چانڊوڪيءَ رات م درياء جو سير
سج پنهنجي شهنشاهت جون واڳون، پنهنجي
نائب چنڊ کي سونپي، پاڻ مقصد واريءَ منزل ڏانهن راهي ٿيو. چنڊ بادشاهه پنهنجي پوري
آب وَ تاب ۽ شان شوڪت سان پنهنجي سپاهه سميت اچي جلوه افروز ٿيو.
چوڏهين جي چانڊوڪي رات هئي، سبحان الله!
چنڊ جي نيڻين ٺار روشنيءَ جي ڪهڙي تعريف
ڪجي! بس! نور هو نور! اهڙي ته روشني هئي، جو جيڪر وڃايل سوئي به لڀي پوي. اهڙو
دلپذير روح کي راحت، اندر کي آرام ڏيندڙ لمحو ڏسي، سوچڻ لڳس ته اڄ ڪو سير ڪري قدرت
جي ڪاريگريءَ جو ديدار ڪجي ته ڪهڙو نه چٽو ٿئي!
ايتري ۾ دوست اچي ويو. چيائين ته اڄ رات
چانڊوڪيءَ رات ۾ دوستن درياهه شاهه جو ديدار ٻيڙيءَ وسيلي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
هرڻي ته اڳيئي نچڻي ويتر ٻڌيس گهنڊڻي جي
مثال موجب منهنجي ته الله ٻڌي اڳ ۾ ويٺي اهڙا پهه پچايم. سڀ ڪاهي آياسين درياهه شاهه
جي ڪناري تي، ٻيڙيءَ ۾ چڙهي کيس هاڪاريوسين.
دريا جي موجن ۾ مڪڙيءَ جا لوڏا، اسان جي
دلين ۾ خوشيءَ جي لهر پيدا ڪري وڌي. چنڊ مان روشنيءَ جا ڪرڻا، نور جي تجليءَ وانگر
اسان تي ڪري رهيا هئا. درياء جو پاڻي به چاندي جي چادر جهڙو نظارو پيش ڪري رهيو هو.
قمر پنهنجي ڪچهريءَ ۾ ائين شان شوڪت، سونهن سوڀيا وارو پئي نظر آيو، جيئن بادشاهه
پنهنجي درٻارين ۾.
ٿڌڙي هير پئي گُهلي جنهن ڪري نهايت فرحت
پئي محسوس ٿي. ڪَئي رنگ ڏٺاسين، ڪئي قسمن جي عجيب وَ غريب مڇين پئي ٺينگ ٽپا ڏنا،
ڪُميون، ڪڇون، واڳون، ڏيڏر ۽ ٻيا ڪيترن قسمن جا پاڻي جا جانور ڏٺاسين. پريان ڪناري
تي ٻيلي جو نظارو ۽ پاڻيءَ ۾ سندس اُبتو عڪس به اهڙي ته جهرمر لڳايو بيٺو هو جو واهه
جو منظر پيش ڪري رهيو هو.
تنهن کان پوءِ وارو آيو ڳائڻ وڄائڻ جو،
ڪانڊيري خان ته ڳائڻ ۾ ڇيهه ڪري ڇڏيا. سُرندي واري به ڪمال ڪري ڏيکاريو، ايتري ۾
ڦوٽو خان شيدي به وجد ۾ اچي نچڻ لڳو، تنهن ته اهڙو ڪم ڪيو، جو هڪ طرف مڪڙيءَ کي
موجن جا لوڏا ته ٻئي طرف فوٽي خان جا ڌوڏن تي ڌوڏا جن ته ٻيڙيءَ کي هندورو بنائي
ڇڏيو:
جيئن ته: لڳي اتر واءُ ڪينجهر هندورو ٿئي
شاهه مجلس ته اهڙي متي اهڙو ته رس ٿيو،
جو قلب کي اهڙو قرار ۽ روح کي اهڙي راحت حاصل ٿي جنهن جو لفظن ۾ بيان ڪري نه ٿو سگهجي.
رات به ڪافي گذري چڪي هئي، جنهن ڪري پٺ تي ورڻ جو پهه ڪيوسين. ٻيڙي اچي ڪناري تي
لنگر هنيو، لهي پنهنجي گهر آياسين.
Comments
Post a Comment