سُر سورٺ - داستان ٻيو
سُر
سورٺ
داستان
ٻيو
1
جاجِڪُ
جُھوناڳَڙہَ ۾،
ڪو عَطائِي
آيو؛
تَنهِن
ڪامِلَ ڪَڍِي
ڪِينَرو، ويهِي
وَڄايو؛
شَهِرُ
سَڄو ئِي
سُرَ سين،
تَندُنِ تَپايو؛
دايُون
دَرِماندِيُون ٿِيُون،
ٻايُنِ ٻاڏايو؛
چارَڻَ
ٿي چايو،
ته مارِي
آهي مَڱڻو.
2
نِرتِي
تَندُ نِيازَ
سين، ٻُرائِي
ٻِيجَلَّ؛
راجا
رَتولَنِ ۾،
اونائِي اَمُلَّ؛
رازُ
ڪَيائِين راءَ
سين، ڪَنهِن
موچارِيءَ مَهَلَّ؛
”اَنَا
اَحۡمَدُ بِلا
مِيمِ“،
سَينَ هَنئِي
سائِلَّ؛
ڪَنهِن
ڪَنهِن پَيئِي
ڪلَّ، ته
هَرِدوئِي هيڪُ
ٿِيا.
3
ڪِنِين
ڪِنِين ماڙُهين،
پيئِي ڪَلَ
ڪائِي؛
رَسيا
جي رَمۡزَ
کي، تن
پارسِي پائِي؛
”اَلۡاِنۡسَانُ
سِرِّيۡ وَ
اَنَا سِرُّهٗ“
ورتِي اِيَ
وائِي؛
راجا
راڳائِي، هَرِدوئِي
هيڪُ ٿِيا.
4
سِرَ
جِي هُئائِين
هَليو، چارَڻُ
چِتائي؛
سو
مُوڙا جَھلي
نه مالَ
جا، ٿو
ماڻِڪَ موٽائي؛
”تو
دَرِ آيُسِ
تي، جِئَن
تو ناهِ
نه سِکيو.“
5
”جي
مِيراثِي مَڱـڻا،
آءٌ پُڻِ
مَنجھان تَنِ؛“
ڪِي
ڪَہُ مُنهِنجي
ڪَنِ، اِرۡثَ
مَنجهاران اُنِ
جي.“
6
”ڪا
جا ڳالِھ
ڳَرِي، ٻِيجَليا!
ٻُڌاءِ مُون؛
پيٺين
جِئَن گِرنارَ
۾، تَندُنِ
تانُ ڪَري؛
ڪِ
تو پَنڌُ
پري، ڪِ
مَڱَ جَھـلِيندين؟
مَڱڻا!“
7
”مَڱَ
نه جَھـلِيان
مُورَهِين، نه
مُون پَنڌُ
پَري؛
ڳَـڻِي
آيُسِ ڳالَھڙِي،
ڳُجِھي تو
ڳَري؛
سا
سَمجِھج سورَٺِ
وَرَ! وِيندُسِ
ڪِينَ وَري؛
پَريان
پيرَ ڀَري،
تو لَءِ
آيو آهِيان.“
8
سِرُ
مَڱي سِرُ
گُھري، سِرَ
رِءَ ٿِـئي
نه صلاحَ؛
غَرِيبَنِئُون
نه گُذِري،
ٿو ماري
مِيرَ مَلاحَ؛
نايو
نَوابَنِ جا،
سورِيو ڪَڍي
ساهَ؛
خالقُ
سَنجِھ صُباحَ،
ڪونه ڇَڏيندو
ڪِٿَـهِين.
Shah Abdul Latif Bhittai
Back to INDEX
سُر يمن ڪلياڻ
سُر سريراڳ
سُر سامونڊي
سُر سهڻي
سُر سسئي آبري
سُر ڪوهياري
سُر حسيني
سُر سورٺ
سُر ڪيڏارو
سُر سارنگ
سُر آسا
سُر رپ
سُر کاهوڙي
سُر بروو سنڌي
سُر رامڪلي
Comments
Post a Comment