سُر مارئي - داستان ٻيو
سُر
مارئي
داستان
ٻيو
1
نَڪو
ايرُ نه
ڀيـرُ، نَڪو
اوٺِي آيو؛
مون
وَٽِ آيو
ڪونَ ڪو،
ڀائِران ڀَري
پيـرَ؛
ڪِتابَتُون
ڪيـرُ، آڻي
ڏِيندُمِ اُنِ
جُون؟
2
اوٺِي!
ڳوٺِي آڻِئين،
ڪو هُتي
جو هِتِ
هيـرَ؛
ته
ڪِنا جي
ڪوٽَنِ جا،
ٿِــيَنِ سَرها
سيرَ؛
آءُ
ته اکِيين
اُگھان، جي
پائُرِ ڏِنَءِ
پيرَ؛
اللهَ
لَـڳِ لَطِيفُ
چئي، لاءِ
مَ تُون
اَويرَ؛
ڪوٺِيين
گهاري ڪير؟
مَحَلين مُنجھي
مُون هِنئون!
3
جي
اَمُرُ هَنيو
اَڌَ ڪري،
سي ڪاغَذَ
لِکان ڪِيئَن؟
واڳِـــيُون
جي وِصالَ
سين، تنِين
چاڙهي چِيهَن؛
رُئان
راتون ڏِينهَن،
جِئَن اُن
جي وائِيءَ
۾ وَرَ
گھڻا.
4
ٿَـرَ
ٿـرَ اَندَرِ
ٿاڪَ، عُمَرَ!
ماروئَڙَنِ جا؛
لاٿائون
لَطِيفُ چئي،
مَٿان لوئِيءَ
لاکَ؛
عُمَرَ!
ڪَرِيو آکَ،
پَهرِيو ٿي
پَنَ چَران.
5
سَهَسين
سيبا ڪَنجرِي،
لوئِي ليِڙَ
ٿِيامِ؛
اَباڻَنِ
جي آسِري،
ڪَتِي ڪانَ
ڪيامِ؛
جا
ڍَٽَ ڍَڪِيامِ،
تَنهنجو پَرِوَرَ!
پَنَ رَهائِيـين.
6
سَهَسين
سيبا ڪَنجُرِي،
لوئِي لِيڙُون
لِيڙَ؛
واسي
وارَ نه
ويڙِهيان، مَرُ
چَڳُون رَهَنِ
چِيڙَ؛
مارُوءَ
جي مُهاڙِ
رِءَ، اَندَرِ
ناهِ اُڪِيرَ؛
هَهِڙو
حالُ هَميرَ،
وٺي شالَ
ويڙهِ وَڃان!
7
سِبِي،
سيبا ڏي،
ڀورِي نِينهُن
نه ڪَچوئي؛
کَٿِيءَ
وَٽِــيُون کُٿِيـُون،
سَتِي سِيڻي
سي؛
مَڇُڻِ
چَوَنمِ ڪي،
ته لڄائِيُءِ
ٿَرَ ڄائِــيُون!
Shah Abdul Latif Bhittai
Back to INDEX
سُر يمن ڪلياڻ
سُر سريراڳ
سُر سامونڊي
سُر سهڻي
سُر سسئي آبري
سُر ڪوهياري
سُر حسيني
سُر سورٺ
سُر ڪيڏارو
سُر سارنگ
سُر آسا
سُر رپ
سُر کاهوڙي
سُر بروو سنڌي
سُر رامڪلي
Comments
Post a Comment