سُر سهڻي - داستان ٻيو
سُر
سهڻي
داستان
ٻيو
1
ڪَرَڳَلَ
ڪوچَ ڪُنَ
گھڻا، جِتِ
جَرَ واڳُو
جِئائِين؛
پاڻُ
اُڇلِي آبَ
۾، وَهَ
سِرِ وِڌائِين؛
لَهريُون
لَنگھيائِين، لُطف
ساڻ لَطِيفُ
چئِي.
2
دَهشَتَ
دَمَّ دَرياهَ
۾، جِتِ
سَٽاڻا سيسارَ؛
بيحَدِ
باڳُو بَحرَ
۾، هيبَتَناڪِ
هَزارَ؛
سارِيان
ڪانَ سَرِيرَ
۾، طاقَتَ
توهان ڌارَ؛
ساهَڙ
ڄامَ! سَتارَ!
سِگھو رَسجِ
سِيرَ ۾.
3
دَهشَتَ
دَمَّ دَرياهَ
۾، جِتِ
ڪَڙڪو ڪُنُ
ڪري؛
توڏي
تاڪُن وِچَ
۾، مَٿان
وِيرَ وَري؛
آءُ،
ساهَڙَ! مُنهِنجا
سُپِرِين! پِرِتان
پيرَ ڀَري؛
هادِيءَ،
هَٿ ڌَري،
اونهي مان
اُڪارِئين.
4
دَهشَتَ
دَمَّ دَرياهَ
۾، جِتِ
ڪُنَنِ جو
ڪَڙڪو؛
آهيم
اُنَهِين پارَ
جو، دِلِ
اندرِ دَڙڪو؛
ڀَڃي
سِڪ، سَيَّدَ
چَئي، سِيرَ
سَندو سَڙڪو؛
والِي!
ڪَج وَڙُ
ڪو، ته
ٻارِ لَنگھيان
ٻاجھ سين.
5
دَهشَتَ
دَمَّ دَرياهَ
۾، جِتِ
جايوُن جانارَنِ؛
نَڪو
سَندو سِيرَ
جو، مَپُ
نه مَلاحَنِ؛
دَرَندا
دَرياهَ ۾،
واڪا ڪيو
وَرَنِ؛
سَڄا
ٻيڙا ٻارِ
۾، هَليا
هيٺ وَڃَنِ؛
پُرزو
پئدا نه
ٿِـئي، تَختو
مَنجھان تَنِ؛
ڪو
جو قَهرُ
ڪُنَنِ، ويا
ڪِينَ وَرَنِ؛
اُتي
اَڻتارُنِ، ساهَڙَ!
سِيرَ لَنگھاءِ
تُون.
6
دَرَهَڙَ
ڌَنۡسَ دَرياهَ
۾، جِتِ
لَهريُون ڪَنِ
لوڙا؛
سَئين
اَچي سمُونڊَ
۾، ٿِيا
سِيڻايا سوڙا؛
جي
تارُو هُئا
توڙا، تن
هَرٻو ڀانيو
هيڪڙو.
Shah Abdul Latif Bhittai
Back to INDEX
سُر يمن ڪلياڻ
سُر سريراڳ
سُر سامونڊي
سُر سهڻي
سُر سسئي آبري
سُر ڪوهياري
سُر حسيني
سُر سورٺ
سُر ڪيڏارو
سُر سارنگ
سُر آسا
سُر رپ
سُر کاهوڙي
سُر بروو سنڌي
سُر رامڪلي
Comments
Post a Comment