نه وسرندڙ واقعو



جولاءِ جو مهينو هو. صبح جا نو ٿي رهيا هئا، اوچتو فون جي گهنٽي وڄڻ لڳي. بابا فون کنيو ڳالهائيندي سندس منهن تي خوشي پکڙجي وئي. مون پنهنجي زندگي ۾ بابا کي ايترو خوش ڪونه ڏٺو. بابا فون رکي مون کي اچي ڀاڪر پاتو. آئون حيران ۽ پريشان ٿي ويس ته ڇا ماجرو آهي! بابا امان کي هڪل ڪري گهرايو ايتري ۾ ادي وڏي به اچي وئي ۽ سڀ کيس ڏسڻ لڳا. امان رڙ ڪري بابا کي چيو ته ڇو ٿو اسان جو هينئون ڦاڙين ڪجهه ڪڇه به!

بابا چيو سيڪنڊري بورڊ جي ڪنٽرولر آف ايگزمينشن جو فون آيو آهي چيو اٿس: تنهنجي پٽ سڄي ڪراچيءَ ۾ پهرين پوزيشن کنئي آهي، ان ڪري تون ۽ تنهنجو پٽ يارهين وڳي بورڊ آفيس پهچي وڃو، اتي ٽيلويزن ۽ اخبارن وارا اوهان جو انتظار ڪري رهيا هوندا آهن.

اها ڳالهه ٻڌي امڙ جا خوشي وچان لڙڪ وهڻ لڳا ۽ ادي وڏي ڊوڙي اچي مون کي ڀاڪر پاتو. مان ۽ بابا ترت تيار ٿي بورڊ آفيس پهتاسين. اخبارن وارن منهنجا فوٽو ڪڍيا ۽ ٽيليويزن وارا به پنهنجو ڪم ڪري ويا. مون وٽان ڪجهه تعليم بابت سوال ڪيائون، جنهن جا جواب مون سوچي سمجهي ڏنا.
مان ۽ بابا واپس گهر پهچي وياسين. بابا، امان سان صلاح ڪري پوءِ مون کي چيو ته سڀاڻي مڙني مٽن مائٽن، يارن دوستن، سنگتين ساٿين، ڀائرن برادرين ۽ اسڪول جي مڙني استادن جي دعوت ڪبي. 

پوءِ ته گهر ۾ اهڙي خوشي ٿي وئي جهڙي ڪا عيد هجي، ٻئي ڏينهن آئون اسڪول ويس ۽ هرهڪ استاد جي پيرين پئي کيس دعوت ڏنيم ۽ آخر هيڊ ماستر کان اندر وڃڻ جي اجازت گهري ان کي به شام جو پنجين وڳي جي دعوت ڏنيم. وڏي سائين هٿ مٿي تي ڦيريندي چيو ته تو جهڙي محنتي شاگرد اسان جو ۽ اسڪول جو نالو روشن ڪري ڇڏيو آهي، ان ڪري تنهنجي دعوت ۾ ضرور اينداسين.

بابا تنبو هڻائي ڇڏيا. بوتلون ۽ ٻيو کاڌي پيتي جو سڀ سامان اچي ويو. اسان هر قسم جي تياري ڪري ڇڏي هئي. هاڻ صرف مهمانن جي اچڻ جو انتظار پئي ڪيوسين. بابا منهنجو پوز ڏسڻ لاءِ ٽيليويزن جون خبرون پئي ٻڌيون. خبرن واري خبرون روڪيندي چيو ته هڪ ضروري اعلان ٻڌندا. اڄ شهر ۾ پنجين وڳي کان تا حڪم ثاني ڪرفيو لڳايو ويو آهي، تنهن ڪري ڪوبه پنهنجي گهر کان ٻاهر نه نڪري. اها اوچتو خبر ٻڌي سڀ ڍير ٿي پياسين، ٻئي ڏينهن ڏٺم ته امان، ابو ۽ آئون اسپتال جي پلنگن تي پيا آهيون ۽ ادي پئي ونجڻي هڻي!

Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت