سُر سسئي آبري - داستان پهريون
سُر
سسئي آبري
داستان
پهريون
1
جي
سِجھائِي سڪَ،
ته پِڻُ
سِڪي سَسُئِي؛
پِيتائِين
پُنهونءَ کي،
هڏِ نه
ڀَڳِـيَسِ هڪَ؛
اِن
تَڙَ منجھان
تِڪَ، ڏِني
پاڻَ اُڃَ
ٿئَي.
2
پَسِي
جھاجھ جَمال
جِي، جنِين
پِيتِي پِڪَ؛
اَپَرِ
اَڳانجھو ٿيو،
سُورُ اُنِين
کي سِڪَ؛
هڏِ
نه ڀَڳِيَنِ
هڪَ، سَدا
سائِـرَ سِيرَ
۾.
3
مُحَبَّتَ
جن جي
مَنَ ۾،
تن تِشۡنَگِي
تارِ؛
پِي
پِيالو اُڃ
جو، اُڃَ
سي اُڃَ
اُٿِيارِ؛
پُنهون
پاڻَ پِيارِ،
ته اُڃَ
سِين اُڃَ
اُجھائِيان.
4
مَحَبَّتَ
سَندو مَنَ
۾، پُرُ
پِيالو جن؛
پِيَڻَ
پَرَچاءُ ناہِ
ڪو، ڪنهن
جنهن ڏاہِ
ڏَڀَن؛
تنهن
نِهايَتِ ناہِ
ڪا، جنهن
سُڃا سُڃَ
وڃن؛
تيلان
اُڃَ مَرَنِ،
سَدا سائِرَ
سِيرَ ۾.
5
سَدا
سائِرَ سِيرَ
۾، اَندرِ
لَهي نه
اُڃَ؛
پَسَڻُ
جو پِرينءَ
جو، سا
سَڀائِي سُڃَ؛
تيلان
مَرَنِ اُڃَ،
سَدا سائِرَ
سِيرَ ۾.
6
ساجَنَ
ڪارَڻِ سُڃَ،
مَرُ قَبُولي
سَسُئِي؛
اَندَرُ
جنِين اُڃَ،
پاڻِي اُڃِيو
اُنَ کي.
7
پاڻِيءَ
مَٿي جھوپڙا،
مُورکَ اُڃَ
مَرَنِ؛
ساهان
اوڏو سُپَرِين،
لوچي تان
نه لَهنِ؛
دَمُ
نه سُڃاڻَنِ،
دانهون ڪن
مُٺَنِ جئن.
8
سَسُئِيءَ
ڪِينَ سَمجھيو،
اوري آريءَ
ساڻُ؛
ڪري
پيکُ پُنهونءَ
سين، پاڌارِيائِين
پاڻُ؛
ڄَٽِ
وِڃايو ڄاڻُ،
ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ
سين.
9
لَڳي
ڪوسو واءُ،
لوڪُ مِڙوئِي
لَهسِيو؛
اُڀَنِ
مَنجھان آيو،
”هيءِ! هيءِ!“
جو هڳاءُ؛
طُيورَنِ
تَنوارِيو، پُنهونءَ
پُڄاڻاءُ؛
رَسِيو
سُورُ شَبانَ
کي، وُحُوشَنِ
وَٽاءُ؛
مِرُوئَنِ
موتُ قَبُولِيو،
اَپَرِ اَفسوساءُ؛
بَرَ
پِڻُ ڪن
بُڪاءُ، اُڪَنڍِيا
آرِيءَ لَءِ
گھڻو.
10
مَهندِ
مُحتاجِي ڪَري،
پُٺِيءَ پيرُکَـڻيجِ؛
ڪُٻيلِياڻِي!
ڪيچَ ڏي،
حُجَ مَ
هلائيجِ؛
پاڻا
ڌارَ پِرِيتَڻو،
سَسُئِي! ساڻُ
کَڻيجِ؛
اوڏِي
عَزازِيلَ کي،
ويجھي تان
مَ وَڃيجِ؛
نا
اُميدِي نيجِ،
ته اوڏِي
ٿِئين اُميدَ
کي.
11
ويہُ
مَ مُنڌَ!
ڀَنڀورَ ۾،
هاڙهي هڏِ
مَ هلُ؛
ڪُوڙِي
ڪَجِ مَ
ڪڏهين، سَچِي
ڳالھ مَ
سَلُ؛
جانِبَ
لءِ مَ
جَلُ، سُورَ
وِسارِ مَ
سَسُئِي!
12
سُکين
ٿِيُ مَ
سَنَرِي، پَسِي
ڏُکَ مَ
ڏَرُ؛
پَٽي
ڪَر مَ
پانهنجو، گھورِي!
اَڏِ مَ
گھرُ؛
مارِي!
هڏِ مَ
مَرُ، مَڇُڻِ
جِيُ جِيارِئين.
Shah Abdul Latif Bhittai
Back to INDEX
سُر يمن ڪلياڻ
سُر سريراڳ
سُر سامونڊي
سُر سهڻي
سُر سسئي آبري
سُر ڪوهياري
سُر حسيني
سُر سورٺ
سُر ڪيڏارو
سُر سارنگ
سُر آسا
سُر رپ
سُر کاهوڙي
سُر بروو سنڌي
سُر رامڪلي
Comments
Post a Comment