سُر سورٺ - داستان ٽيون

سُر سورٺ

داستان ٽيون

1
ڪِي جو ٻِيجَلَ ٻولِيو، ڀِنِيءَ ويهِي ڀانَ؛
راجا رَتولَنِ ۾، سيباڻو سُلطانَ؛
آءُ مٿاهُون مَڱـڻا! مُقابِلِ مَيدانَ؛
گھورِيان لَکَ، لَطِيفُ چئي، تُنهنجي قَدمَنِ تان قُرِبانَ؛
مَٿو هِيءُ مِزمانَ! هَلِي آءُ ته هِتِ ڏِيَنءِ.“

2
آءُ مٿاهُون مَڱڻا! چڙهي ۾ چَؤڏولَ؛
توکي گھوٽَ گُھرائِيو، راڄا مَنجِھ رَتولَ؛
ٻيجَلَ! توسين ٻولَ، وِهاڻِيءَ وَڍَڻَ جِي.“

3
مَحَلين آيو مَڱـڻو، کَـڻِي سازُ سِرِي؛
لَڳِي تَندُ تُنبيرَ جِي، پِيا ڪوٽَ ڪِرِي؛
هَنڌين ماڳين هُوءِ ٿِي، تُنهنجِي ٻِيجَلَ! دانهَن ٻُرِي؛
سِسِي تَنهِن سُلطانَ کان، اچِي گھوٽَ گُھرِي؛
جُهونا ڳَڙهُ جُھرِي، پُوندي جھانءِ جَھروڪَ ۾.

4
ڏاتارَ ۽ مَڱـڻي، ڪونه وسِيلو وِچِ؛
سائِي تالَ تَندُنِ جِي، سائِي چارَڻَ چِتِ؛
جي هِتي جي هُتِ، ته ڳالھِ مِڙِيائِي هيڪِڙِي.

5
جاجِڪَ! تو جُهارُ، ڏَھَ ڀيرا ڏِياچُ چئي؛
جَنهِن ۾ مالُ نه مِرِيءَ جيترو، تَنهِن تون طَمَعَدارُ؛
جي اچيئِي ڪَمِ ڪَپارُ، ته وِيہَ ڀيرا وڍَي ڏِيَنءِ.“

6
ٻيلي! ٻَئِي پارَ، جان مُون نيڻَ هَڻِي نِهارِيا؛
چوري رَکِـيَم چِتَ ۾، ڏِسِيُنِ جا ڏاتارَ؛
هِيُ سِرُ توهان ڌارَ، ٻِيجي ڪَنهِن نه ٻولِيو.“

7
سو جِيُ، مَڱَـڻهارَ! مَ هوءِ، جَنهِن تو مَٿي سِرَ سَٽو ڪَيو؛
جو مُون مُل مُورِ نه سَپَڄي، تان جي سو گُهرِيوءِ؛
تان جُڳان جُڳِ ڏِنوءِ، ڏُنگو ڏاتارَنِ کي.“

8
مَٿو مَٿائِين گھورِيان، مَٿو تو مَٿاءِ؛
هَڏو هِيُ هَٿِ ڪَري، جاجِڪَ! وَهِلو جاءِ؛
تُون سين اَنِيراءِ، جِمَ واچا ۾ وِلَهو وَهِين.“

9
مَٿو مُورِ نه پاڙِيان، تُنهنجي تَندُ تَنوارَ؛
سِرَ ۾ سَڃَڻَ ناهِ ڪِي، موٽُ مَ، مَڱـڻهارَ!
ڪِينهي منجِھ ڪَپارَ، لَڄيندو ٿو لاهِيان.“

10
سؤ سِرَنِ پائي، جي تَندُ بَرابَر تورِيان؛
اُٽَلَ اوڏانهِين ٿِـئي، جيڏانهن ٻِيجَلَ ٻُرائي؛
سَکِـڻو هَڏُ آهي، سِرَ ۾ سَڃَڻُ ناهِ ڪِي.“

11
مَٿي اُتي مُنهنجي، جي ڪوڙين هُوَنِ ڪَپارَ؛
ته وارِيو وارِيو وَڍِيان، سِسِيءَ کي سَوَ وارَ؛
ته پِڻُ تَندُ تَنوارَ، مُوهان مٿائُون، مَڱـڻا!“

12
جو تو ڏِيَڻُ، ڏِياچَ! لاهِيو اِي سِرُ سَڀِڪو ڏي؛
ڪِي نانہِ جَهِڙو ڏي، جو سَنَدَ ٿِـئي سُواليِـين.“

13
پَسِي پاٽُ پُرِ ٿِيو، سندو جادِمَ جُودُ؛
مَڱَ وِهاڻِيءَ مڱڻا! مَٿو هيرَ مَوجُودُ؛
بَلَڪِ آهي بُودُ، ناڪَسِيءَ، نابُودُ ۾.

14
چارَڻَ چَنگُ ڪُلهي ڪَري، پيرَ پُرِي پاتا؛
صَدا جي سَيَّدُ چئي، وائِي ڪَيائِين واتا؛
تَنهِن تي راءُ راضِي ٿِيو، دِلِ وڏِيءَ داتا؛
مَرڪي مَرُ ماتا، رُوڙِي راءِ ڏياچَ جي.




Shah Abdul Latif Bhittai 


Back to INDEX







سُر  يمن  ڪلياڻ






سُر  سريراڳ




سُر  سامونڊي




سُر  سهڻي




سُر سسئي آبري




سُر ڪوهياري




سُر حسيني





Digital Sindh
Smart People




Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت