سُر ڪوهياري - داستان ٽيون
سُر
ڪوهياري
داستان
ٽيون
1
مُون
کي ڇَڏِ
مَ ڇَپَرين،
هِت، هوتاڻِي!
هاڻِ؛
اوڏِي
مُنڌَ اُٺَنِ
کي، اَللهَ
ڪارَڻِ آڻِ؛
پورهيو
ڪَندِيسِ پاڻِ،
اَڳِيان آرِيچَنِ
جي.
2
مُون
کي ڇَڏِ
مَ ڇَپَرين،
پوءِ رَهايَسِ
’پاڻِ‘؛
جي
ڀُلايُون ڀاڻِ،
تن کي
رَسُ، رَسِيلا،
راهَ ۾.
3
سُتي
پَوَنِ ڇِرِڪَ،
آيَلِ! ٻاروچَنِ
جا؛
وَمَ
وِهاٽِي، وو!
ڙي! ڪوهِياري
ڪِرِڪَ؛
ڌَڙُ
ڌُوڻِيو تنهن
ڌَڪَ، جَڏِيءَ
جِئڻ نه
ٿِئي!
4
سُتي
پَوَنِ ڇِرِڪَ،
آيَلِ! ٻارَوچَنِ
جا؛
پُنهونءَ
جي پَيڪانَ
جُون، راسِيُون
مَنجھان رُڪَ؛
هَنيَمِ
هوتَ ڪِرِڪَ،
لوچان، لوهُ
نه نِڪري.
5
جيهِي
جي تيهِي،
ته به
ٻانهِي ٻاروچَنِ
جِي؛
حُجَتَ
هوتَ پُنهونءَ
سين، مُون
ڪَمِيڻِي ڪيهِي؟
اَصۡلِ
آرِيءَ ڄامَ
جي، پَلئ
آءٌ پيئِي؛
هُوءَ
جا پائِينِ
پيرَ ۾،
تنهن جُتِي
نه جيهِي؛
وِساري
ويهِي، تن
ڪيچِيُنِ کي
ڪِيئن رَهان؟
6
هُئِي،
جي نه
هُئِي؛ ته
به ٻانهِي
ٻاروچَنِ جِي؛
اِنَ
سَڱَ مُقابِلِ
سَسُئِي، سَندِيَنِ
ٿي سُئِي؛
هُنِ
تان لَڄَ
لُئِي، هِنَ
جو هَلَڻَ
هوتَ ڏي.
Shah Abdul Latif Bhittai
Back to INDEX
سُر يمن ڪلياڻ
سُر سريراڳ
سُر سامونڊي
سُر سهڻي
سُر سسئي آبري
سُر ڪوهياري
سُر حسيني
سُر سورٺ
سُر ڪيڏارو
سُر سارنگ
سُر آسا
سُر رپ
سُر کاهوڙي
سُر بروو سنڌي
سُر رامڪلي
Comments
Post a Comment