محمد صديق ”مسافر“



محمد صديق ”مسافر“ ولد گلاب خان 1879ع ۾ ٽنڊي باگي ۾ ڄائو. پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات پرائمري اسڪول ۾ ماستريءَ کان ڪيائين. ان وچ ۾ ڪجھ عرصو لارينس مدرسي جو ھيڊ ماستر پڻ رھيو. 1934ع ۾ سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جو مئنيجنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر ٿيو. ”اخبار تعليم“ جو ايڊيٽر پڻ رھيو. شاعر، نقاد، نثر نويس ۽ پنهنجي دور جو بهترين استاد ھو. ھن ٻارن لاءِ به نثر ۽ نظم ۾ گھڻو لکيو ھو. 41 ڪتابن جو مصنف ھو. سن 1961ع ۾ وفات ڪيائين.

محمد صديق ”مسافر“ چوي ٿو:

خدا جا بندا خدا خدا ڪر

نه رھ پيٽ جو ٿي چاڪر، ڌيان دل جو ڪو تون ادا ڪر،
اٻوجھ اڀرن تي ڪا نظر ڪر، خدا جا بندا خدا خدا ڪر.
خدا جا بندا خدا خدا ڪر.

اي انسان تون رڳو پيٽ جو پوڄاري نه ٿي. رات ڏينهن پيٽ جي پوڄا ۾ لڳو پيو آھين ٻي طرف به ڌيان ڌر يعني دل ڏانهن به ڌيان ڏي ته ھوءَ توکي ڇا ٿي چوي! اٻوجھن ۽ اڻڄائن ۽ اڀرن تي به ڪا ڪھل ڪر! ڇو ته انهن ماڻھن جي خدمت ڪرڻ سان الله تعاليٰ راضي ٿئي ٿو. اي الله جا بندا الله الله ڪر.

ڏني جا ڏاتر اٿئي حياتي، تو خواب غفلت جي لي ء ساڄاتي،
اھا حياتي ٿي ڄڻ مماتي، نظر کان عبرت سندي صفا ڪر،
خدا جا بندا خدا خدا ڪر

اي انسان توکي رب رحيم جيڪا حياتي عطا ڪئي آھي، تنهن کي تو خواب غفلت ۾ ڄاتو آھي پر اھا حياتي نه آھي بلڪ اھو ته ھڪ قسم جو موت آھي، ان ڪري اي انسان پنهنجون اکيون کول ۽ ننڊ مان سجاڳ ٿي. اي الله جا بندا الله الله ڪر.

خدا ڏني توکي سمجھ صحت، ته قوم جي ڪر دل سان خدمت،
عطا ٿيل جي ھجئي لياقت، ته خدمت خلق ۾ ادا ڪر.
خدا جا بندا خدا خدا ڪر.

اي انسان جيڪڏھن تو کي الله تعاليٰ سمجھھ به ڏني آھي ۽ صحت به سلامت آھي ته اٿ ۽ اٿي ھن قوم جي خدمت ڪر ۽ جيڪڏھن تو ۾ لياقت ۽ قابليت آھي ھن ڏتڙيل ماڻھن جي خدمت ڪر. اي الله جا بندا الله الله ڪر.

جھان ڄاڻين ٿو آھ فاني، جتي نه ننڍپڻ نه ڪي جواني،
دنيا ۾ ڪا نيڪ ڇڏ نشاني، تون حب حق جي کي رھنما ڪر.
خدا جا بندا خدا خدا ڪر.

اي انسان توکي پوري پروڙ آھي ته ھيءَ دنيا فاني آھي، جڏھن الله کي ضرورت پوي ٿي ته ھو ننڍي کي گھرائي وٺي ٿو ۽ جوان کي به ان ڪري ڪو اھڙو ڪم ڪري وڃ جو توکي مرڻ کان پوءِ به ياد ڪيو وڃي. تون حق جي حب کي پنهنجو رھبر بڻاءِ. اي الله جا بندا الله الله ڪر


وڏن جي ايندئي نه ڪم وڏائي، مگر لياقت جا تو پرائي،
اندر صداقت رکي صفائي. ڀلي مسافر تون پيو مزا ڪر.
خدا جا بندا خدا خدا ڪر.

اي انسان توکي وڏن ماڻھن واري وڏائي ھرگز ڪم نه ايندي، پر جيڪڏھن تو ۾ لياقت آھي جا تو وڏي محنت کان پوءِ حاصل ڪئي آھي ۽ جيڪڏھن تون سچائي سان اندر اجرو رکين ٿو ته پوءِ مسافر (انسان) ڀلي پيو مزا ڪر. اي الله جا بندا الله الله ڪر.


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت