انسانيت ھدايت جي تلاش ۾ - نور احمد لُنڊ - صفحو 1
انسانيت
ھدايت جي تلاش ۾
نور
احمد لُنڊ
صفحو 1
ڪائنات جي تعبير
جي حوالي سان عام طور تي فلسفي جون ٻه دنيائون آھن. ھڪ کي مادي ۽ ٻيءَ کي روحاني
دنيا چوندا آھن. مادي (Matter) ۽ روح يا شعور (Mind)
مان اوليت ڪنھن کي آھي، انھيءَ موضوع تي ھزارين سالن کان وٺي بحث جو سلسلو جاري آھي
پر انھيءَ بحث جي کُٽڻ جا اڃا تائين ڪي به امڪان نظر نه ٿا اچن. بلڪ ھر نئون
اڀريندڙ سج پاڻ سان گڏ نوان دليل ۽ نوان سبب کڻي اچي انھيءَ بحث کي اڃا به اڳتي
وڌائي ٿو. انھيءَ جي باوجود ته ماديت (Materialism) جديد سائنس جي شڪل اختيار ڪري ورتي آھي پر
ان ھوندي به ان اھا ھر سوال جو جواب ڏيڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آھي. ٻئي طرف وري روحانيت
کي جديد سائنس جي روشنيءَ ۾ ثابت ڪرڻ جون ڪوششون جاري آھن. ماديت پرست مادي
کي اوليت قرار ڏين ٿا. جيڪو مختلف شڪلين ۾
تبديل ٿيندو رھي ٿو. ماديت پرستن جي خيال موجب دنيا ۾ فقط (مادو) ۽ تبديل ٿيندو
رھي ٿو. ماديت پرستن جي خيال موجب دنيا ۾ فقط (مادو) ۽ (تبديلي) ٻه مستقل شيون آھن.
ان فڪر ھوندي به مادي جي حوالي سان جديد دور جا ڪي ناميارا علمدان ۽ سائنسدان ڪجھ
مختلف ۽ غور و فڪر ڏانھن مائل ڪندڙ نظرين سان سامھون آيا آھن جيئن آڪسفورڊ يونيورسٽي
(Oxford University) جي پروفيسر ٽرنر (Prof.
Turner)
صاحب جن جو خيال آھي ته (مادي جو تجزيو ڪندو وڃبو ته اھو آخر ۾ توانائي يا حرڪت آھي.
گويا مادي جو اصل غير مادي آھي). اھڙيءَ طرح مسٽر سر جيمز جينس چوي ٿو ته (مادي
ڪائنات لھرن کانسواءِ ڪجھ به نه آھي.) اھڙيءَ ئي قسم جو فڪر پروفيسر ريڊنگٽن (Prof. Redington) به ڏنو آھي جنھنجو چوڻ آھي ته (خود طبعي سائنسدان ھاڻي پنھنجي
خارجي دنيا جو تصور ڪجھ اھڙيءَ طرح پيش ڪري ٿو جنھن کي اسين باطني دنيا چوڻ تي
مجبور آھيون). عظيم سائنسدان آئين اسٽائن (Einstein) جو خيال آھي ته (مادو ڪو ٺوس ۽ جامع وجود نه
آھي بلڪ اھو چند مربوط حوادث يا منجمند خيالن جو مجموعو آھي، جنھن جو اصل حرڪت يا
توانائي آھي.)
مادي جي حوالي سان
سائنسدانن جو تجرباتي علم جنھن کي قرآن شريف (اڪتسابي علم) ڪوٺي ٿو، ارتقا ڪندي
انھيءَ درجي تي پتھو آھي پر تحقيق جو اھو ھنر اڃا جاري آھي. ٻئي طرف خيال پرست يا
روحانيت پرست مڪمل ھستي ۽ (ABSOLUTE) کي ازل کان ابد تائين قائم رھندڙ واحد ھستي
قرار ڏين ٿا جيڪو لکين ڪروڙين مختلف ۽ منفرد مظھرن ۽ نظارن ۾ ظاھر آھي ۽ اھي مظھر
۽ نظارا پڻ بدلجندا رھن ٿا.
اھڙيءَ طرح انسان
جي سوچ ڪائنات جي مرڪز بابت ٻن حصن ۾ ورھائجي وئي آھي. ماديت پرست عقل ۽ فقط عقل
جي بنياد تي اھو مرڪز ڳولڻ چاھين ٿا ۽ انھيءَ عمل ۾ مصروف به آھن. ھُو پنھنجي ان
تجرباتي عمل کي سائنس جو نالو ڏين ٿا. جڏھن ته خيال پرست ان مرڪز کي ھڪ اھڙي مڪمل
ھستي قرار ڏين ٿا جيڪا پاڻ شعور ۽ قوت آھي. ماديت ۽ روحانيت جي وچ ۾ جاري جھيڙي جو
بغور مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته مادي ۽ روحاني دنيائن تي ھلندڙ تڪرار جو
مرڪزي نقطو ڪائنات جي مرڪز جي تلاش آھي ۽ انھيءَ تڪرار ۽ تلاش ئي مختلف مذھبن،
فلسفن ۽ نظرين کي جنم ڏنو آھي. جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته معلوم ٿيندو ته ھڪ بنيادي (سچ ۽
حقيقت جي تلاش) جي ڪري جن مختلف مذھبي، سياسي ۽ اقتصادي سائنسي نظرين جنم ورتو آھي
تن سان اختلاف ته ڪري سگھجي ٿو پر انھيءَ حقيقت کان انڪار ناممڪن آھي ته انھن سڀني
مذھبن، فلسفن ۽ نظرين جي آڏو بنيادي مقصد انسانذات جي اصلاح ۽ فلاح ئي رھيو آھي.
پر ڪن مستقل مفاد سامراجي عنصرن پنھنجن سامراجي مفادن خاطر ھميشه ھر انسان دوست
مذھبي، سياسي، اقتصادي ۽ سائنسي فلسفي ۽ نظرئي کي تبديل ڪري پنھنجن سامراجي مستقل
مفادن خاطر ڪتب پئي آندو آھي.
Comments
Post a Comment