جنرل ھوش محمد شيدي صفحو 1

سنڌ جا سپوت
جنرل ھوش محمد شيدي
مر ويسون مر ويسون، سنڌ نه ڏيسون.
ترتيب:
عبدالقيوم لطيفي (م) نوناري ٺلائي


·       ھوشوءَ سنڌي سپاھين کي سورھيه ٿي سوڀ حاصل ڪرڻ لاءِ ھمٿائيندو رھيو.
·       ھوشو گجندو رھيو ته دشمن کي ختم ڪرڻ لاءِ گڏجي حملا ڪريو.
·       ھوشوءَ، سنڌ ديس تي پنھنجو ساھ صدقو ڪيو.
·       ھوشو ھڪ سو ساٿين سميت پوين پساھن تائين وڙھندو رھيو، پر ھڪ انچ پوئتي ھٽڻ لاءِ تيار نه ٿيو.

جنرل ھوش محمد جي ابتداء جي باري ۾ ٿورو گھڻو انگريزن پنھنجي ڪتابن ۾ جيڪي ڪجھ لکيو آھي اھو ئي ھوشوءَ بابت معلومات جو اسان لاءِ بنيادي ذريعو يا وسيلو آھي. اسان جي محققن جيڪو ڪجھ ھوشوءَ بابت لکيو آھي، اھو به فقط انگريزن جي ڪتابن ۾ ٿوري گھڻي ذڪر جي حوالي سان آھي. ھوشوءَ جي حياتيءَ جو باقاعده احوال ڪٿي به نٿو ملي. محققن ان ڏس ۾ فقط ڪجھ اندازا ئي لڳايا آھن.
ھوشوءَ جي حياتي ڪيئن به گذري ھجي، پر ان حقيقت کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگھي ته ھوشو ھڪ ذھين شخص ھو، جيڪو پنھنجي فوجي ذھانت جي ڪري انگريزن جي حواسن تي ڇانيل ھو. سندس ئي حڪمت عمليون ھيون، جن تحت جنگ ڪئي وئي. ان ڪري ئي انگريز، پنھنجي ڪتابن ۾ ھوشوءَ جو ذڪر ذھين فوجي مھارت رکندڙ جي حيثيت ۾ ڪن ٿا.
انسانن جو وڪرو اڄ به ٿئي ٿو، پر اندازاً ٻه سو سال اڳ تائين اھڙو زمانو ھو، انسان ھٿان انسان جو کلي عام وڪرو ٿيندو ھو. ھڪڙا انسان، ٻين انسانن کي قبضي ۾ ڪري انھن جو ڪاروبار ڪندا ھئا. جن ۾ رڍن ۽ ٻڪرين وانگر، انسانن جي اگھن جي ٻولي لڳندي ھئي.
انسانن جو ڪاروبار ڪندڙ، وڏا سامونڊي ٻيڙا ڪاھي نڪري پوندا ھئا ۽ ڪنھن ٻڌل زمين جي ڳولا ڪندي، نيٺ وڃي اتي لنگر کوڙي، اتان جي بيوس ماڻھن کي طاقت جي زور تي پڪڙي، ڍورن ڍڳن وانگر ھڪلي، جھاز ڀري، دنيا جي مختلف ملڪن ۾ بازاريون لڳائي، کين ٽڪن تي کپائي ڇڏيندا ھئا. ان زماني ۾ غلامن جي واپار کي قانوني حيثيت حاصل ھئي. غلام وڪرو ٿيڻ کانپوءِ، ڪنھن جا ذاتي نوڪر ٿيندا ھئا، ته ڪي سخت محنت واري پورھي تي لڳايا ويندا ھئا. پئسي وارن ماڻھن لاءِ پگھار تي نوڪر رکڻ بدران غلام خريد ڪري ڪم تي لڳائڻ وڌيڪ فائديمند ثابت ٿيندو ھو. جيڪي غلام پنھنجي ڪم ۾ ھوشيار، ذھانت ۽ وفاداري ڏيکاريندا ھئا، انھن جا اگھ به وڌيڪ ورتا ويندا ھئا.
آفريڪا، اھو اونداھو ۽ اڻ ڏٺل کنڊ ھو، جتان جا رھوسي، وڌ ۾ وڌ غلاميءَ جو شڪار ٿيا. آفريڪا جي گھڻن ملڪن کي ته مس ڏھـ ويھ سال اڳ غلاميءَ مان ڇوٽڪارو مليو آھي، جڏھن ته ڏکڻ آفريڪا اڃا تائين گورن باشندن جي قبضي ۾ آھي. قديم زماني ۾، جڏھن باقي دنيا جا ڪاروباري ماڻھو، غوراب ڪاھي، آفريڪا پھتا ھئا ته کين ڪارا انگ اُگھاڙا جانٺا جوان، غلاميءَ لاءِ ڏاڍا مناسب لڳا.
يورپ، ايشيا ۽ آمريڪا غلامن جون وڏيون مارڪيٽون ھيون. اڄ اتي جيڪي شيدي نسل جا ماڻھو ڏسڻ ۾ اچن ٿا، انھن جي ابن ڏاڏن کي، مھذب سڏائيندڙ دنيا وارن غلام بنائي اتي آندو ھو. اڄ انھن جو نسل، اھڙن ملڪن جي آباديءَ ۾ سمائجي ويو آھي. ڪارا انسان، پنھنجي صلاحيتن جي ڪري، زندگيءَ جي ھر شعبي ۾ اڳتي وڌي ويا آھن. موسيقي، اداڪاري، سياست، واپار، فوج  ۽ ٻين شعبن ۾، سندن شاندار ڪردار رھيو آھي. اڄ آمريڪا جي فوج توڙي پوليس ۾ شيدي، جن کي اتي نيگرو سڏيو وڃي ٿو، اھم عھدن تي فائز آھي. ويجھڙائيءَ ۾ ھڪ شيدي، آمريڪي سياست ۾ ايترو اُڀريو، جو کيس صدارتي اميداوار بڻايو ويو. باڪسنگ جو اڳوڻو عالمي چئمپين محمد علي ڪلي به شيدي ھو ۽ ھاڻي به باڪسنگ راند ۾ شيدي ڇانيل آھن. موجودھ آمريڪا جو اڳوڻو وزير ڪولن پاول موجود وزير خارجه مس ڪونڊا رائس ڪارن سان تعلق رکن ٿا.


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت