الله جي نعمتن مان چانڊوڪي رات هڪ نهايت
قيمتي نعمت آهي. هن رات سڀ ڪا شيءِ پر لطف، دلڪش، حسين ۽ خوبصورت نظر اچي ٿي. باغن
۾ گلن ڦلن جي سونهن سوڀيا وڌي ٿي. ٽاريون ۽ پن خوشنما نظر اچن ٿا. پٽ تي وڇايل ڇٻر
مخمل وانگر سر سبز ڏسي دل بهار بهار ٿيو وڃي.
چنڊ جي جوڀن جوانيءَ جي عالم ۾ تارا به
شرم کان جهڪي طرح چمڪن ۽ ٽمڪن ٿا نه ته اهي اوندهه رات ۾ پنهنجي ٿڌڙي روشنيءَ سان
واٽهڙن جي چٽي رهنمائي ۽ رهبري ڪندا آهن. تارن جي ذريعي جهاز ران بنا تڪليف جي اٿاهه
سمنڊ ۾ رات جو سفر ڪندا آهن.
ڪيترا پکي چانڊوڪي رات مان صبح جو ڌوکو
کائي هيڏي هوڏي اڏمندا نظر اچن ٿا. ڪيترائي جهنگلي جانور پڻ ڌوڪو کائي شڪار جو
خيال لاهي مايوس ٿي وڃي پنهنجي چرن اندر لڪندا آهن. ڳوٺن ۾ نوجوان چانڊوڪي رات جو
ميدان ۾ مختلف قسمن جون رانديون ڪندا آهن. ڪي نوجوان واهن جي ڪپن تي ويهي ڪلام ۽
راڳ ڳائيندا آهن.
چانڊوڪي رات ۾ درياءَ جو نظارو ڏسڻ وٽان
هوندو آهي. درياءَ جو پاڻي چانديءَ جي چادر جهڙو نظارو پيش ڪري ٿو. مڇيون پاڻي
مٿان ٽپ ڏئي وري اندر پاڻي ۾ هليون وينديون آهن.
چانڊوڪي رات ۾ اٺن تي سفر ڪندڙ لاءِ به هڪ
عجيب آهي. نرم وارياسي زمين کي لتاڙيندي ريگستان جو جهاز اطمينان سان پنهنجي منزل
مقصود ڏي وڌيڪ تيزي سان وک وڌائي ويندو آهي. مطلب ته چانڊوڪي رات جا من موهيندڙ
نظارا، رنگ روپ سونهن سوڀيا ۽ دلڪش نظارن سان انسان ته ڇا پر پکي پکڻ ۽ جانورن کي
به حيرت ۾ پئجو وڃن.
Comments
Post a Comment