سُر بلاول - داستان ٽيون
سُر
بلاول
داستان
ٽيون
1
ڪوهُ
نه جُهارِئين
جَکِرو، جنهن
ڏيھَ ڍيا
ڏيئي؟
جي
لُڏِيا ٿِي
لِينگُهن ۾،
شالُن ۾
سيئِي؛
سَمي
سَڀيئِي، طاماعُو
تارِ ڪيا.
2
اَلا!
جُنگَ جِيَنِ،
جنِين اَجھي
گھارِيان؛
شالَ
مَ سُڪي
ويئَرِي، جِئان
پِيَّ پِيَنِ؛
مَرَڪَڻَ!
اَکَڙِيَنِ، تو
ڏِٺي مُون
سُکُ ٿِئي.
3
اِيندي
لَٿِي اُڃَ،
پيرَ پـَيرِيندي
ٺَرِيا؛
مَنجِھ
ويئَرِيءَ سُڃَ،
ڪَرَ لڌِي
رِڻُ اُڪارِيـين.
4
تُون
اوڍَرُ، تُون
اوڍَڪو، تُون
اجھو، تُون
اَڳُ؛
هِتِ
پِڻُ تُنهِنجو
تَڪِيو، مَهَندِ
پِڻُ تُونهِين
ماڳُ؛
سي
لورِيُون ڏِيَنِ
نه لاڳُ،
جي اَجھي
آيُون اَبِڙي.
5
پَسَنديئِي
پُرِ ٿِيا،
جَکِرو ئي
جاجِڪَ؛
تِئان
ڏِنِي مَڱَـڻي،
طَهُورا جِي
تِڪَ؛
سَمي
ڀَڳِـيَنِ سِڪَ،
واصِلُ ٿِيا
وِصالَ ۾.
6
جي
اُڌَمِيو اَڄُ،
ته وَسندو
سونَ سَنگُ؛
جالَ
ڍَئِيندو جُنگُ،
جَڳُ ڍَئِيندو
جَکِرو.
Shah Abdul Latif Bhittai
Back to INDEX
سُر يمن ڪلياڻ
سُر سريراڳ
سُر سامونڊي
سُر سهڻي
سُر سسئي آبري
سُر ڪوهياري
سُر حسيني
سُر سورٺ
سُر ڪيڏارو
سُر سارنگ
سُر آسا
سُر رپ
سُر کاهوڙي
سُر بروو سنڌي
سُر رامڪلي
Comments
Post a Comment