سُر حسيني - داستان ستون
سُر
حسيني
داستان
ستون
1
پُڇَنِ
سي پَسَنِ،
جڏهن پِرِينءَ
کي؛
ڏورِيندِيُون
ڏِسَنِ، اَڱَڻَ
عَجِيبَنِ جا.
2
پُڇيو
ئِي، تان
پُورِ؛ ناتَ
پُڇَڻُ هوءِ
مَ پِرِينءَ
کي؛
ڏورَڻَ
وارِيُون ڏُورِ،
هَڏِ نه
آهِينِ هوتَ
کي.
3
ڏورِيان،
ڏورِيان، مَ
لَهان! شالَ
مَ مِلان
هوتَ!
مَنَ
اَندَرِ جا
لوچَ، مَڇُڻِ
مِلَڻَ سان
ماٺِي ٿِئي.
4
آئون
ڏورِيَنءَ، شالَ
م لَهَنءَ!
پِرِين! هُئين
پَري!
هَڏِ
نه ساهَ
سَري، تَنَ
تَسَلِّي نه
ٿِـئي!
5
ڇَڏِيَمِ
حُجَّ هَلَڻَ
جِي، چَکِيَمِ
چاڙهِيڪا؛
اَدِيُون!
آڙِيڪا، هِنئڙي
پِيَمِ هوتَ
سين.
6
جيڪا
ڪَندي سَنگُ،
مُون جئن
ٻاروچَنِ سين؛
اَنگُنِ
چاڙهي اَنگُ،
رُئندِي سا
رَتَ ڦُڙا.
Shah Abdul Latif Bhittai
Back to INDEX
سُر يمن ڪلياڻ
سُر سريراڳ
سُر سامونڊي
سُر سهڻي
سُر سسئي آبري
سُر ڪوهياري
سُر حسيني
سُر سورٺ
سُر ڪيڏارو
سُر سارنگ
سُر آسا
سُر رپ
سُر کاهوڙي
سُر بروو سنڌي
سُر رامڪلي
Comments
Post a Comment