سُر ڏهر - داستان ٻيو
سُر
ڏهر
داستان
ٻيو
1
مَدِيني
جا مِيرَ!
سُڻُ مُنهِنجا
سَڏَڙا؛
سَرَڻِ
تُنهِنجي سِيرَ،
تُون پارِ
لَنگھائِيين پَيَڙا.
2
ڌَڻِي!
سو وارِئين
واءُ، جو
ميڙائو سَڄَڻين؛
وَهِيءَ
واٽَ مَٿاءُ،
هِنئَڙي آسَرَ
مَ لَهي.
3
نيڻَ
جي نِهارِينِ،
سي اَڄُ
نه اوٺِي
آئِيا؛
هَنجُون
نه هارِينِ،
پاڻِي پُنهُونءَ
ڄامَ ري.
4
نيڻَ
نِهاري مُنهِنجا،
روئِي ٿِيا
رَتُ؛
پُنهُونءَ
هوءِ پَهَتُ،
ته پارِي
نِيَنِ پاڻَ
سين.
5
َاڄُ
اَڱَڻُ ڪيڻانِ،
آسَرَ لَڳِي
سورِيانِ؛
ڏُونگَرِ
ڏِينهَن لَڳانِ،
مانَ وَرِڪَنِ
سُپِرِين.
6
اَللهَ
جِئن نالوءِ،
تِئن مُون
وَڏو آسِرو؛
خالِقَ!
تُنهِنجي کاندِ
جو، پَرو
پاندُ نه
ڪوءِ؛
نالو،
ربَّ! سَندوءِ،
رَهِيو آهِمِ
رُوحَ ۾.
7
صاحِبَ!
تُنهِنجِي صاحِبِي،
عَجَبُ ڏِٺِي
سُون؛
پَنَ
ٻوڙِين پاتالَ
۾، پَهَڻَ
تارِين تُون؛
جيڪَرَ
اچِين مُون،
ته ميرِيائِي
مانُ لَهان.
8
جيڏو
تنُهِنجو نانءُ،
ٻاجَھ به
اوڏِيائي مَڱانءِ؛
رِءَ
ٿَنڀين، رِءَ
ٿُوڻِيين، تُون
ڇَپَرُ، تُون
ڇانءَ؛
ڪُڄاڙو
ڪَهانءِ؟ توکي
مَعلُومُ سَڀَڪا.
9
سَتَرُ
ڪرِ سَتّارَ!
آءٌ اُگھاڙِي
آهِيان؛
ڍَڪِئين
ڍَڪَڻَهارَ! ڏيئِي
پاندُ پَناهَ
جو.
وائي
مُون
کي نِنڊَ
نه نيڻين
نيڻين، ڪالَهُون
پوءِ لَڪَن
۾.
موٽُ
تُون آيَلَ!
مُنهِنجِي ماءُ!
تان تو
ڏُکُ نه
ڪيڻين ڪيڻين؛
هُوءِ
نه نينِمِ
پاڻَ سين،
جا ويندڙِي
سيڻين سيڻين؛
ڪالهُوڻِيان
اَڄُ گَھڻِي،
جھورَڙِي جھيڻين
جھيڻين.
ٻِيُون
سَڀُ واڳِيون
وَرَنِ سين،
آءٌ جا
واڳَڙِي ويڻين
ويڻين.
هِنئَڙو
ڏاڙهُونءَ گُلَ
جِئن، روئي
رَتڙو نيڻين
نيڻين.
اَلا!
عَبۡدَاللَطِيفُ چئي،
مُحِبَّ اسان
تُون ميڙين
ميڙين.
Shah Abdul Latif Bhittai
Back to INDEX
سُر يمن ڪلياڻ
سُر سريراڳ
سُر سامونڊي
سُر سهڻي
سُر سسئي آبري
سُر ڪوهياري
سُر حسيني
سُر سورٺ
سُر ڪيڏارو
سُر سارنگ
سُر آسا
سُر رپ
سُر کاهوڙي
سُر بروو سنڌي
سُر رامڪلي
Comments
Post a Comment