سُر سورٺ - داستان پهريون
سُر
سورٺ
داستان
پهريون
1
اَللهَ
جي آسَ
ڪري، هَليو
هِيائِين؛
چارَڻَ
ٻَڌا چَنگَ
کي، جُھوڙا
۽ جھائِين؛
ڏولِي
راءِ ڏياچَ
جي، ڏُوران
ڏِٺائِين؛
وَينَتِي
واحِدَ دَرِ،
تَنهِن ويرَ
ڪَيائِين؛
”سَٻاجها
سائِين! راءُ
رِيجھائِين راڳَ
سين.“
2
”پَرِديسان
پنڌُ ڪَري،
هلِي آيو
هُون؛
اُونچو
تون عرشَ
تي، آن
ڀورو مٿي
ڀُون؛
ڪِيئَن
تُسَندين تُون؟
هِيُ سِرَ
سوالِي مَڱَڻو.“
3
”پَرِديسان
پنڌُ ڪَري،
سُڻَي آيُسِ
شانُ؛
مَڱان
ڪَهڙِي مَتِ
سين؟ نِسورو
نادانُ؛
سو
ڪو ڏِيارئِين
ڏانُ، جو
طَمَعَ کي
تَرَڪُ ڪَري.“
4
”سَردِيءَ
سالِمُ نه
رَهان، گَرمِيءَ
ٿِيان گُدازُ؛
اَمَنُ
ڏيجِ اَمانَ
تون، سائِلُ
هَڻي سازُ؛
رَبابِيءَ
کي رازُ،
خالِصُ ڏيجِ
خَلِيلَ جو.“
5
”تو
دَرِ آيُسِ
راڄِيا: جاجِڪُ
وٺي جِيُّ؛
ڪَنان
’نارٌ حامِيَہ‘،
هاڻِ بَچائِجِ
هِيُّ؛
والي!
ڏِياريئِي وِيُّ،
جِتِ آهي
’جَنَّاتُ عَدۡنِ‘.“
6
”ٻِيا
دَرَ ڏيئِي
ٻَنَ کي،
آيُسِ تُنهِنجي
دَرِّ؛
سُونهارا
سورَٺِ وَرَ!
ڪا مُنهِنجِي
ڪَرِّ؛
ڀلا!
ڀيري ڀَرّ،
پالهو پاندُ
پينارَ جو.“
Shah Abdul Latif Bhittai
Back to INDEX
سُر يمن ڪلياڻ
سُر سريراڳ
سُر سامونڊي
سُر سهڻي
سُر سسئي آبري
سُر ڪوهياري
سُر حسيني
سُر سورٺ
سُر ڪيڏارو
سُر سارنگ
سُر آسا
سُر رپ
سُر کاهوڙي
سُر بروو سنڌي
سُر رامڪلي
Comments
Post a Comment