؛
روضي پاسِ رَسُولَ جي، تَنهِن ھلِي ھاڪَ ھَنئِي؛
ڏِٺِـيَمِ رُڪَ رُئِي، چَڙهُ، مِيرَ مُحَمَّدَ عَرَبِي!“




Shah Abdul Latif Bhittai 


Back to INDEX







سُر  يمن  ڪلياڻ






سُر  سريراڳ




سُر  سامونڊي




سُر  سهڻي




سُر سسئي آبري




سُر ڪوهياري




سُر حسيني





Digital Sindh
Smart People




Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more