سُر ديسي - داستان ٽيون
سُر
ديسي
داستان
ٽيون
1
اَللهَ
ڪارَڻِ، اوٺِيا!
ليڙا نِيو
مَ لُرَ؛
نِيو
نِماڻِي پاڻَ
سين، ٻانِھِيءَ
جَھلي ٻُرَ؛
مُون
کي ماري
مَنجِھ ٿِي،
سَندِي ھوتَنِ
ھُرَ؛
ڪَچو
لايان ڪُرَ،
ڪيچان اوري
جي وَران.
2
ڪيچان
اوري ڪيتِريُون،
مَعذُورِيُون مُيُون؛
واٽُون
وِيہَ ٿِـيُون،
ڪُہُ ڄاڻان
ڪيھِي ويا؟
3
ڪيچان
آيو قافِلو،
جُنگُ سُونھارِيءَ
جوڙَ؛
تَلِيارا
توڏَنِ کي،
ڳِچِيءَ سُونھَنِ
موڙَ؛
دؤلَتَ
چايان دوڙَ،
جي مُون
نِيو پاڻَ
سين.
4
جھوُڙا
جن جُھلُنِ
۾، ھِيري
لَکَ ھَزارَ؛
لَڳا
واٽَ وَڻَنِ
جا، پُنھونءَ
کي پالارَ؛
آن
ڪي ويندا
گَڏِيا، اَھِڙيءَ
سِٽَ سُوارَ؟
لَنگِھي
ڪالَھ قَطار،
تُون، آئِي!
اَڄُ نِھارِئين!
5
مِزِمانَنِ
مَھرِي، آڻي
جھوڪِيا جھوڪَ
۾؛
چاٽي
چَنبَنِ ۾
وِيا، جِئن
بازُ سَٽي
بَحرِي؛
ڪوھِيارو
قَھرِي، وِيو
نِھوڙي نِنڊَ
۾!
6
مُون
ڀانيو مُون
وَٽِ، ھَميشَہَ
ھُوندا پِرِين؛
ويڙھو
ڏيئِي ويڪِرو،
پَھري وِيا
پَٽِ؛
ساہُ
جنِين جي
سَٽِ، وِڪِيُمِ
ٿي وَڻِڪارِ
۾.
7
مُون
ڀانيو مِزِمانَ،
ھَميشہَ ھُوندا
پِرِين؛
ڪُھِي
ڪَمِيڻِي ھَليا،
ڪَھِلَ ڪَيائُون
ڪانَ؛
ڏيئِي
ويا ڏاہِ
کي، سُورَنِ
جا سامانَ؛
جورو
راتِ جُوانَ،
جيڏيُون! جَتَ
ڪَري وِيا!
8
بِرِہَ
مَڻايُسِ بَرُ،
ناتَ سُکِي
ڪيرَ سَڌُون
ڪَري؟
گَھڻو
ڏورِيائِين ڏُکَ
سين، ڏيرَنِ
لءِ ڏُونگَـرَ؛
ورِي
آيُسِ وَرُ،
سَفَرَ مُئِيءَ
جا سابِ
پِيا.
9
وَرَ
۾ ڪونھي
وَرُ، ڏيرَنِ
وَرُ وَڏو
ڪَيو؛
نِھارِيندِيَسِ
نِڪرِي، بوتَنِ
ڪارَڻِ بَرُ؛
آڏو
ٽَڪَرَ ٽَرُ،
متان روہَ
رَتِيُون ٿِئين!
10
وَرَ
وَراڪا وِچَ
۾، لَکين
آڏا لَڪَ؛
ھُو
جي آڏا
حَقَ، سي
ڪَندا ڪوہُ
ڪَندِيُنِ کي؟
Shah Abdul Latif Bhittai
Back to INDEX
سُر يمن ڪلياڻ
سُر سريراڳ
سُر سامونڊي
سُر سهڻي
سُر سسئي آبري
سُر ڪوهياري
سُر حسيني
سُر سورٺ
سُر ڪيڏارو
سُر سارنگ
سُر آسا
سُر رپ
سُر کاهوڙي
سُر بروو سنڌي
سُر رامڪلي
Comments
Post a Comment