سُر ديسي - داستان ڇھون
سُر
ديسي
داستان
ڇھون
1
آڏَ
تِراڇا، آھُڙا،
ڏُونگَـرَ کي
ڏاڪا؛
ڪَيَمِ
آہَ عَجِيبَ
کي، سِڪَ
مَنجھان سا
ڪا؛
پيئِي
ھٿِيڪِي ھوَتَ
کي، ڪُوڪَ
وَڃِي ڪَنِ
ڪا؛
مُنھنجو
وَسُ واڪا،
ٻُڌَڻُ ڪَمُ
ٻَروچَ جو.
2
آڏَ
تِراڇا، آھُڙا،
ڏُونگَـرَ کي
ڏاڪا؛
وَٺِي
وَرُ واٽَ
ٿِيا، بَرِ
چَڙھِي باڪا؛
ڦَٽِيا
پيرَ فَقِيرِ
جا، چَڙَھندي
چَڙھاڪا؛
ھُيَنِ
جِيءَ اَندَرِ
جا ڪا،
وِيا پُڄائي
پانھِنجِي.
3
ڪَرِڙا
ڏُونگَـرَ ڪَہَ
گَھڻِي، جِتِ
بَرَپَٽَ، سُڄَنِ
بَيرانُ؛
ڏاھَنِ
ڏاھَپَ وِسِرِي،
ٿِيا حَرِيفَ
ئِي حَيرانُ؛
سَسُئِيءَ
لَنگِھيو، سَيَّدُ
چئي، مُحَبَّتَ
سين مَيدانُ؛
جنھنجو
آرِياڻِي اَڳِوانُ،
تَنھن ڪانھي
باڪَ بَھِيرَ
۾.
4
ڪَرِڙا
ڏُونگَـرَ، ڪَہَ
گَھڻِي، جِتِ
جَبَلَ گُوناگُونِ؛
ليڙَنِ
جُون، لَطِيفُ
چئي، تَنگِ
تَنوارُون پُونِ؛
جنِ
ڏِٺو پيرُ
پُنھونءَ جو،
سي نه
ڪي رُون،
نه چُونِ؛
ھُوندَنِ
مَٿي ھُونِ،
لاڳاپا ھِنَ
لوڪَ جا.
5
ڪَرِڙا
ڏُونگَـرَ، ڪَہَ
گَھڻِي، جِتِ
وِيا روڏا
رِنگائي؛
ساڱاپي
سيڻَنِ جي،
ٿِي وِندُرِ
واجھائي؛
رَھيَسِ،
رَسُ، لَطِيفُ
چئي، تنھن
ڪَمِيڻِيءَ ڪاھي؛
آرِياڻِي
آھي، مَنَھِن
مَعذُورِنِ جي.
6
ڪَرِڙا
ڏُونگَـرَ، ڪَہَ
گَھڻِي، جِتِ
مِينھَن وَسَنِ
ماڪُون؛
سُڄَنِ
ٿِـيُون، سَيَّدُ
چئي، ھاڙھي
جُون ھاڪُون؛
جِتِ
اَنڌيوُن اوطاقُون،
تِتِ ڪاھي
رَسِجِ، ڪارَڻِي!
7
ماڻِڪُ
مِٽُ سَندومِ،
اونداھِيءَ ۾
سوجِھرو؛
حَشَرَ
ويلَ حِسابَ
۾، ڇَڏي
نه ويندومِ؛
سارِيو
سَڏُ ڪَندومِ،
ڪوھِيارو ڪيچَ
ڌَڻِي.
Shah Abdul Latif Bhittai
Back to INDEX
سُر يمن ڪلياڻ
سُر سريراڳ
سُر سامونڊي
سُر سهڻي
سُر سسئي آبري
سُر ڪوهياري
سُر حسيني
سُر سورٺ
سُر ڪيڏارو
سُر سارنگ
سُر آسا
سُر رپ
سُر کاهوڙي
سُر بروو سنڌي
سُر رامڪلي
Comments
Post a Comment