Posts

Showing posts from July, 2019

مولانا عبيدالله سنڌي چوي ٿو ته

Image
مولانا عبيدالله سنڌي چوي ٿو ته: ·     مسلمان بنجو ٿا ته، اسلام کي سمجهو. ·     هيءُ اسلام جنهن کي توهين اسلام چئو ٿا سو ته ڪفر کان به بدتر آهي. ·     توهان جا حڪمران عيش پرست آهن. ·     غريب طبقو وهمن جو شڪار آهي. ·     بدلجو، نه ته زمانو اوهان جو نالو نشان مٽائي ڇڏيندو. مولانا عبيدالله سنڌي

اس سال حجاج کرام کو گرمی سے بچانے کے لیے منٰی میں ٹھنڈی سڑک

Image
ٹیکنالوجی انسان کے لیے ایسی آسانیاں پیدا کر رہی ہے جس کے بارے میں کسی نے کبھی سوچا بھی نہیں تھا۔ اس سال حجاج کرام کو گرمی سے بچانے کے لیے سعودی حکومت نے منٰی میں ایسا راستہ تعمیر کروایا ہے جس پر چلتے ہوئے ٹھنڈک محسوس ہوتی ہے۔ 16 کلومیٹر لمبی یہ سڑک منٰی میں شیطان کو کنکریاں مارنے کے لیے تعمیر کراوئی گئی ہے۔ جس پر چلتے ہوئے ٹھنڈک محسوس ہوتی ہے۔ منٰی میں   شیطانوں (جمرات) تک پیدل جانے والے راستے کو جاپانی کمپنی کے اشتراک سے خصوصی طور پر ایسے مواد سے تیار کیا گیا ہے جو گرمی کی شدت کو جذب کرنے کے بجائے درجہ حرارت کو کم کردیتا ہے۔ مکہ مکرمہ بلدیہ میں متعین مشاعر مقدسہ کے امور کے ڈائریکٹر انجینیئر احمد منشی نے سبق نیوز کو بتایا کہ: ·       امسال جاپانی کمپنی SUMITOMO کے اشتراک سے جو منصوبہ لانچ کیا گیا ہے اس سے حجاج کرام کو کافی سہولت ہو گی۔ ·       جدید ٹیکنالوجی استعمال کرتے ہوئے پیدل چلنے والی شاہراہوں پر ایسا مواد بچھایا گیا ہے جس سے درجہ حرارت 15 سے 20 ڈگری سیلسس تک کم کیا جاسکے گا۔ ·       درجہ حرارت کو مستقل بنیادوں پر نانپنے کا سسٹم بھی نصب کیا گی

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

Image
پاڪستان اسان جو وطن آهي. جنهن کي اسان پيارو پاڪستان چوندا آهيون، اهو قائداعظم محمد عليءَ جناح جي رهبري ۽ رهنمائي، جدوجهد ۽ جاکوڙ جي ڪري وجود ۾ آيو. اسان جي ملڪ پاڪستان 14 آگسٽ 1947ع تي آزادي حاصل ڪئي. قائداعظم محمد علي جناح ان جو پهريون گورنر جنرل بڻيو. پاڪستان جا چار صوبا آهن، پنجاب، سنڌ، خيبر پختونخواه ۽ بلوچستان. ·       آباديءَ جي لحاظ کان پنجاب وڏو صوبو آهي. ·       زمين جي لحاظ کان بلوچستان وڏو صوبو آهي. ·       آمدني ۽ پيداور جي لحاظ کان سنڌ وڏو صوبو آهي. ·       پاڪستان جو دارالحڪومت اسلام آباد ۾ آهي. ·       سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ڪراچي آهي. ·       بلوچستان جي گاديءَ جو هنڌ ڪوئيٽا آهي. ·       خيبر پختونخواه جي گاديءَ جو هنڌ پشاور آهي. ·       پنجاب جي گاديءَ جو هنڌ لاهور آهي. پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو شهر سنڌ ۾ آهي، جنهن کي ڪراچي چيو وڃي ٿو. ٻيا به وڏا شهر آهن جيئن حيدرآباد، سکر، ملتان، گوجرانوالا، فيصل آباد، لاهور، ڪوئيٽا، پشاور وغيره. پاڪستان حسين نظارن سان ڀريو پيو آهي. صوبي سرحد ۾ وڏا جبل ۽ واديون ڏسڻ وٽان آهن. جتي غير ملڪي سياح ويندا آهن

چانڊوڪيءَ رات م درياء جو سير

Image
سج پنهنجي شهنشاهت جون واڳون، پنهنجي نائب چنڊ کي سونپي، پاڻ مقصد واريءَ منزل ڏانهن راهي ٿيو. چنڊ بادشاهه پنهنجي پوري آب وَ تاب ۽ شان شوڪت سان پنهنجي سپاهه سميت اچي جلوه افروز ٿيو. چوڏهين جي چانڊوڪي رات هئي، سبحان الله! چنڊ جي نيڻين ٺار روشنيءَ جي ڪهڙي تعريف ڪجي! بس! نور هو نور! اهڙي ته روشني هئي، جو جيڪر وڃايل سوئي به لڀي پوي. اهڙو دلپذير روح کي راحت، اندر کي آرام ڏيندڙ لمحو ڏسي، سوچڻ لڳس ته اڄ ڪو سير ڪري قدرت جي ڪاريگريءَ جو ديدار ڪجي ته ڪهڙو نه چٽو ٿئي! ايتري ۾ دوست اچي ويو. چيائين ته اڄ رات چانڊوڪيءَ رات ۾ دوستن درياهه شاهه جو ديدار ٻيڙيءَ وسيلي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هرڻي ته اڳيئي نچڻي ويتر ٻڌيس گهنڊڻي جي مثال موجب منهنجي ته الله ٻڌي اڳ ۾ ويٺي اهڙا پهه پچايم. سڀ ڪاهي آياسين درياهه شاهه جي ڪناري تي، ٻيڙيءَ ۾ چڙهي کيس هاڪاريوسين. دريا جي موجن ۾ مڪڙيءَ جا لوڏا، اسان جي دلين ۾ خوشيءَ جي لهر پيدا ڪري وڌي. چنڊ مان روشنيءَ جا ڪرڻا، نور جي تجليءَ وانگر اسان تي ڪري رهيا هئا. درياء جو پاڻي به چاندي جي چادر جهڙو نظارو پيش ڪري رهيو هو. قمر پنهنجي ڪچهريءَ ۾ ائين شان

گیم کے ذریعے سیکھنا

Image
کھیل کھیل میں سیکھنے کا طریقہ صدیوں سے استعمال ہو رہا ہے۔ حکمت عملی سکھانے کیلئے ’شطرنج‘ کا کھیل قرونِ وسطیٰ سے ہی ہر خاص و عام کا پسندیدہ رہا ہے۔ دراصل کسی بھی گیم میں کچھ چالیں یا حکمت عملیاں بار بار دہرائی جاتی ہیں۔ گیم میں ہار سے بھی سیکھا جاتا ہے اور جیتنے کے بعد بھی کچھ نہ کچھ ذہن میں بیٹھ جاتا ہے۔ دراصل گیمز اس طرح ڈیزائن کیے جاتے ہیں کہ وہ کھیلنے والے کی ذہانت اور مہارت سے مطابقت رکھتے ہوں۔ ان میں مشکلات صرف اس قدر ہی رکھی جاتی ہیں کہ بچہ انھیں چیلنج کے طور پر لیتے ہوئے عبور کرلے اور اپنی جیت کا مزہ لے۔ جب تک آپ کوئی ٹاسک درست طریقے سے نہیں کریں گے تو گیمز کے مراحل پار نہیں کرپائیں گے، بالکل اسی طرح اگر آپ اچھی طرح یا درست سمت میں نہیں پڑھیں گے تو امتحانات میں کامیاب نہیں ہوپائیں گے۔ فلائٹ سیمولیشن اس کی بہت اچھی مثال ہے۔ تربیت کے دوران پائلٹس عام طور پر فلائٹ سیمولیشنز ہی استعمال کرتے ہیں۔ انہیں مخصوص اہداف دیے جاتے ہیں، جسے انھیں پورا کرنا ہوتا ہے۔ اس کے نتائج فلائنگ کے بارے میں کتابیں پڑھنے یا لیکچر سننے سے زیادہ بہتر حاصل ہوتے ہیں۔ تعلیمی نظام می

قومي هيرو (قائداعظم محمد علي جناح)

Image
باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح 25 ڊسمبر 1876ع تي ڪراچي جي علائقي کارا در ۾ ڄائو . سندس وڏا اصل ڪاٺياواڙ جي شهر راجڪوٽ جا رهاڪو هئا. جتان واپار سانگي، ڪراچيءَ ۾ اچي آباد ٿيا. قائداعظم جو والد پونجا هڪ وچولي درجي جو واپاري هو. محمد علي جناح ابتدائي تعليم سنڌ مدرسي ۾ حاصل ڪئي. سي . ايم . ايس اسڪول مان ميٽرڪ پاس ڪيائين. هو ننڍي هوندي ئي ڏاڍو ذهين هو ۽ کيس پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. انهيءَ ڪري کيس اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ولايت موڪليو ويو، جتان بار   ـ ايٽ   ـ لا جو امتحان پاس ڪري موٽي ڪراچيءَ ۾ اچي وڪالت ڪرڻ لڳو. ڪراچيءَ کان پوءِ ممبئي ويو ۽ اتي پڻ وڪالت ڪندو رهيو. هو پنهنجي ايمانداري، جا نفشاني ۽ مستقل مزاجي ڪري ماڻهن ۾ مقبول ٿيڻ لڳو ۽ پنهنجي محنت ۽ مشقت سان جلد وڃي چٽن وڪيلن ۾ شمار ٿيو. انهيءَ دور ۾ هندستان تي انگريزن جي حڪومت هئي، جنهن ڪري مسلمانن سان ڏاڍايون حد کان زياده ٿيڻ لڳيون ۽ سندن حق غضب ٿيڻ لڳا، جيڪي هن همدرد انسان اکين سان پئي ڏٺا ۽ آخر جهٻو اچي ويس پوءِ ته سياسي ميدان ۾ ڪڏي پيو. اهڙيون حالتون ڏسي هن کي پڪ ٿي ته هندو مسلمانن سان ڪڏهن به سچا ٿي نه رهندا.

پسنديده شخصيت – پسنديده شاعر

Image
سنڌ جو سدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه سن 1102 هجري مطابق 1689ع ۾ هالا حويلي ۾ ڄائو. سندس والد ماجد جو نالو شاهه حبيب رحه هو. شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو سندس تڙ ڏاڏو هو. چون ٿا ته آخوند نور محمد ڀٽيءَ کيس الف پڙهايو جو پاڻ پڙهي ويو ۽ اڳيان پڙهڻ کان انڪار ڪيائين ۽ چوڻ لڳو ٻيا اکر ٻين کي پڙهاءِ! ان جي باوجود قرآن ڪريم، مثنوي مولانا رومي ۽ شاهه ڪريم جو رسالو ساڻ هوندو هوس ۽ شاعريءَ ۾ به قرآن شريف جا ڪيترائي الفاظ استعمال ڪيا اٿس. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه سير ۽ سياحت جو ڪوڏيو هو. پاڻ لاهوت لامڪان، هنگلاچ، هاڙهو، پٻ، وندر، ٺٽو، جيسلمير، خيرپور، ملتان ۽ سنڌ ۽ هند جا ٻيا ڪيترا علائقا گهميو ۽ اتي جي سنڌي ٻوليءَ کي سمجهي پنهنجي بيتن ۾ آندائين. اهو ئي سبب آهي ته سندس شاعري ۾ سڄي سنڌ ۽ هند جي سنڌي زبان موجود آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه آخر ۾ ڀٽ تي رهڻ لڳو، جيڪو هالن نون جي بلڪل ويجهڙو آهي، ان ڪري کيس ڀٽائي ۽ ڀٽ جو بادشاهه به چيو وڃي ٿو. شاهه صاحب 63 ورهين جي عمر ۾ 14 صفر سن 1165 هه مطابق 1752ع تي هن فاني دنيا مان رحلت ڪري ويو. سنڌ ۾ ڪيترائي شاعر پيدا ٿيا آهن. جن

پبلک اسپیکنگ ’’اورل کمیونیکیشن اِسکلز‘‘

Image
لوگوں کے سامنے بات کرنے یا اسٹیج پر جانے سے قبل، کئی افراد کے دل کی دھڑکن بڑھ جاتی ہے اور ہاتھ کانپنے لگتے ہیں۔ اگر آپ پبلک اسپیکنگ سے قبل خود میں ایسی بے چینی محسوس کرتے ہیں تو گھبرانے کی کوئی ضرورت نہیں اور نہ ہی یہ سمجھ بیٹھیں کہ آپ اچھی کارکردگی کا مظاہرہ نہیں کرپائیں گے۔ یہ ایک حقیقت ہے کہ کئی لوگ پیدائشی طور پر پبلک اسپیکنگ کی بہترین صلاحیتوں کے حامل ہوتے ہیں، لیکن کئی بہترین اور مؤثر پبلک اسپیکرز نے اس کیلئے یا تو باقاعدہ تربیت حاصل کی ہے یا پھر پریکٹس کے ذریعے اس ہنر میں کمال حاصل کیا ہے۔ آپ اپنے خوف اور گھبراہٹ کو پیچھے چھوڑتے ہوئے بہتر سے بہتر تیاری کرنے کی کوشش کریں۔ اپنی تقریر کی ویڈیو ریکارڈنگ کرکے اس کا خود بھی تنقیدی جائزہ لیں اور اپنے کسی مخلص دوست سے بھی اس پر رائے لیں اور اس وقت تک بہتری کی کوشش جاری رکھیں، جب تک کہ آپ خود اپنی کارکردگی سے مطمئن نہ ہوجائیں۔ باڈی لینگویج کا مؤثر استعمال کریں، تقریر کی ابتدا میں ہی توجہ حاصل کرنے کی کوشش کریں، اختتام کسی مضبوط جملے پر کریں، جسے آپ کے ناظرین اور سامعین ایک مدت تک یاد رکھیں۔ پبلک اسپیکنگ کا

منهوڙي جو سير

Image
منهوڙو، ڪراچي جي اولهه ڏکڻ پاسي هڪ خوبصورت ٻيٽ آهي. اهو ڪياماڙي بندر کان اٽڪل ٽي ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. منجهس هماليه نالي هڪ فوجي تربيت گاهه آهي، جتي بحري فوج جي سپاهين کي تعليم سان گڏ جنگي فن به سيکاريو وڃي ٿو. انهيءَ ڪري اتي بارود جو چٽو ذخيرو محفوظ رکيو ويو آهي. هڪ پاسي روشنيءَ جو منارو اٿس، جنهن کي لائيٽ هائوس ڪري ڪوٺيندا آهن. منجهس هڪ ڦرندڙ بتي رکيل آهي، جنهن جي ڪري ايندڙ يا ويندڙ جهاز سولائيءَ سان کاري اندر داخل ٿين ٿا يا کاري مان ٻاهر نڪرن ٿا. سمنڊ جي پاڻيءَ جو زور ڀڃڻ لاءِ هڪ بند ٺهيل آهي، جنهن کي بريڪ واٽر ڪوٺيندا آهن. منهوڙي جي سير ڪرڻ لاءِ ڪياماڙي بندر تان لانچ ۾ چڙهي وڃبو آهي. رستي ۾ سمنڊ جو عجيب و غريب منظر ڏسي روح کي راحت ۽ دل کي ڏاڍي فرحت ايندي آهي. پري کان بابا ڀٽ ۽ صالح جو ڳوٺ جو خوش نما نظارو ڏاڍو وڻندڙ لڳي ٿو. سج لهڻ کان پوءِ اڪثر ماڻهو سمنڊ جي ڪناري سير ڪرڻ لاءِ ويندا آهن. منهوڙي اندر داخل ٿيڻ لاءِ خاص مقرر ڪيل رستي تان لنگهڻو پوي ٿو.  ڪيترائي ماڻهو تفريح جي غرض سان ٽوليون ٺاهي کاڌي پيتي جون شيون ۽ راند جو سامان کڻي وڃي سمنڊ جي ڪناري تي ويه

نه وسرندڙ واقعو

Image
جولاءِ جو مهينو هو. صبح جا نو ٿي رهيا هئا، اوچتو فون جي گهنٽي وڄڻ لڳي. بابا فون کنيو ڳالهائيندي سندس منهن تي خوشي پکڙجي وئي. مون پنهنجي زندگي ۾ بابا کي ايترو خوش ڪونه ڏٺو. بابا فون رکي مون کي اچي ڀاڪر پاتو. آئون حيران ۽ پريشان ٿي ويس ته ڇا ماجرو آهي! بابا امان کي هڪل ڪري گهرايو ايتري ۾ ادي وڏي به اچي وئي ۽ سڀ کيس ڏسڻ لڳا. امان رڙ ڪري بابا کي چيو ته ڇو ٿو اسان جو هينئون ڦاڙين ڪجهه ڪڇه به! بابا چيو سيڪنڊري بورڊ جي ڪنٽرولر آف ايگزمينشن جو فون آيو آهي چيو اٿس: تنهنجي پٽ سڄي ڪراچيءَ ۾ پهرين پوزيشن کنئي آهي، ان ڪري تون ۽ تنهنجو پٽ يارهين وڳي بورڊ آفيس پهچي وڃو، اتي ٽيلويزن ۽ اخبارن وارا اوهان جو انتظار ڪري رهيا هوندا آهن. اها ڳالهه ٻڌي امڙ جا خوشي وچان لڙڪ وهڻ لڳا ۽ ادي وڏي ڊوڙي اچي مون کي ڀاڪر پاتو. مان ۽ بابا ترت تيار ٿي بورڊ آفيس پهتاسين. اخبارن وارن منهنجا فوٽو ڪڍيا ۽ ٽيليويزن وارا به پنهنجو ڪم ڪري ويا. مون وٽان ڪجهه تعليم بابت سوال ڪيائون، جنهن جا جواب مون سوچي سمجهي ڏنا. مان ۽ بابا واپس گهر پهچي وياسين. بابا، امان سان صلاح ڪري پوءِ مون کي چيو ته سڀاڻي مڙني مٽن مائٽن

آواز - راجه عمران ابڙو

Image
هوءَ ڪچن مان ٻاهر آئي ته هن ڏٺو ڊرائنگ روم ۾  هڪ نقاب پوش شخص سندس پوڙهي ماءُ تي هٿيار تاڻي بيٺو هو. هوءَ گهٻرائجي هڪدم پنهنجي جاءِ تي بيهي رهي، پوڙهي تمام گهڻو گهٻرايل هئي، سندس اکيون خوف ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڦري رهيون هيون. ”تون ڪير آهين ۽ ڇاٿو چاهين؟“ لارا ان هٿياربند کان پڇيو. ”خبردار جو ڪو آواز ڪيو اٿئي، نه ته پهرين هن پوڙهي جي کوپڙي اڏائي پوءِ توکي ختم ڪري ڇڏيندس.“ هن شخص کيس ڌمڪي ڏيندين چيو. ”تون هي ڇا چئي رهيو آهين، تون سمجهين ڇاٿو پاڻ کي، تون ائين نه ٿو ڪري سگهين.“ ”مون چيو نه تون ڪجهه نه چئه ۽ جيڪو مان چوانءِ ٿو اهو ڪر.“ تون ائين نه ٿو ڪري سگهين.“ ”مون چيو نه تون ڪجهه نه چئه ۽ جيڪو مان چوانءِ ٿو اهو ڪر.“ ”پر تون چاهين ڇا ٿو!؟“ هن گهٻرائجي هن کان پڇيو. ”پنهنجا هٿ مٿي ڪري، ڀت ڏانهن منهن ڪري بيهه.“ هن کيس حڪم ڏنو. ”پر تون ائين ڇو ٿو ڪرين، مون کان اهو سڀ ڇو ٿو ڪرائين؟“ هن جي ڳالهه ٻڌي، ان شخص محسوس ڪيو ته هي عورت خاموش رهڻ واري نه آهي، هن کي سبق سيکارڻو پوندو. هن هٿيار جو چيمبر چاڙهيو ته هوءَ واقعي ڊڄي ويئي