سُر سريراڳ - داستان ٽيون
سُر
سريراڳ
داستان
ٽيون
1
کُوها
ڪالھ کـڻِي،
اُنِ وِڌا
اُتَرَ آسَري؛
اَلا
جُھري مَ
اُنِ جي،
اولي جي
اَڻِي؛
وَڻجارَنِ
وَڻِي، وَکَـرُ
وِڌو ٻيڙِيين.
2
وَکَـرُ
سو وِهاءِ،
جو پَئي
پُراڻو نه
ٿِـئي؛
ويچِيندي
وِلاتَ ۾،
ذَرو ٿِـئي
نه ضاءِ؛
سا
ڪا هَڙَ
هَلاءِ، آڳَہِ
جَنهنجي اُبَهِين.
3
اورِيائين
آڻِينِ، ميڙيو
مُعۡلِمَ خَبرُون؛
سا
تان سُڌِ
نه ڏِينِ،
جتي وَهُ
ويڌَ ڪري.
4
ٻيڙِي
پُراڻِي، وَکُـرَ
پاءِ مَ
وِتَرو؛
تَري
۾ تُنَ
پيا، پاسَنِئُون
پاڻِي؛
هِيءِ
هَڏِ وِهاڻِي،
ڪَڙھُ ڪالهوڻي
ڏِينهَن کي.
5
تَري
تُنَ پِياسِ،
پاسَنِئُون پاڻِي
وَهي؛
کُوهو
جُھرُ جهنو
ٿيو، لاڄُو
سَڀ لَڙياسِ؛
جيلان
سَڌَرُ سکاڻياسِ،
وَهي تي
وَهَ سامهون.
6
ويٺو
تُنَ تُنِينسِ،
مَکِ ڏيهاڻِي
مَڪُڙِي؛
سَنباهي،
سَيَّدُ چئي،
مٿي نينڊوُءِ
نِينسِ؛
وَٽائي
وَڏاندَرا، لاڄُو
لَڳائِينسِ؛
آخرِ اُهِرائِينسِ،
ته جوکو
ٿِئي نه
جهازَ کي.
7
اَچِي
سو ڏٺوءِ،
جو ڪَپَرُ
سوءِ ڪَنَنِ
سين؛
سُتي
لوڪ لَطِيفُ
چئي، يادِ
نه ذرو
ڪيوءِ؛
غافِلُ
ٿِي غُرابَ
کي، اوڙاهَ
تي آندوءِ؛
سو
ڇِتَرُ ڇُوهي
کان رَکِين!
جو پِيو
پُراڻو پوءِ؛
جهازُ
ضَعيفَنِ جو،
پاڻِيءَ ۾
پَرِتوءِ!
سَيَّدُ!
ساٿُ سندوءِ،
پُرِ بَندَرِ
پَهچائِين!
8
جُتو
وانءُ جَهازَ!
گَڏيو غُرابَنِ
سين؛
پُورِيندي
هُنَ پارَ
ڏي، سَڌَرَ
کَـڻـجِ سازَ؛
اَچنِ
ٿا آوازَ،
سَٽاڻي سَمُنڊَ
جا.
9
دَنگِي
وِچ درياهَ،
ڪِي ٻُڏي
ڪِي اُپِڙي؛
هُو
جي واڍي
واڻيا، سي
سُونهَڻَ سڀ
سَڙيا؛
مُعۡلِمَ
ماڳِ نه
اَڳِئين، فِرَنگِي
مَنجھ ڦِرِيا؛
مَلاحَ!
تُنهنجِي مَڪُڙِيءَ،
اچِي چورَ
چڙهيا؛
جِتي
ڍِينگَ ڍَرِيا،
تِتي تارِي
تُنهنجِي!
10
ٻيڙِياتا!
ٻيئِي، تو
نه ڦَٻَنديُون
ڳالَهڙِيُون؛
سَڄِيُون
راتِيُون سُمهِين،
ڀَـرُ سُکاڻَ
ڏيئِي؛
صُباحَ
سَڀيئِي، پارِ
پُڇَندَءِ خَبرُون.
11
وَهَ
تِکَ وَهَڪَرا،
جِت لَنگَر
نه ٺَهِرَنِ؛
وڏاندَريُون
وَهَ سامُهِيُون،
جَھجھي زورِ
جُنبَنِ؛
نيڍوُءَ
۾ ناتارِيُون،
وَڻِجارا وِجَھنِ؛
مُلان
مُعۡلِمَنِ، مُون
ڳَرِي سُئِي
ڳالهڙِي.
12
وَڻِجارا!
ويٺي، تو
نه سَرَندِي
شاهَ ري؛
مَکِ
پَنهنجِي مَڪُڙِي،
چَڱِي ڪَر
چيٺي؛
پاسا
پاکَڙِينِ جا،
سَمُنڊُ ٿو
سيڪي؛
جي
لُنڊا ۾
ليکي، وِيرِ
وڙهندِي تِن
سين.
13
ناکُـئو
نِگَــهَبانُ، مُعۡلِمَ
مُنجي خَبرُون؛
جِن
ساري کَنيو
سَمنڊَ تي،
سَفَرَ جو
سامانُ؛
لُطفَ
ساڻ لَطِيفُ
چَئي، تِن
لَنگھيو طُوفانُ؛
سَنڀاري
سُبۡحانُ، وڃِي
عادَنِئُون اُکَتَا.
14
بَندَرِ
جان ڀَــئِي،
ته سُکاڻِيا
مَ سُمهو؛
ڪَپَرُ
ٿو ڪُنَ
ڪري، جِئن
ماٽي منجھ
مَهِي؛
ايڏو
سُورُ سَهِي،
ننڊ نه
ڪجي، ناکُـئا!
15
سُتا
سَڀِ پَـئِي،
سَندي مُعۡلِمَ
آسري؛
اَئِين
پڻ سُمهو،
ناکُـئا! بَندَرِ
ناه ڀَــئِي؛
جن
جِي سَيدَ
لَڄَ کَنئِي،
سي سڀ
لَنگھيندا لَڪيُون.
وائي
ساٿِينِ
نَنڌا بارَ،
وو! تن
پانڌِينِ نَنڌا
بارَ؛
توکي
آرِسُ اَکَڙِيُنِ
۾!
پاتا
پاڙيوارِيـين، پَڳہَ
منجِھ پاتارَ؛
پَتڻُ
ٿو پُورَ
ڪري، آئِي
تُنهنجڙِي وارَ؛
سَڄِيُون
راتيُون سُمهِين،
کِيو منجھ
خُمارَ؛
ڪِ
تو ڪَنين
نه سُئِي،
هَلڻَ جِي
هاڪارَ؟
تائِبَ
ٿِيو تَڪِڙا،
سَچِي اِيَ
سَنڀارَ؛
نِنڊَ
نه ڪجي
ايترِي، سُڻجِ
اَدا يارَ!
سائينءَ
مُڪين سَچَ
کي، تون
ڪُوڙو منجھ
قَطارَ؛
ڪِ
تو ڪَنين
نه سُئِي،
ڪَپَرَ جي
ڪُوڪارَ؟
گِھڙان
ٿِي رِءَ
گَھڙي، اِلاهِي
تُهارَ!
هو
جو شَڪُ
شارِڪَ جو،
تِئان رَکُ
سَتارَ!
ڪُلُّ
نَفۡسٌ ذَائِقَةُ
الۡـمَوۡتِ، پَڙهو
اِيَ پَچارَ؛
شِڪارُ
تون شَهبازَ
جو، تون
تان مَنجِھ
شِڪارَ!
يَوۡمَ
يَفِرُّ الۡـمَرۡءُ
مِنۡ اَخِيۡہِ،
جِت ڀَڄَندا
ڀارَ؛
تُرَهو
ڇِنو تارِ
۾، اَچجِ
تُون اوسارَ!
لَکَ
مِڙيئِي لُٽِيا،
هُنئَهِين ويا
هَزارَ؛
ڏِنـئه
جي اَللهَ
کي، هُوندَ
ٿِئين پَرِيـين
پارَ؛
جوٽَنِ
مَٿان جُٽِڪي،
دُنِـي تُنهنجي
دارَ؛
جِيفو
آهِ حَديثَ
۾، اَنڌِيءَ
اِي آچارَ؛
وَٽِيءَ
ڪين وِلَهنِ
سين، ڪَنبِي
ڀَرِ قَهارَ؛
سا
ڪِئَن هَلي
تو سين،
جا ڀَڳِي
کان ڀَتارَ؟
جِيَڻُ
جالَ نه
نِبَهي، سُڻـجِ
اِيَ سَنڀارَ؛
جِمَ
وِسارِئين ويسِرا!
ڀِتِيُن جِي
ڀُلڪارَ.
Shah Abdul Latif Bhittai
Back to INDEX
سُر يمن ڪلياڻ
سُر سريراڳ
سُر سامونڊي
سُر سهڻي
سُر سسئي آبري
سُر ڪوهياري
سُر حسيني
سُر سورٺ
سُر ڪيڏارو
سُر سارنگ
سُر آسا
سُر رپ
سُر کاهوڙي
سُر بروو سنڌي
سُر رامڪلي
Comments
Post a Comment