Posts

Showing posts from February, 2019

رؤيتِ هلال ۽ چنڊ ڏسڻ جو بيان

Image
احڪامِ روزه مؤلف حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله -------- رؤيتِ هلال ۽ چنڊ ڏسڻ جو بيان ------- اگر 29 شعبان تي آسمان جي ڪنارن تي غبار جو اثر هجي ۽ هڪ چنڊ ڏسڻ جي خبر ڏئي . مسئله: اگر 29 شعبان تي آسمان صاف نه هجي بلڪه ان تي غبار ۽ ڪڪر هجن ۽ هڪ عادل مرد يا عورت غلام ۽ ٻانهون اچي گواهي ڏيئي ته مون چنڊ ڏٺو آهي ته ان جي گواهيءَ تي رمضان المبارڪ جو روزو شروع ڪيو ويندو ۽ چنڊ ڏسڻ جي ثبوت جو حڪم لڳايو ويندو ۽ 

غير معتدل علائقن ۾ روزن جو حڪم

Image
احڪامِ روزه مؤلف حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله -------- غير معتدل علائقن ۾ روزن جو حڪم ------- مسئله: غير معتدل انهن علائقن کي چيو ويندو آهي جتي سال جي سمورن ڏينهن ۾ سڀني نمازن جا اوقات نه ايندا آهن يعني مقرره علامتون موجود نه هونديون آهن جنهن جي موجود هجڻ تي شريعت روزن ۽ نمازن جي اوقات جي اچڻ وڃڻ جو مدار رکيو آهي. مثال جي طور تي انگلينڊ وغيره ۽ شمال يورپ جا اهڙا علائقا جتي سال جي ڪجهه حصن ۾ سج لهڻ کان پوءِ جلدي ۾ اڀرندو آهي. ۽ ڪجهه علائقا اهڙا به آهن جتي ڪجهه مدت تائين سج لهندو ئي نه آهي ۽ اهڙيءَ طرح ڪجهه مدت تائين بالڪل اڀرندو ئي نه آهي ۽ پوري رات آسمان تي هلڪي روشني پکڙيل رهندي آهي ۽ پوري رات آسمان تي هلڪي روشني پکڙيل رهندي آهي ۽ مڪمل اونداهي ڇانيل نه هوندي آهي. غير معتدل علائقن ۾ رمضان شريف اچي ته ان ۾ روزو رکيا وڃن يا نه. ان جو جواب معلوم ڪرڻ کان پهريائين ڪجهه شين کي پيش نظر رکڻ ضروري آهي .

اگر سفر جي ڪري رمضان اڪٽيهن يا اٺاويهن ڏينهن جو ٿئي

Image
احڪامِ روزه مؤلف حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله -------- اگر سفر جي ڪري رمضان اڪٽيهن يا اٺاويهن ڏينهن جو ٿئي ------- مسئله: عام طور تي سعودي عرب ۾ پاڪستان کان هڪ ٻه ڏينهن پهريائين چنڊ نظر ايندو آهي، اگر ڪوئي شخص رمضان شريف ۾ سعودي عرب کان پاڪستان آيو ۽ پاڪستان ۾ رمضان شريف جي اڻٽيهين تاريخ جي شام جو چنڊ نظر نه آيو ته هي شخص ڇا ڪري؟ يعني اگر اهو روزو رکي ٿو ته ان جا روزا اڪٽيهه ٿي ويندا ته ان شخص کي گهرجي ته افطار نه ڪري بلڪه روزو رکي ۽ ٻين ماڻهن سان گڏجي عيد ڪري. (ڪما يعلم من عبارة رد المحتار ج 2 ص 98 ) فهرست   Index

ڪمزوريءَ جي صورت ۾ روزو نه رکڻ ئي مسافر جي لاءِ بهتر آهي

Image
احڪامِ روزه مؤلف حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله -------- ڪمزوريءَ جي صورت ۾ روزو نه رکڻ ئي مسافر جي لاءِ بهتر آهي -------   (1)   ارشاد نبوي ﷺ آهي : عَنْ جَابِرِ رضہ قَالَ كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم فِي سَفَرٍ فَرَأَى   زِحَامًا ورَجُلاً قَدِ ظُلِّلَ عَلَيْهِ فَقَالَ   مَا ھٰذا قَالُوۡا   صَائِمٌ ‏.‏ فَقَالَ لَيْسَ مِنَ الْبِرِّ الصوم   فِي السَّفَرِ ۔ (بخاری شریف کتاب الصوم باب قول النبی صھ لمن ظلل علیہ واشتد الحرلیس من البر الصوم والفطر فی شھر رمضان للمسافر ج 1 ص 356۔ طحاوی شریف کتاب الصوم باب الصیام فی السفر ج 1 ۔ سنن ابن ماجۃ کتاب الصیام باب ماجاء فی الافطار فی السفر ص 121۔ ) ”حضرت جابر ؓ   کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن هڪ سفر ۾ هئا پاڻ ڪريم ﷺ جن هڪ هجوم ڏٺو ۽ هڪ شخص کي ڏٺو ته ان تي ڇانو ڪئي وئي هئي پاڻ ڪريم ﷺ جن پڇيو ته هن کي ڇا آهي؟ انهن جواب ڏنو ته هن کي روزو آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته سفر ۾ روزو رکڻ ڪائي نيڪي نه آهي . “

سفر ۾ روزي ڀڃڻ جي اجازت آهي

Image
احڪامِ روزه مؤلف حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله -------- سفر ۾ روزي ڀڃڻ جي اجازت آهي -------   (1)   ارشاد نبوي ﷺ آهي : عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ رضہ قَالَ خَرَجَ رَسُولُ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم مِنَ الْمَدِينَةِ إِلَى مَكَّةَ، فَصَامَ حَتَّى بَلَغَ عُسْفَانَ، ثُمَّ دَعَا بِمَاءٍ فَرَفَعَهُ إِلَى يَدَيْهِ لِيُرِيَهُ النَّاسَ فَأَفْطَرَ، حَتَّى قَدِمَ مَكَّةَ، وَذَالِكَ فِي رَمَضَانَ فَكَانَ ابْنُ عَبَّاسٍ يَقُولُ قَدْ صَامَ رَسُولُ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم وَأَفْطَرَ، فَمَنْ شَاءَ صَامَ، وَمَنْ شَاءَ أَفْطَرَ     (بخاری شریف کتاب الصوم باب جواز الصوم والفطر فی شھر رمضان للمسافر ج 1 ص 355-356) ”حضرت عبدالله بن عباس ؓ   کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن مديني شريف کان مڪي شريف جي طرف روانا ٿيا ته رستي ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن روزا رکندا رهيا. ايتري تائين جو پاڻ ڪريم ﷺ جن مقامِ عسفان تائين پهچي ويا (اتان کان پاڻ ڪريم ﷺ جن روزا رکڻ ڇڏي ڏنا ۽ سڀني ماڻهن تي اها ڳالهه واضح ڪرڻ جي لاءِ) پاڻ ڪريم ﷺ جن پاڻي گهرايو پوءِ پاڻ ڪريم ﷺ جن ان پاڻيءَ کي کڻي مٿي ڪيو ته جيئن سڀئي م

سفر جي حالت ۾ روزي رکڻ ۽ نه رکڻ جو اختيار آهي

Image
احڪامِ روزه مؤلف حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله -------- سفر جي حالت ۾ روزي رکڻ ۽ نه رکڻ جو اختيار آهي -------   (1)   ارشاد نبوي ﷺ آهي : عَنْ عَائِشَةَ رضہ قَالَتَ أَنَّ حَمْزَةَ بْنَ عَمْرٍو الأَسْلَمِيَّ قَالَ لِلنَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم أَصُومُ فِي السَّفَرِ وَكَانَ كَثِيرَ الصِّيَامِ‏ ‏ فَقَالَ ‏ إِنْ شِئْتَ فَصُمْ، وَإِنْ شِئْتَ فَأَفْطِرْ    ۔ (بخاری شریف کتاب الصوم باب جواز الصوم والفطر فی شھر رمضان للمسافر ج 1 ص 356) ”حضرت عائشة ؓ   کان روايت آهي ته 

مسافر جي روزن جو بيان

Image
احڪامِ روزه مؤلف حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله -------- مسافر جي روزن جو بيان ------- قرآن ڪريم ۾ جنهن جڳهه تي رمضان المبارڪ جي روزن جي فرضيت جو اعلان ڪيو ويو آهي اتي مريضن ۽ مسافرن کي رمضان شريف ۾ روزا نه رکڻ جي اجازت به عنايت ڪئي وئي آهي. ۽ انهن کي حڪم ڏنو ويو آهي ته اهي سفر ۽ بيماريءَ کان پوءِ پنهنجا روزا پورا ڪن ۽ ان سان گڏ هي به ٻڌايو ويو آهي ته هي اجازت ٻانهن جي سهولت جي خاطر ڏني وئي آهي .

ڇا نفلي روزو ٽوڙي سگهجي ٿو؟

Image
احڪامِ روزه مؤلف حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله -------- ڇا نفلي روزو ٽوڙي سگهجي ٿو؟ ------- رمضان المبارڪ جو روزو اگر بغير عذر جي ٽوڙيو وڃي ته ان جو وڏو ڪفارو به ادا ڪرڻون پوندو آهي جنهن جو تفصيل اسين اڳتي ذڪر ڪنداسون. ليڪن اگر روزو نفلي هجي ته ان کي ڀڃي سگهجي ٿو ۽ ان جي جڳهه تي ٻيو روزو رکڻ لازم ۽ ضروري آهي جنهن کي قضا روزو چيو ويندو آهي .

شڪ واري ڏينهن جي روزي جو حڪم

Image
احڪامِ روزه مؤلف حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله -------- شڪ واري ڏينهن جي روزي جو حڪم ------- ارشاد نبوي ﷺ آهي : عَنۡ عَمَّارِ بۡنِ یَاسِرٍ قَالَ مَنْ صَامَ الْيَوْمَ الَّذِي يُشَكُّ فِيهِ فَقَدْ عَصَى أَبَا الْقَاسِمِ صلى الله عليه وسلم    ۔ (ترمذی شریف کتاب الصوم باب ماجاء فی کراھیۃ صوم یوم الشک ج 1 ص 86۔ 87۔ سنن ابن ماجۃ کتاب الصیام باب ماجاء فی صیام یوم الشک ص 120۔ ”حضرت عمار بن ياسر ؓ   کان روايت آهي انهن فرمايو ته جنهن ماڻهوءَ شڪ واري ڏينهن روزو رکيو ته ان پاڻ ڪريم ﷺ جن جي نافرماني ڪئي . “

ايامِ تشريف ۾ روزا رکڻ ممنوع آهن

Image
احڪامِ روزه مؤلف حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله -------- ايامِ تشريف ۾ روزا رکڻ ممنوع آهن ------- ارشاد نبوي ﷺ آهي : عَنْ نُبَيْشَةَ، الْهُذَلِيِّ قَالَ قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم     أَيَّامُ التَّشْرِيقِ أَيَّامُ أَكْلٍ وَشُرْبٍ وَذِکۡرِ اللہِ۔ (مسلم شریف کتاب الصوم باب تحریم صوم ایام التشریق و بیان انھا ایام الکل و شرب و ذکر اللہ عَزوجل ج 1 ص 360۔ مسند احمد بن حنبل ج 2 ص 169۔ 174۔ و ج 3 ص 415۔ 451۔ سنن ابن ماجۃ کتاب الصیام باب ماجاء فی النھع عن صیام ایام التشریق ص 124 ( ” حضرت نُبيشھ هذلي ؓ   کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته ايام تشريق (يعني 11 ـ 12 ــ 13 ذي الحج جا ڏينهن) کائڻ، پيئڻ ۽ الله پاڪ جي ياد جا ڏينهن آهن . “ عيد الفطر ۽ عيد الاضحيٰ ۽ ايام تشريق ۾ روزو رکڻ کان منع فرمايو ويو آهي ڇو جو اهي کائڻ، پيئڻ جا ڏينهن آهن ۽ انهن ڏينهن ۾ روزا رکڻ منشا الاهيءَ جي مخالفت آهي ۽ قربانيءَ جي ڏينهن ۾ گوياڪه الله پاڪ جي طرف کان مهماني هوندي آهي ۽ اهو انسان وڏو ناشڪرو ۽ وڏو متڪبر هوندو جيڪو الله پاڪ جي ضيافت ۽ مهمانيءَ جي ڏينهن روزو رکي

عيدين جي ڏينهن روزو رکڻ ممنوع آهي

Image
احڪامِ روزه مؤلف حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله -------- عيدين جي ڏينهن روزو رکڻ ممنوع آهي -------   (1) ارشاد نبوي ﷺ آهي : عَنْ أَبِي سَعِيدٍ الۡخُدۡرِیِّ   رضی قَالَ نَهَىٰ رَسُوۡلُ اللہِ صلى الله عليه وسلم عَنْ صَوْمِ يَوْمِ الْفِطْرِ وَالنَّحْرِ    ۔  (بخاری شریف کتاب الصوم باب صوم یوم الفطر ج 1 ص 267۔ مسلم شریف کتاب الصوم باب تحریم صوم یومع العیدین ج 1 ص 360۔ سنن ابن ماجۃ کتاب الصیام باب فی النھی عن صیام یوم الفطر والاضحیٰ ص 124۔) ”حضرت ابو سعيد خدري ؓ   کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن عيدالفطر ۽ عيدالاضحيٰ جي ڏينهن روزي رکڻ کان منع فرمايو آهي . “ (2) ارشاد نبوي ﷺ آهي : عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ أَنَّ رَسُولَ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم نَهَىٰ عَنْ صِيَامِ يَوْمَيْنِ يَوْمِ الْفِطْرِ وَيَوْمِ الأَضْحَى   ۔  (مسلم شریف کتاب الصوم باب تحریم صوم یومی العیدین ج 1 ص 360) ”حضرت ابو هريرة ؓ   کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن عيد الاضحيٰ ۽ عيد الفطر جي ڏينهن روزي رکڻ کان منع فرمايو آهي . “ (3) ارشاد نبوي ﷺ آهي : عَنْ أَبِي عُبَيْدٍ مَوْلَىٰ ابْ

عرفات ۾ نائين تاريخ جو روزو رکڻ مڪروه آهي

Image
احڪامِ روزه مؤلف حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله -------- عرفات ۾ نائين تاريخ جو روزو رکڻ مڪروه آهي ------- ارشاد نبوي ﷺ آهي : عَنۡ اَبِیۡ ھُرَیۡرَۃَ رضہ اَنَّ رَسُوۡلَ اللہِ صلی اللہ علیہ وسلم نَھیٰ عَنۡ صَوۡمِ یَوۡمِ عَرَفَۃَ بِعَرَفَۃَ۔  (سنن ابہ داؤد شریف کتاب الصوم باب فی صوم عرفۃ بعرفۃ ج 1 ص 331۔ مسند احمد بن حنبل ج 1 ص 217۔ و ج 2 ص 47۔ و ج 4 ص 152۔ و ج 6 ص 338 ) ”حضرت ابو هريره ؓ   کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن عرفات ۾ نائين ذي الحج جي ڏينهن جي روزي رکڻ کان منع فرمايو آهي . “ حاجي سڳورا اگر نائين ذي الحج جي ڏينهن روزو رکي ته ٿي سگهي ٿو ته ان ڪري ڪمزوري لاحق ٿي وڃي جنهن جي ڪري عرفات جي ميدان ۾ ٻين افعالن ۽ ارڪانن ۽ اعمالن جي ادا ڪرڻ ۾ نقصان ۽ خلل واقع ٿئي تنهن ڪري اهڙي ماڻهونءَ جي لاءِ نائين ذي الحج جي روزي رکڻ جي ممانعت فرمائي وئي آهي ليڪن اها ممانعت نهي تحريميءَ جي طور تي نه بلڪه نهي تنزيهيءَ جي طور تي آهي.  (فتاويٰ عالمگيرية ڪتاب الصوم الباب الثالث ج 1 ش 201 ــ 202) فهرست   Index

سياري ۾ نفلي روزا رکڻ

Image
احڪامِ روزه مؤلف حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله -------- سياري ۾ نفلي روزا رکڻ ------- ارشاد نبوي ﷺ آهي : عَنْ عَامِرِ بْنِ مَسْعُودٍ رضہ قَالَ قَالَ رَسُوۡلُ اللہ صلى الله عليه وسلم الْغَنِيمَةُ الْبَارِدَةُ الصَّوْمُ فِي الشِّتَاءِ    ۔  (مسند احمد بن حنبل ج 4 ص 335۔ سنن بیھقی ج 4 ص 297۔ مصنف ابن ابی شیبۃ ج 3 ص 100۔ مجمع الزواءد ج 3 ص 200 ( ”حضرت عامر بن مسعود ؓ   کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته ٿڌي غنيمت سرديءَ جي موسم ۾ روزا رکڻ آهي.“ يعني سرديءَ جي موسم ۾ روزي رکڻ ۾ تڪليف ۽ مشقت گهٽ هوندي آهي تنهن ڪري سرديءَ جي موسم جا روزا بغير مشقت جي ثواب حاصل ڪرڻ آهي . فهرست   Index

جمعي جو ڏينهن جو روزو

Image
احڪامِ روزه مؤلف حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله -------- جمعي جو ڏينهن جو روزو ------- ارشاد نبوي ﷺ آهي : عَنۡ اَبِیۡ ھُرَیۡرَۃَ قَالَ قَالَ رَسُوۡلُ اللہِ صلی اللہ علیہ وسلم لاَتَخۡتَصُّوۡا لَیۡلَۃَ الۡجُمۡعَۃِ بِقِیَامٍ مِنۡ بَیۡنَ اللَّیَالِیۡ وَلاَ تَخۡتَصُّوۡا یَوۡمَ الۡجُمۡعَۃِ بِصِیَامٍ مِنۡ بَیۡنَ الۡاَیَّامِ اِلاَّ اَنۡ یَکۡوۡنَ فِیۡ صَوۡمٍ یَصُوۡمُ اَحَدُکُمۡ۔  (مسلم شریف کتاب الصوم باب کرامۃ افراد یوم الجمعۃ بصوم لایوافق عادتہ ج 1 ص 361 ) حضرت ابو هريرة ؓ   کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو ته توهان ماڻهون (صرف) راتين مان جمعي جي رات کي نماز ۽ عبادت جي لاءِ مخصوص نه ڪريو ۽ اهڙيءَ طرح ڏينهن مان جمعي جي ڏينهن کي روزي رکڻ جي لاءِ مخصوص نه ڪريو، مگر هي ته جمعي جو ڏينهن ڪنهن اهڙي تاريخ تي اچي وڃي جنهن تي توهان ڪوئي (پهريان کان ان تاريخ جو) روزو رکندا هجو (ته انهيءَ صورت ۾ جمعي جي نفلي روزي رکڻ ۾ ڪوئي حرج نه آهي . “

سومر ۽ خميس جي ڏينهن جو روزو

Image
احڪامِ روزه مؤلف حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله -------- سومر ۽ خميس جي ڏينهن جو روزو -------   (1) ارشاد نبوي ﷺ آهي : عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ رضہ قَالَ قَالَ رَسُولَ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم ‏ تُعْرَضُ الأَعْمَالُ يَوْمَ الاِثْنَيْنِ وَالْخَمِيسِ فَأُحِبُّ أَنْ يُعْرَضَ عَمَلِي وَأَنَا صَائِمٌ ‏ (ترمذی شریف کتاب الصوم ) ”حضرت ابو هريره ؓ   کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته سومر ۽ خميس جي ڏينهن اعمالن جي پيشي ٿيندي آهي ۽ آءُ چاهيان ٿو ته جڏهن منهنجا اعمال پيش ڪيا وڃن ته ان ڏينهن آءُ روزي سان هجان . “

پندرهين شعبان جو روزو

Image
احڪامِ روزه مؤلف حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله -------- پندرهين شعبان جو روزو ------- ارشاد نبوي ﷺ آهي : عَنۡ عَلِّیٍ قَالَ قَالَ رَسُوۡلُ اللہ صلی اللہ علیہ وسلم اِذا کَانَتۡ لَیۡلَۃُ النِّصۡفِ مِنۡ شَعۡبَانَ فَقُوۡمُوۡا لَیۡلَھَا وَصۡوۡمُوۡا نَھَارَھَا فَاِنَّ اللہَ یَنۡزَلُ فِیۡھَا لِغُرُوۡبِ الشَمۡسِ اِلٰی السَّمَآءِ الدُّنۡیَا فَیَقُوۡلُ اَلاَ مِنۡ مُسۡتَغۡفِرٍ فَاَغۡفِرُلَہٗ اِلاَ مُسۡتَرۡزِقٌ فَاَرۡزُقُہٗ اَلاَ مُبۡتَلِیً فَاُ عَافِیۡہِ اَلاَ کَذَا اَلاَ کَذا حَتّٰی یَطۡلُعَ الۡفَجۡرُ۔ (الترغیب والترھیب کتاب الصوم ج 2 ص 30 و سنن ابن ماجۃ کتاب الصیام)   ”حضرت علي ؓ   کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته جڏهن شعبان مهيني جي پندرهين جي رات اچي ته پوءِ توهين دربار خداونديءَ ۾ نفل پڙهو ۽ ڏينهن جو روزو رکو، ڇو جو انهيءَ رات ۾ سج لهڻ سان ئي الله پاڪ جي خاص تجلي ۽ رحمت پهرين آسمان تي لهندي آهي ۽ ارشاد ٿيندو آهي ته ڪوئي ٻانهون آهي جيڪو مون کان مغفرت ۽ بخشش طلب ڪري ته آءُ ان جي مغفرت جو فيصلو ڪريان، ڪوئي ٻانهون آهي جيڪو رزق گهري ته آءُ ان کي رزق ڏيڻ