شيخ اياز



شيخ اياز 2 مارچ 1923ع  تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. سندس پورو نالو شيخ مبارڪ علي ھو. شيخ اياز موجوده دور جو اھم ۽ وڏو شاعر ھو. ھن جديد سنڌي شاعريءَ کي نئون لھجو ۽ نئون اسلوب عطا ڪيو. ھن نون سالن جي عمر ۾ پھريون پڪو پختو نظم لکيو ۽ تڏھن کان ھو لڳاتار لکندو رھيو. شاعريءَ ۾ ھن جو رنگ يڪتا آھي. ھن نه رڳو گھڻو پر سٺو لکيو آھي. ھن کي نثر توڙي نظم تي ھڪ جيتري دسترس حاصل ھئي.

شيخ اياز جا ٽيھارو کن مجموعا ڇپجي چڪا آھن. ھو ڳچ عرصو سکر ۾ رھيو. جتي ھو ھاءِ ڪورٽ جو ھڪ ڪامياب وڪيل ھو. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر پڻ رھيو. ان کان پوءِ ھو مستقل طور تي ڪراچيءَ ۾ رھائش پذير ٿيو ۽ اتي ئي تاريخ 28 ڊسمبر 1997ع  تي وفات ڪيائين. سندس آخري آرامگاھ ڀٽ شاھ ۾ آھي.

شيخ اياز پنهنجي نثري نظم ۾ چوي ٿو:


آءُ لکان ٿو
آرھڙ جو آڪاس ٻري ٿو،
ڪانگ لنوي ٿو ڪنڊيءَ تي،
نيٺ ته ڌرتي،
ويس وسڻ جا پائيندي،
لوسڻ جيئن لھرائيندي!
لوء لڳي ٿي،
آءُ لکان ٿو!

اونهاري ۾ جڏھن آسمان مان الا پئي نڪتا! ان وقت ڪانگ کي ڪنهن به قسم جي ڪابه تڪليف ڪانه ھئي، بلڪ اھو ڪنڊيءَ جي وڻ (جيڪو ڇڊو ٿيندو آھي) تي ويھي مٺيون مٺيون ٻوليون ٻولي رھيو ھو. نيٺ ته زمين وسڻ جا ويس پائيندي ۽ لوسڻ وانگي لھرائيندي (مينهن پوڻ کان پوءِ سڄي زمين سبز ۽ سائي ٿي ويندي ۽ گاھ پيا لھرائيندا) شيخ صاحب چوي ٿو لڪ لڳي پئي پر آئون لکان پيو (سردي ۽ گرميءَ کي نٿو ڏسان!)

شيخ اياز پنهنجي نثري نظم ۾ چوي ٿو:

لکندي لکندي سج لھي ٿو،
جڳ چڙھي ٿو جنڊيءَ تي  ـ
رات اچي ٿي،
گھر گھر ۾ ڏيئا ٽمڪن ٿا
جن ۾ سپنا جھمڪن ٿا
ننڊ اچي ٿي،
آءُ لکان ٿو!

آئون سڄو ڏينهن لکان ٿو ۽ لکندي لکندي سج لھي ٿو وڃي ۽ پوءِ سڄو جڳ جنڊيءَ تي چڙھي ٿو ۽ رات ٿي اچي. گھرن ۾ ڏيئا ٻرن ٿا ۽ ھر گھر ۾ خواب لوڏا ۽ لامارا ڏين ٿا. مون کي پڻ ننڊ اچي ٿي، پر آئون لکان ٿو.


Comments

  1. شيخ اياز صاحب جي ڄمڻ جي تاريخ 2 مارچ 1923 آ ھي, اوھان 3 مارچ لکي آھي, مهرباني ڪري درستگي ڪندا

    ReplyDelete
  2. Replies
    1. Thank you Sir - Please help us to improve Digital Sindh Smart People

      Delete

Post a Comment

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت