سُر سسئي آبري - داستان ڇهون
سُر
سسئي آبري
داستان
ڇهون
1
جُدائِيءَ
جو جامُ،
ڏِنائُون ڏُکِيءَ
کي؛
مَنگَلُ
مُنهنجي مَنَ
۾، ٻارِيو
هوتَ حَمامُ؛
اَرکِ
ٿِيو آرامُ،
ڪاڪُلُ پَسِي
ڪانڌَ جو.
2
دَرِدُ
نه لَهي
دارُوئين، زُلِفَ
زورُ ڏِنومِ؛
ڪاڪُلُ
ڪالَ ڏِٺومِ،
رُخساري تي
رُوپَ سين.
3
ڪاڪُلَ
ڪُٺِي جا،
ڪَفَنُ تنهن
ڪِينَ ٿئي؛
مَنجھ
شهادَتَ سان،
لُڏي ۽
لاڏَ ڪري.
4
ڏَکا،
ڏُونگَرَ ڄامَ!
مَ ڪَرِ
مَعذُورِنِ تي؛
توتي
لَڄَ، لَطِيفُ
چئي، آهي
سَندِي عامَ؛
مارِ
مَ چَئِي
مَعذُورِ کي،
وَنهيا ڪانڌَ!
ڪَلامَ؛
پَرِچِجِ
پِيادِنِ سين،
اَللهَ لَڳِ،
عَلامَ!
جا
نَوازِي اَهنجي
نامَ، سا،
هوتَ! مَ
ڇَڏِجِ هيڪِلِي.
5
پَير
پَٽانـئِي ڪُنۡئَرا،
ڏُونگَـرَ مَٿي
ڏي؛
ڦَٽِيا
ڦَڻَ فَقِيرِ
جا، سيرُون
ٿِـيَڙا سي؛
جهڙي
تهڙي حال
سين، پُري
پُنهونءَ ڏي؛
وَڃي،
مانَ وَري،
ٻانهِيءَ ٻَنڌَڻُ
جنهن سين.
Shah Abdul Latif Bhittai
Back to INDEX
سُر يمن ڪلياڻ
سُر سريراڳ
سُر سامونڊي
سُر سهڻي
سُر سسئي آبري
سُر ڪوهياري
سُر حسيني
سُر سورٺ
سُر ڪيڏارو
سُر سارنگ
سُر آسا
سُر رپ
سُر کاهوڙي
سُر بروو سنڌي
سُر رامڪلي
Comments
Post a Comment