آواز - راجه عمران ابڙو




هوءَ ڪچن مان ٻاهر آئي ته هن ڏٺو ڊرائنگ روم ۾  هڪ نقاب پوش شخص سندس پوڙهي ماءُ تي هٿيار تاڻي بيٺو هو. هوءَ گهٻرائجي هڪدم پنهنجي جاءِ تي بيهي رهي، پوڙهي تمام گهڻو گهٻرايل هئي، سندس اکيون خوف ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڦري رهيون هيون.


”تون ڪير آهين ۽ ڇاٿو چاهين؟“ لارا ان هٿياربند کان پڇيو.


”خبردار جو ڪو آواز ڪيو اٿئي، نه ته پهرين هن پوڙهي جي کوپڙي اڏائي پوءِ توکي ختم ڪري ڇڏيندس.“ هن شخص کيس ڌمڪي ڏيندين چيو.


”تون هي ڇا چئي رهيو آهين، تون سمجهين ڇاٿو پاڻ کي، تون ائين نه ٿو ڪري سگهين.“


”مون چيو نه تون ڪجهه نه چئه ۽ جيڪو مان چوانءِ ٿو اهو ڪر.“ تون ائين نه ٿو ڪري سگهين.“


”مون چيو نه تون ڪجهه نه چئه ۽ جيڪو مان چوانءِ ٿو اهو ڪر.“


”پر تون چاهين ڇا ٿو!؟“ هن گهٻرائجي هن کان پڇيو.


”پنهنجا هٿ مٿي ڪري، ڀت ڏانهن منهن ڪري بيهه.“ هن کيس حڪم ڏنو.


”پر تون ائين ڇو ٿو ڪرين، مون کان اهو سڀ ڇو ٿو ڪرائين؟“ هن جي ڳالهه ٻڌي، ان شخص محسوس ڪيو ته هي عورت خاموش رهڻ واري نه آهي، هن کي سبق سيکارڻو پوندو.


هن هٿيار جو چيمبر چاڙهيو ته هوءَ واقعي ڊڄي ويئي، هن هڪدم پنهنجا هٿ مٿي ڪري ڀت ڏانهن منهن ڪري بيهي رهي، نقاب پوش شخص رسي ڪڍي هن جي طرف آيو ۽ رسي سان سندس ٻانهون ٻڌڻ لڳو.


”ڏس هي ڪو طريقو نه آهي، ڪنهن جي گهر ۾ ائين داخل ٿيڻ غلط ڳالهه آهي، ٻن ڪمزور عورتن کي ائين يرغمال ڪرڻ بداخلاقي آهي، منهنجو مڙس به هن وقت گهر ۾ موجود ڪانه آهي نه ته هو توکي اهڙو سبق سيکاري هان جو ياد رکين هان، توکي شايد خبر نه آهي ته منهنجو مڙس هڪ پرائيوٽ جاسوس آهي، هو هن وقت آفيس ۾ ڪنهن ضروري ڪم ۾ ڦاٿل آهي، هڪ ڪلاڪ اندر هو هتي اچي ويندو ۽ پوءِ ڏسجانءِ ته هو توسان ڇا ٿو ڪري ......“ هوءَ تيستائين ڳالهائيندي رهي جيستائين هن سندس وات تي ٽيپ نه هڻي ڇڏي.


”تنهنجو اهو پرائيوٽ جاسوس مڙس هڪ ڪلاڪ جي اندر ايندو نه تيستائين مان تنهنجي گهر کي ٻهاري ويندس.“ هن ائين چئي هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو، هن کي سامهون هڪ تجوڙي نظر آئي، هن اها کولڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اها لاڪ هئي، هو پوڙهي جي طرف آيو ۽ کيس هٿيار ڏيکاريندي هن کان پڇيو.


”هن تجوڙي جي چاٻي ڪٿي رکيل آهي!؟“


اها پوڙهي هن کي اکيون ڇنڀي ڇنڀي ڏسندي رهجي ويئي.


ڌاڙي جي هڪ ڪلاڪ کان پوءِ لارا جو مڙس گهر اچي ويو، هن کيس سڄي ڳالهه ٻڌائي ۽ پوءِ ڪجهه ئي منٽن ۾ پوليس وارا به پهچي ويا، اها ٻه ڄڻا هئا، ليفٽنٽ جيڪسن هڪ ڊگهي قد جو مالڪ هو، سندس ذهانت جو ڪو ثاني نه هو، هُو وڏي کان وڏي ڳنڀير واردات جي منجهيل سٽ کي سلجهائڻ ۾ ماهر هو. ان وقت هن سان گڏ سندس هڪ سڀني کان وڌيڪ ناپسنديده شخص سارجنٽ سمٿ هن جو اسسٽنٽ ٿي آيو هو.


هن گهر جو معائنو ڪيو، انهن وٽان تقريبن اٺ هزار ڊالرن جي رقم چوري ٿي ويئي هئي، ليفٽننٽ لارا جي مڙس کان ڪجهه سوال ڪيا، پوءِ هو واردات وقت موجود ٻن عورتن لارا ۽ سندس پوڙهي ماءُ جي طرف آيو.


هن کي پنهنجي طرف ايندو ڏسي لارا ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”منهنجو نالو لارا جيمس آهي، عمر 25ــ26 سالن جي لڳ ڀڳ آهي. قد پنج فٽ ڇهه انچ آهي ۽ مان هڪ آفيس ۾ پنج ڪلاڪ نوڪري ڪندي آهيان ۽ واپس اچي پنهنجي ماءُ ۽ گهر جو خيال رکندي آهيان، هي منهنجو مڙس آهي جيمس، هي هڪ پرائيوٽ جاسوس آهي، اسان چاهيون هان ته هن ذريعي پنهنجي چوري جي تحقيقات پاڻ ئي پئي ڪري سگهياسين پر مون هن کي چيو ته اسان کي قانون هٿ ۾ کڻڻ نه گهرجي ڇو ته هي ڪم پوليس وارن جو آهي. پرائيوٽ جاسوسن جو ڪم ايترو هجڻ گهرجي ته هو صرف قانوني عملدارن جي ٿوري مدد ڪن، هي ڪوبه ڪم مون کان پڇڻ کانسواءِ نه ڪندو آهي ۽ انهيءَ سبب جي ڪري جيتوڻيڪ اسان جي شادي کي اٺ سال گذري چڪا آهن، پر اڄ تائين اسان ۾ ڪوبه جهيڙو ڪانه ٿيو آهي، اسان جو خاندان سک ۽ امن واري زندگي گذاري رهيو آهي، پر هڪ چور اسان جي گهر جي سک کي برباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هن اسان جي سڄي بچت لُٽي اسان کي سُڃو ڪري ڇڏيو آهي، هينئر اسان وٽ ڪجهه به نه بچيو آهي، منهنجو اڪائونٽ به خالي آهي ۽ مون کي پگهار به ملي چڪي آهي ۽ منهنجي ماءُ جي پينشن ملڻ ۾ ڪافي ڏينهن باقي آهن ۽ جيمس کي ته هن جي کاتي مان ڪجهه خاص ملندو نه آهي، خبر نه آهي جيستائين اهو چور نه ٿيو پڪڙيو وڃي اسان جو گذر ڪيئن ٿيندو ........“


ليفٽننٽ ڏٺو ته ان عورت جي زبان ان جي قد کان به ڊگهي آهي ۽ هو هن سان ڳالهائڻ ۾ پڄي نه سگهندو ته هن سمٿ کي اڳتي ڪري پاڻ هن کان ٿورو پري بيهي رهيو.


”تون هن واردات جي باري ۾ ٻڌاءِ.“ سارجنٽ سمٿ هن کي چيو.


پوءِ لارا هنن کي الف کان وٺي ي تائين سڀڪجهه ٻڌائي ڇڏيو.


”ڇا تو ان چور جو چهرو ڏٺو هو؟“


”جي نه هن پنهنجو چهرو نقاب سان ڍڪي رکيو هو، پر جيڪڏهن هو ٻيهر نقاب ۾ منهنجي اڳيان آيو ته مان هن کي سڃاڻي وٺنديس.“


سارجنٽ ليفٽننٽ ڏانهن ڏٺو پوءِ هن کان پڇيائين.


”اهو ڪيئن!؟“


”ڇو ته مون هن جون اکيون ڏٺيون هيون، هن جي اکين جو رنگ گهرو نيرو هو، اهڙيون اکيون گهٽ مردن جون هونديون آهن، پر جن جون هونديون آهن اهي گهڻي عرصي تائين وسري نه سگهندا آهن، جيمس جون اکيون ڏسو ڪيڏيون نه ڀوائتيون آهن. پر ان چور جي اکين کي ڏسڻ کان پوءِ مون سوچيو آهي ته هن کي اهڙيون ڪانٽيڪٽ لينسز وٺي ڏيندس پوءِ هن جون به اکيون ڏسڻ وٽان ٿي وينديون.“


”اهو قد ڪاٺ ۾ ڪيئن هو؟“


”اهو قد ڪاٺ ۾ جيمس سان ملندڙ جلندڙ هو.“


”ته پوءِ جڏهن اهو نقاب پوش گهر ۾ داخل ٿيو هوندو ته تو هن کي جيمس سمجهيو هوندو؟“


”نه ڇو ته ان ڪميڻي منهنجي ماءُ تي هٿيار تاڻيو هو ۽ جيمس کي ايتري همت نه ٿيندي جو هو ائين ڪري.“


”ڳالهين مان ته تون هڪ ذهين عورت ٿي لڳين، مون کي اهڙيون ئي عورتون پسند آهن، ڏس نه ڪيئن پهرين نظر ۾ سمجهي وئين ته اهو شخص تنهنجو مڙس نه پر هڪ چور هو ........“


ليفٽننٽ کنگهار ڪئي.


”سارجنٽ تون ڪم جي باري ۾ سوال ڪر اسان جو وقت قيمتي آهي.“


”جي سر! لارا تون ٻڌايو ته جڏهن چور اندر داخل ٿيو هو تون ڪچن ۾ هئينءَ، اتي تون ڇا ڪري رهي هئين؟“


”ڪچن ۾ هيس ته ظاهر آهي، ڊنر تيار ڪري رهي هيس، ڪچن ۾ ڪپڙا ته ڪانه ڌوئي رهي هيس، يا وري ڪا راند کيڏي رهي هيس ........“


”ان چور ڪهڙا ڪپڙا پاتا هئا؟“ ليفٽنٽ لارا کان پڇيو.


”منهنجي خيال ۾ ڪاري رنگ جا هئا، نه شايد ناسي، نه پر هن جو نقاب ڪاري رنگ جو هو، مون هن جي ڪپڙن تي گهڻو ڌيان ڪانه ڏنو هو، پر مون کي ايترو ضرور ياد آهي ته هن جي ڪپڙن جو رنگ هن جي نقاب جي رنگ سان ملندڙ جلندڙ هو.“


”هن ڪهڙي قسم جو هٿيار استعمال ڪيو هو؟“


”مون هن کي هٿيار استعمال ڪرڻ جو موقعو ڪانه ڏنو هو ڇو ته هن جيئن چيو هو مون تيئن ڪيو هو.“


”تون هڪ پرائيويٽ جاسوس جي زال آهين، تو اڪثر ڪافي هٿيار ڏٺا هوندا، ڪجهه ذهن تي زور ڏيئي ته تو ڪنهن به لمحي تو هن جي هٿيار ڏانهن غور ڪيو هوندو، ڇو ته هن ڪيئي ڀيرا تنهنجي طرف ۽ تنهنجي ماءُ جي طرف اهو هٿيار گهمائي توهان ٻنهي کي ڌ مڪائي رهيو هو ۽ تو پاڻ ٻڌايو آهي ته تون هن جو هٿيار ڏسي ڊڄي ويئي هئينء، يا تون صرف ايترو ٻڌاءِ اهو هٿيار ننڍو هو يا وڏو؟“


”مون جيمس جي ڪم ۾ ڪڏهن به دلچسپي نه ورتي آهي، ۽ نه ڪڏهن هن جي هٿيارن کي غور سان جاچيو آهي، رهي ڳالهه ان چور جي ته ان جو هٿيار هن جي هٿ ۾ پورو اچي ويو هو.“


”ته پوءِ صاف چئه نه ته هن کي ننڍو هٿيار هو.“ جيڪسن ڪاوڙ ۾ چيو.


”ان جو مطلب کيس ريوالور يا پستول هو.“


”اهو ٻڌاءِ هن جي هٿيار ۾ آڱر وٽان گوليون ڦيرائڻ وارو ريوالو لڳل هو، يا اهو سخت ٿلهي ناليءَ وارو هو؟“


لارا کي هن جي ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي.


هن جي حيرانگي ڏسي سمٿ جلديءَ ۾ ور مان پستول ڪڍي ان جو چيمبر چاڙهي کيس ڏيکاريو.


”هن وٽ اهڙو هٿيار ته ڪانه هو؟“


”ها اهو ڪجهه ڪجهه ان قسم جو هٿيار هو.“


”مسٽر جيمس اسان پوري ڪوشش ڪنداسين ته توهان جو ڦر ٿيل مال توهان کي واپس ملي وڃي، جاچ ۾ مدد ڪرڻ جي مهرباني مسز جيمس!“


ٻئي پوليس وارا سندن گهر مان هليا ويا.


سارجنٽ اهو سوچي پريشان ٿي رهيو هو ته ليفٽنٽ هن واردات جي جاچ ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيندو، هوُ جيستائين ڦورو کي گرفتار ڪري اندر نه ڪندو تيستائين سک جو ساهه نه کڻندو ۽ هن اهو سڀ نه ٿي چاهيو، ڇو ته ان سان هن جو کائڻ پيئڻ ۽ سمهڻ متاثر ٿي رهيو هو، پر ليفٽننٽ ڪجهه ڪانه ڪيو ۽ پوليس اسٽيشن اچي هٿ تي هٿ ڏيئي ويهي رهيو، تڏهن هن به ٿڌو ساهه کنيو.


ٻي رات هڪ ٻيو واقعو پيش آيو، پوليس اسٽيشن کان ٿورو ئي پري هڪ اليڪٽرانڪس جي دڪان مان ڦر ٿي ويئي، جڏهن کين فون تي ڦر جو اطلاع مليو ته ٻئي ڄڻا واردات واري جاءِ ڏانهن روانا ٿي ويا.


اهو هڪ وڏو اليڪٽرانڪس جو دڪان هو، دڪان مالڪ جيئن ئي هڪ نقاب پوش کي هٿيار سميت دڪان اندرداخل ٿيندي ڏٺو ته هن فوراََ رموٽ جي ذريعي دڪان جو دروازو لاڪ ڪري ڇڏيو پر تنهن هوندي به هو شيشو ٽوڙي اندر داخل ٿيو ۽ دڪان مالڪ کي پستول ڏيکاري رقم ڏيڻ جو حڪم ڏنو، پر دڪان مالڪ هن سان مزاحمت جو فيصلو ڪيو، هن سمجهيو هو ته ٿي سگهي ٿو ته هن جو هٿيار خالي هجي ۽ هو خالي هٿيار ڏيکاري مون کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪندو هجي، تڏهن چور جيئن ئي سندس ڀرسان آيو، هن پوري طاقت سان هن جي پيٽ ۾ مڪ وهائي ڪڍي، هو ٻِٽو ٿي ويو، پوءِ دڪان مالڪ کيس ڪک تي لت هنئين، هو منهن ڀر هيٺ فرش تي ڪري پيو، پر ٻيهر جڏهن هو هن جي ويجهو ويو ته ان ڦورو گولي هلائي، جيڪا هن جي ٻانهن وٽان گذري هڪ هاءِ فاءِ جي اسپيڪر ۾ گهڙي ويئي، هو پوئتي ٿي ويو ۽ ڪائونٽر مان سڀ رقم ڪڍي هن جي حوالي ڪري ڇڏي، پوءِ اهو ڦورو اتان فرار ٿي ويو.


ٻئي پوليس وارا ويهن منٽن کان پوءِ اتي پهتا.


ليفٽننٽ دڪان مالڪ کان جاچ جا مکيه سوال پڇي، معلومات نوٽ ڪري هن جو جائزو ورتو.


”سارجنٽ سمٿ چور وڏو شاطر آهي، ٻي رات ۾ سندس هيءَ ٻي واردات آهي، کيس هينئر ئي نه روڪيو ويو ته هو اڳتي هلي اسان جي لاءِ مٿي جو سور بڻجي ويندو.“


سمٿ کي تعجب ٿيو، ليفٽننٽ جي مطابق اهي ٻئي ڦُرون ڪنهن هڪ شخص ڪيون هيون!


”سر اهو ڪيئن ممڪن آهي؟“


”ممڪن آهي سارجنٽ هن دڪان جي مالڪ جيڪو ڪجهه ٻڌايو آهي، اهو ٻڌي مون کي ٻنهي وارداتن جو اندازو ٿي ويو آهي، اهو ڦورو پوري طرح تربيت يافته آهي، جيئن اسان هڪ ئي ڏينهن ۾ ڪيترين ئي ڪيسن جي جاچ ڪندا آهيون، تيئن هي چور به هڪ ئي رات ۾ هڪ کان وڌيڪ چوريون ڪري سگهي ٿو، پر هو هينئر منهنجي نظر ۾ اچي ويو آهي، هو منهنجي گرفت کان گهڻو پري نه آهي، تنهنجو ڇا خيال آهي؟“


”سر منهنجي خيال ۾ انهن ٻنهي ڦرن ۾ ڪابه هڪجهڙائي ڪانه آهي، ان گهر واري واردات ۾ ۽ هن دڪان واري واردات ۾ تمام گهڻو فرق آهي، اهو هي آهي ته هي هڪ اليڪٽرانڪس جو دڪان آهي ۽ اهو هڪ پرائيويٽ جاسوس جو گهر هو، ان گهر ۾ ڦورو ڇت جي رستي اندر داخل ٿيو هو ۽ هن دڪان ۾ شيشي جو دروازو ٽوڙي داخل ٿيو، اهي ٻئي وارداتون تڏهن هڪ جهڙيون سمجهيون وڃن ها جڏهن ٻنهي ۾ ساڳيو طريقو استعمال ڪيو وڃي هان.“


”پر مون کي پوءِ به يقين آهي، خير تو کي اڳتي هلي خبر پئجي ويندي!“


”ڪيتري رقم هئي مسٽر ڊيوسن!“ سمٿ هن کان پڇيو.


”توکي هن جي نالي جي ڪيئن خبر پئي؟“


”اهو ........ ڪالهه مان هتي آيو هيس، هن سان ڪافي سٺي گفتگو ٿي هئي، تقريبن ويهه منٽ کن مان هتي هئي هئس، دراصل مان هڪ آءِ پوڊ وٺڻ چاهي رهيو هيس، ان جي مسٽر ڊيوسن کان قيمت پڇڻ آيو هيس، تڏهن ئي هن مون کي پنهنجو نالو ٻڌايو هو.“


”توهان هن جي سوال جو جواب ڏيو مسٽر ڊيوسن.“


”تقريبن ٻارنهن هزار ڊالر هئي.“


”ايتري رقم هن دڪان ۾ رکڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟“


”ضرورت ان لاءِ هئي جو هفتي ۾ ڪهڙي به ڏينهن هتان نيلامي سامان وڪڻڻ واري ٽرڪ گذرندي آهي، ان ۾ تمام سستو ۽ ڪڏهن ڪڏهن نئون سامان به ملي ويندو آهي، مون کي جيڪو سامان سٺو لڳندو آهي ته فوراََ اهو خريد ڪري وٺندو آهيان، مون کي پنهنجن ڏورن تي پورو ڀروسو آهي، مون هن ڦورو تي زبردست حملو به ڪيو هو، منهنجو هنيل ٺونشو، هُو زندگي ڀر نه ويساري سگهندو، اهو ته ان ڪمبخت وٽ پستول هو، جنهن سان هن مون کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو نه ته هن کي اڃان به چڱو سبق سيکاريان ها ۽ ٻيو ته هي سارجنٽ به ته آيو هو ۽ هن پنهنجي ڊپارٽمينٽ جي ڪارڪردگي بابت ڪافي ڊاڙون هنيون هيون، هن چيو هو ته هي علائقو تمام محفوظ آهي، هتي چوري يا ڦر جو ڪوبه ڊڄ ڪانه آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته هتان کان پوليس اسٽيشن به بلڪل ويجهي آهي، هتي جيڪڏهن ڪو واقعو پيش آيو به ته پوليس فوراََ پهچي ويندي.“


”تون ائين ڇو چيو سمٿ؟“


”سر مون غلط به چا چيو، ڏسو نه گذريل ڪيترن ئي مهينن کان هتي ڪابه واردات ڪانه ٿي آهي، ڇو ته سڀني کي خبر آهي ته هتان کان پوليس اسٽيشن ويجهي آهي.“


”ائين نه آهي سارجنٽ! چوري ته پوليس اسٽيشن مان به ٿي سگهي ٿي، تو هڪ غير زميوارانه حرڪت ڪئي آهي، ڪٿي تون ان چور سان ته مليل نه آهي؟“


سارجنٽ جي چهري جو رنگ اڏامي ويو.


”سر توهان اهو ڇا چئي رهيا آهيو؟“


”تون ايترو گهٻرايل ڇو آهين، مون کي لڳي ٿو ته تون ڪجهه لڪائي رهيو آهين.“


”مان ڪجهه به نه لڪائي رهيو آهيان، توهان جو اهو شڪ اجايو آهي.“


”منهنجي شڪ ڪرڻ جو سبب اهو آهي ته جڏهن اسان کي ڊنر بريڪ هوندو آهي ته تون غائب ٿي ويندو آهين، ڇا تون ٻڌائي سگهين ٿو ان وقت تون ڪيڏانهن ويندو هئين، ۽ هنن ٻنهي وارداتن ۾ اها ئي هڪجهڙائي آهي ته ٻئي ڦرون ٺيڪ اٺين وڳي ٿيون آهن.“


”مان ٺيڪ اٺين وڳي پوليس اسٽيشن کان ٻاهر ان لاءِ ويو  هيس ته مون کي هڪ ضروري ڪم هو.“


”ڪهڙو ڪم!“


ليفٽننٽ جي آڏي پڇا تي هن جي چهري تي گهٻراهٽ صاف ظاهر ٿي رهي هئي.


”مان پنهنجي گرل فرينڊ جي طرف ويو هيس.“


”ڇا اها ئي گرل فرينڊ جيڪا هن وقت شڪاگو ۾ موجود آهي، تون جيڪڏهن بي قصور آهين ته پوءِ ڪوڙ ڇو ڳالهائي رهيو آهين؟“


ليفٽننٽ کي اڳ ئي هن تي شڪ هو، هينئر اهو شڪ يقين ۾ بدلجي ويو.


سمٿ خاموش رهيو.


”تون اٺين وڳي پنهنجي گرل فرينڊ سان ملڻ لاءِ نه پر ڦر ڪرڻ لاءِ ويندو آهين، ۽ اهو ڦورو ڪو ٻيو نه پر تون آهين!“


”سر توهان جيڪو به چئو پر مون کي چور ثابت نه ٿا ڪري سگهو.“


”توکي چور ثابت ڪرڻ لاءِ مون وٽ ثبوت آهي سارجنٽ!“ ائين چئي ليفٽننٽ سٽ ڏيئي هن جي وَر مان پستول ڪڍي ورتو.


”پهريون ثبوت هي هٿيار جنهن کي تو ٻنهي وارداتن ۾ استعمال ڪيو هو.“ پوءِ ليفٽننٽ دڪان مالڪ کي پستول ڏيکاريندي پڇيو.


”ڇا ڦورو وٽ اهڙو هٿيار هو؟“


”جي ها بلڪل ڦوروء انهي هٿيار سان مون تي گولي هلائي هئي.“


”اها گولي ڪٿي لڳي هئي؟“


پوءِ ڊيوسن هڪ هاءِ فاءِ جي اسپيڪر ۾ لڳل گولي جو خول ڪڍي ليفٽننٽ کي ڏنو، ليفٽننٽ پستول جي ميگزين ڪڍيو. جنهن ۾ پنج گوليون پيون هيون، جڏهن ته ان مان هڪ گولي فائر ٿيل هئي، جنهن جو خول هن جي هٿ ۾ هو. ان گولي جي ساخت بلڪل ساڳي هئي.


”ليفٽننٽ مون وٽ به هڪ ثبوت آهي!“


”ڪهڙو ثبوت مسٽر ڊيوسن!؟“


”ان ڦورو جي اچڻ کان اڳ مان هڪ ٽيپ رڪارڊر کي چيڪ ڪري رهيو هيس، ان ۾ آواز رڪارڊ نه پئي ٿيو، پوءِ جيئن ئي ڦورو اندر آيو ان وقت اهو رڪارڊ ڪرڻ شروع ٿي ويو، مان سمجهان ٿو ان ۾ ضرور ڦورو جو آواز ريڪارڊ ٿي ويو هوندو.“


پوءِ هن هڪ ٽيپ رڪارڊر آن ڪيو.


ان ٽيپ رڪارڊر ۾ اها گفتگو هلي رهي هئي جيڪا ڊيوسن ۽ ڦورو جي وچ ۾ ٿي هئي.


”سارجنٽ سمٿ! تون هڪ ڦورو آهين، توکي پنهنجي قينچي وانگر هلندڙ زبان تي وڏو ناز آهي، تون ان کي ڪٿي به ڪنهن به هنڌ دل کولي استعمال ڪندو آهين، پر شايد توکي اها ڄاڻ نه هئي ته اها ئي زبان تنهنجي لاءِ ڦندو ثابت ٿيندي.“


”ٺيڪ آهي هي ڦر مون ڪئي آهي.“ سمٿ چيو ”پر اها گهر واري ڦر مون نه ڪئي آهي.“

  
”تون سمجهين ٿو ته اها ڦر تو وڏي مهارت سان ڪئي آهي ۽ ان ۾ ڪابه غلطي ڪانه ڪئي هئي، ۽ ڪنهن به قسم جو ثبوت ڪانه ڇڏيو آهي ته تون غلط ٿو سوچين، تنهنجي اها ڪوشش پوري طرح ڪامياب سڏجي هان جو تون اها واردات خاموشيءَ سان ڪرين هان ۽ ڪوبه آواز نه ڪڍين هان، توکي شايد ڄاڻ نه هئي، مان انهن جي گهر ٻيهر ويو هيس ۽ اتي وڃي مون کي خبر پئي ته جنهن وقت تون ان گهر ۾ داخل ٿيو هئين ته ان وقت لارا جي ماءُ ڪنهن کي فون ڪري رهي هئي، توکي ڏسي هوءَ ڊڄي ويئي هئي، تنهن ڪري هن جي هٿ مان فون جو رسيور ڇڏائجي ويو، هن جنهن کي فون ڪئي هئي، ان جي اينسرنگ مشين ۾ واردات دوران ٿيل گفتگو ريڪارڊ ٿي ويئي، ان جي ٽيپ مون وٽ آهي ۽ ان ۾ صاف طور تي تنهنجو آواز آهي.

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت