سُر مومل راڻو - داستان اٺون
سُر
مومل راڻو
داستان
اٺون
1
ڪِينَ
ساڱاهِيُمِ، سُپِرِين!
جاڙُون ڪَيُمِ
جالَ؛
سوڍا!
مون کي
ڪالَ، موٽِي
مُنهَن ۾
آئِيُون.
2
خاموشِي
خَبَرَ جِي،
مُومَلِ ٿِي
مَتِّ؛
صَبرُ
ٿِيو سُپَتِّ،
مُنهِنجي حَقِّ،
مينڌِرا!
3
ڍولي
ڍَڪِي آهِيان،
هُيَسِ اُگھاڙِي؛
ڏيئِي
لِکَ لاڙِي،
ڪَڪَرُ ڪَيائِينمِ
ڪاڪِ جو.
4
سوڍا!
صَبرُ تُنهنجو،
مَرَڪُ لَڄايُنِّ؛
چُپ
سين جي
چَوَنِّ، اَدَبُ
ڪجي اُنِ
جو.
5
سوڍا!
صَبرُ تُنهنجو،
سيکاري سَهَسَ؛
پُڄِي
تِئان پَهَسَ،
مون کي
نَصِيبَ نيئِي
جَھليو.
6
سوڍا!
صَبرُ تُنهنجو،
بي عَقُلَ
آڻي بازِ؛
سندي
صَبُرَ سازِ،
توبَہَ ڪارِيَمِ
تَڪڙِي.
7
جنين
سندي مُنهَن
۾، نِهائِيُون
نَڪَنِّ؛
تِئان
وَڍِيو هيڪِڙو،
ته ڪَهڙو
ٿورو تَنِّ؟
سي
مَرُ سُڃا
ئِي سُونهَنِّ،
جن ڀـلِي
ڀِينگَ ڀَرَمَ
جِي.
Shah Abdul Latif Bhittai
Back to INDEX
سُر يمن ڪلياڻ
سُر سريراڳ
سُر سامونڊي
سُر سهڻي
سُر سسئي آبري
سُر ڪوهياري
سُر حسيني
سُر سورٺ
سُر ڪيڏارو
سُر سارنگ
سُر آسا
سُر رپ
سُر کاهوڙي
سُر بروو سنڌي
سُر رامڪلي
Comments
Post a Comment