Posts

Showing posts from October, 2018

Chapter 4: Short Horror Story Written By A. R Qasmani

Image
Chapter 4:  Ellie was not feeling good but still she gets up from the bed and gets ready for the class because what happened earlier with her sister she doesn’t wanna miss any information regarding to the cause of the fire in class and how the horror  games started that’s why she gets ready and went to class. When she reached the class,she quickly noticed that there were two classmates that were absent.she looked around the class and she quickly realized that her friend Noah and bella were missing.After the class ellie ran towards there room in order to check that whether they are ill or it is another reason?she first reached noah’s room where she can’t find him.She started to feel worry.She ran to bella’s room and she didn’t find her also but there roommates were present but they know nothing where they are? Ellie started to feel very worried.the thoughts that were going round in ellie’s mind was are they trapped or are they just like him yesterday…..no! She said to hersel

لمحن جي راند - راجا عمران ابڙو

Image
رات جا ڏهه وڄي رهيا هئا، هر طرف اوندهه جو راڄ هو، هو آفيس کان ٿڪل قدمن سان واپس پنهنجي هوٽل جي ڪمري ڏانهن وڃي رهيو هو، هو هڪ نجي ڪمپني جو غيرمستقل ملازم هو، هن کي ٻين ملازمن وانگر گهر، گاڏي ۽ ٻيون ڪي به سهولتون حاصل ڪانه هيون، هن کي ڪم جي سلسلي ۾ هر هفتي ڪنهن نئين هنڌ وڃڻو پوندو هو، تنهن ڪري هو پنهنجو گهر وٺڻ بجاءِ ڪنهن هوٽل ۾ رهڻ پسند ڪندو هو، اهو سندس هن شهر ۾ پنجون ڏينهن هو . هو فٽ پاٿ تان وڃي رهيو هو ته هن ڪنهن جون رڙيون ٻڌي ان طرف ڏٺو، هن کي گرجا گهر جي سامهون واري اونداهي گهٽي ۾ ٻه شخص پاڻ ۾ هاٿا پائي ڪندي نظر آيا، ان گهٽي جي ٿورو پري هڪ بجلي جي ٿنڀي تي لڳل اسٽريٽ لائيٽ جي روشني ٻنهي تي پئجي رهي هئي. ان لاءِ ٻنهي جا جسم ضرور ظاهر ٿي رهيا هئا، پر ٻنهي جا چهرا صاف نظر نه اچي رهيا هئا، اهي ٻئي بي درديءَ سان هڪ ٻئي تي لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي رهيا هئا، ٻنهي ڄڻن مان هڪ هيٺ ليٽيل هو، ۽ ٻيو سندس مٿان چڙهي کيس ٺونشا هڻي رهيو هو . جمي ٿورو اڳتي وڌيو ۽ ٻنهي کان نظرون بچائيندي هڪ ڪار جي اوٽ ۾ بيهي انهن کي ڏسڻ لڳو . اوچتو هيٺ ليٽيل شخص ٽنگ ۾ ٻڌل چاقو ڪڍي مٿئين شخص کي وه

ڌماڪو ڊاٽ ڪام - راجه عمران ابڙو

Image
بخشو پنهنجي اسسٽنٽ ريئو جي منهن ۾ زوردار ٿڦڙ هڻي ڪڍي، ريئو جي اکين اڳيان، تارا نچي ويا هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ڪنهن سندس منهن تي ڌمڪ هڻي ڪڍيو هجي، ٻن منٽن کان پوءِ سندس اکين جي روشني بحال ٿي ۽ دماغ ۾ سوجهرو ٿي ويس . ” باس مون ڇا ڪيو؟“ هن منهن خراب ڪندي بخشوءَ کان پڇيو . ” ڪا ڳالهه ناهي ريئو، توکي مون ٿڦڙ ائين ئي خوشيءَ مان هنئين .“ ” باس توهان جو هٿ آهي يا لوهار جو هٿوڙو .“ ” اڄ مان بيحد خوش آهيان، ڪجهه به ڪري سگهان ٿو، اڄ کان پوءِ مان امير ٿيڻ وارو آهيان .“ ” ڪم ٿيڻ جي صورت ۾ .“ ” ها اهو ئي ته ڪرڻ وڃي رهيا آهيون.“ بخشو ٽهڪ ڏيندي چيو . هو پنهنجي باس طرفان ڏنل هڪ اسائنمينٽ مڪمل ڪرڻ وڃي رهيا هئا، اهو هڪ خطري وارو ڪم هو. هنن جي باس اهو ڪم خوش اسلوبيءَ سان مڪمل ڪرڻ جي صورت ۾ کين جهجها ڏوڪڙ ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو، ايڊوانس طور انهن کي اها 1936ع جي ماڊل جي ڪار ڏني هئي، جيڪا انهن کي واردات ۾ به استعمال ڪرڻي هئي، ان جو نالو ڪيڊي لڪ هو، پر ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪيڊي لڪ جي خوبي نه هئي . هڪ وڏي ٽبيل پويان ننڍي ڪرسيءَ ۾ ڦاٿل ٿلهي بدن وارو باس چهري جي رنگ