منهوڙي جو سير


منهوڙو، ڪراچي جي اولهه ڏکڻ پاسي هڪ خوبصورت ٻيٽ آهي. اهو ڪياماڙي بندر کان اٽڪل ٽي ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. منجهس هماليه نالي هڪ فوجي تربيت گاهه آهي، جتي بحري فوج جي سپاهين کي تعليم سان گڏ جنگي فن به سيکاريو وڃي ٿو. انهيءَ ڪري اتي بارود جو چٽو ذخيرو محفوظ رکيو ويو آهي.

هڪ پاسي روشنيءَ جو منارو اٿس، جنهن کي لائيٽ هائوس ڪري ڪوٺيندا آهن. منجهس هڪ ڦرندڙ بتي رکيل آهي، جنهن جي ڪري ايندڙ يا ويندڙ جهاز سولائيءَ سان کاري اندر داخل ٿين ٿا يا کاري مان ٻاهر نڪرن ٿا. سمنڊ جي پاڻيءَ جو زور ڀڃڻ لاءِ هڪ بند ٺهيل آهي، جنهن کي بريڪ واٽر ڪوٺيندا آهن.

منهوڙي جي سير ڪرڻ لاءِ ڪياماڙي بندر تان لانچ ۾ چڙهي وڃبو آهي. رستي ۾ سمنڊ جو عجيب و غريب منظر ڏسي روح کي راحت ۽ دل کي ڏاڍي فرحت ايندي آهي. پري کان بابا ڀٽ ۽ صالح جو ڳوٺ جو خوش نما نظارو ڏاڍو وڻندڙ لڳي ٿو. سج لهڻ کان پوءِ اڪثر ماڻهو سمنڊ جي ڪناري سير ڪرڻ لاءِ ويندا آهن. منهوڙي اندر داخل ٿيڻ لاءِ خاص مقرر ڪيل رستي تان لنگهڻو پوي ٿو. 

ڪيترائي ماڻهو تفريح جي غرض سان ٽوليون ٺاهي کاڌي پيتي جون شيون ۽ راند جو سامان کڻي وڃي سمنڊ جي ڪناري تي ويهي ٿڌڙي هير کان لطف اندوز ٿيندا آهن. ڪناري تي پاڻي بلڪل تانگهو آهي، ان جي باوجود ماڻهو وهنجندا آهن. پاڻيءَ ۾ بيهڻ شرط هڪ ٻئي پٺيان ڇولين لڳڻ ڪري ڪپڙا پسيو وڃن. ڀرسان يوسف شاهه غازي جي درگاهه آهي، جتي ماڻهو زيارت لاءِ ويندا آهن.

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت