سُر مارئي - داستان اٺون

سُر مارئي

داستان اٺون

1
چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، وِسارِيان ڪِينَ وَري!
ڪَنان عَهدَ اَلَسۡتَجي، ڪِ تِهائِين پَري؛
لَمۡ يَلِدۡ وَ لَمۡ يُوۡلَدۡ، مارُئِي ڪوهُ ڪَري؟
اَڄُ ڪِ ڪالهه مَري، ساري سانڀِيَڙَنِ کي!

2
چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، وِسارِيان ڪِينَ وَري!
جن ٿي پَي پِياريو، مَنجھان سِڪَ سَري؛
وَنهِيَنِ ويڙِيچَن جي، سِٽائُنِ سَري؛
ٿَرَنِ ٿوڪَ ڌَري، اُٺي وِيَڙا اُڪِري.

3
چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، وِساريان ڪينَ وَرَنِّ؛
لَـيۡسَ ڪَمِثۡلِہٖ شَيۡءٌ، پَسَڻُ ناهِ پِريَنِّ؛
پَکا پَنوَهارنِّ، نيئِي اَڏِيا ناهِ ۾.

4
چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، رهيا اَندَرِ رُوحَ؛
اُٺي وِيَڙا اُڪِري، مارُو مَٿي موهَ؛
ويرُون وِلوڙَڻَ جُون، سارِيان گَھڻو صُبُوحَ؛
وَرُ سي کارا کُوهَ، سِنجيَمِ جي ساڙيہَ جا!

5
بِيـَرَ کَنيائُون بَرَ ۾، پِيارِين پَهُون؛
سِنجَنِ ساٺِيڪَنِ تي، وَڏِيءَ وير وَهُون؛
پايو جَرُ جَنڊَنِ ۾، ڪوڏان ڪَنِّ ڪِهُون؛
ڏِينهان ڏينهن نَئون، مُون کي وِرِهُ ويڙِيچَنِ جو.

6
آڌِيءَ اُٿَنِ تي، جيلان پاڻِي پاتارَ ۾؛
وارو ويسِرُينِ ڏِينهان ڪونه ڏِئي؛
مُون ڪَمِيڻِيءَ کي، مَٿان کُوهَ کَڻِي وِيا!

7
سَرِتِيُنِ سِنجَڻُ ڇڏِيو، سَتِيُنِ ڳالِھ سُئِي؛
ماريچِي ماڙِيُنِ ۾، ڪَڏَهِن ڪانَ هُئِي؛
عُمَرَ! آءٌ نه مُئِي، ان اوڀالِيان اَڳَهِين.

8
ڀِـنِيءَ جي ڀُوڻَنِّ، ڀيڄَ ڀُـڻِڪو نه سُڻانِ؛
سِنجَڻَ وارِيون سُتِيُون، وڃِي ويڙهِ وَرَنِّ؛
پِيا سيٽَ سَڙَنِّ، تَرَهي ٻِنهي ڪنڌِيين.

9
عُمَرَ! ٿِـيَمِ اَپارَ، وِرَهُ وَٽِيان ڪِنِ سين؟
ڏوٿِـيَڙا ڏُورِ ٿِيا، تَڳان جِن تَنوارَ؛
سِٽائُون سَنگھارَ، کُوهَنِ تان کَڻي وِيا.




Shah Abdul Latif Bhittai 


Back to INDEX







سُر  يمن  ڪلياڻ






سُر  سريراڳ




سُر  سامونڊي




سُر  سهڻي




سُر سسئي آبري




سُر ڪوهياري




سُر حسيني





Digital Sindh
Smart People




Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت